ڪنھن به ننڍي يا وڏي ليکڪ جي ذھني تخليق سان پڌرو ٿيندڙ ڪتاب پڙھڻ سولو آھي، بنسبت لکڻ جي ۽ وري ان لکت جي ذھني تخليقات کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تمام گھڻو ڏکيو مرحلو ٿئي ٿو. ان ڪري ڪتاب پڙھڻ لاءِ خريد ڪرڻ به گھرجن، جيئن ليکڪ جي شوق، جذبي ۽ ذھني سگھ ۾ اضافو ٿيندو رھي… ھڪ فنڪار کي ڪلام ڳائيندي يا اداڪاري ڪندي داد ملڻ وانگر ڪتاب يا ڪتابن جي لکارين کي به داد ۽ مڃتا ملڻ گھرجي. ان جا ڪتاب خريد ڪري پنھنجين يا ٻين جي لائبريرين ۾ تحفي طور ڏيڻ سان ھمت افزائي ٿي سگھي ٿي. اھڙو لاڙو اسان سنڌين ۾ گھٽ ٿو ڏسجي. جنھن طرف ڌيان ڏيندي ڪتابن جي خريداري سان ڪتاب شايع ٿيڻ ۾ اضافو ممڪن بڻجي سگھي ٿو. سنڌ جي ادبي توڙي تعليمي دنيا جي وسيع ميدانن تي ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ “محترم سائين زوار نقوي” جون ادبي ڪاوشون مٿڀريون ڏسجن ٿيون، جيڪو پنهنجي وس توڙي وت آھر اڌ صديءَ کان سنڌي ٻولي کي پنھنجي قلمي ۽ ذھني پورھئي سان وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ ۾ مبارڪ ھٿن سان ھٿ ونڊائيندو اچي.
سائين زوار نقوي کي لکڻ پڙھڻ جھڙو محبوبي ماحول پنھنجي گھر مان نصيب ٿيو جو سندس والد بزرگ، “سيد ويڌل شاھ جھانيان” خود ھڪ علم دوست شخصيت ٿي گذريا آھن. زوار سائين جو ڪتاب “ڳالھ ھڪ دور جي” جيڪو سندس مختلف موضوعن تي لکيل ڪالمن تي ٻڌل آھي، تنھن جي ھر ھڪ موضوع جي جدا جدا حيثيت ٿي ڏسجي. جن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت درڪار ھوندو. حيدرآباد جي ادبي، علمي، مذھبي، انساني روحاني دنيا ۾ زوار نقوي ھڪ برجستو شخص سمجھيو وڃي ٿو، سندس دوستي يار ويسي جو حلقو وسيع آھي، پر سندس اصولي فڪر ۽ مزاج سبب پاڻ ذاتي زندگي پنھنجي حساب ڪتاب سان گھارڻ کي اوليت ڏيندي ڏسجي ٿو. ساڻس روبرو گفتگو دوران لفظن جو استعمال سنڀالي ڪرڻ سان عافيت رھي سگھي ٿي.
ڳالھ ھڪ دور جي ڪتاب جي ڇپائي جو معيار بھتر لڳو، جڏھن ته ڪتاب جو بيڪ پيج اخباري دنيا جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ ادبي ۽ سياسي طور ڄاتل سڃاتل شخصيت جناب مدد علي سنڌي جو لکيل آھي جنھن ۾ نقوي صاحب جي زندگي جي خاڪو عاليشان انداز سان چٽيل آھي. اھڙيءَ ريت ڪتاب جي اندرئين پاسن کان سنڌي ٻولي ۽ ادب جا ناميارا اديب ۽ تجزيا ڪندڙن جا زوار نقوي جي شخصيت ادبي جاکوڙ ۽ تخليقن بابت شاندار اکرن ۾ ساراهه ڪئي آھي. انھن مانائتن ۾ نورالھديٰ شاھ، تاجل بيوس، تاج جويو، اياز لطيف پليجو، نصير ميمڻ، منظور سولنگي ۽ جاويد سوز هالائي شامل آھن.
ليکڪ زوار نقوي پنھنجي ھن ڪتاب جو “انتساب” عزت ڀري مشھوري ماڻيندڙ قانوندان، “جناب عشرت علي لوهار ايڊووڪيٽ” جي نانءُ ڪيو آھي. جيڪو سائين جن جي زندگيءَ ۾ مرھم طور ياد ڪيو وڃي ٿو. نقوي سائين جي ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب، “ڳالھ ھڪ دور جي” سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپرايل 272 صفحن تي مشتمل ڪارائتن موضوعن سان انصاف ڪندي لکيو ويو آھي، جنھن جي قيمت 400 رپيا رکي وئي. ھي ڪتاب جڏھن به ۽ جنھن مھل به پڙھڻ لاءِ کنيو ويو ته پڪ اٿم ته توھان ان جي لطيف موضوعن کي پسند ڪندي پڙھندا ويندا ۽ ليکڪ جي اعليٰ ڏاھپ ۽ دانائي تي داد ڏيندا ويندا تان جو ڪتاب جو آخري صفحو به پڙھي پوءِ وڃي آرامي ٿيندا يا ٿي سگھي ٿو ته ڪتاب جي مثالي بلند ڪيفيت سببان اکين مان ڪجھ دير لاءِ ننڊ اڏامي ڪنھن ٻئي پار ھلي وڃي. ڪتاب ۾ شامل ڪالم گھڻي ڀاڱي روزاني ڪاوش ۾ تقريبن سن 1996 ڌاري شايع ٿيل آھن.
ليکڪ سيد زوار نقوي سينيئر اديبن ۾ ته شمار ٿئي ٿو، پر جھڙوڪر پاڻ اڄ جي نوجوان لکارين سان به ڪلھو ڪلھي ۾ ملائيندي جديد دور جي مسئلن ۽ ضرورتن سميت سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي بچاءُ، سجاڳي، باھمي اتحاد، تعليمي بھتري ۽ برتري، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لکندو رھي ٿو. سنڌي ادب جو روشن تارو سيد زوار نقوي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پيش پيش رھندي پنھنجين تخليقن سان شاھوڪار ڪرڻ ۾ چاھ رکندي خوب ملھايو اچي، جنھن جي مڃتا ۾ کيس اعزازن ۽ ايوارڊز سان نوازيو ويو آھي ته ٻئي طرف پاڻ درگاھ مخدوم جھانيان سنڌ، جو گادي نشين طور بزرگيءَ واريون ذميواريون نڀائيندي مريدن جي وڏي انگ سان رابطا ۽ واسطا رکي سندن انساني ناتي مدد ۽ رھنمائي ڪري خدمت جا محبوبي ڪم ڪار سرانجام به ڏين ٿا. اھڙي طرح سندس ٻن مختلف مزاجن، رخن، ڪيفيتن ۽ رابطن دوران ادبي خدمتن، تنظيمي گڏجاڻين ۽ گادي نشيني وارين روحاني رمزن سان ڀرپور ذميوارين کي ادا ڪرڻ وارو وڻندڙ عمل ڏسڻ وٽان سمجھيو وڃي ٿو. اسان سندس لاڳيتو لکڻ ۽ بس، لکندي ڪتابن پويان ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب کي لازوال قيمتي ذخيرن سان مالا مال ڪندڙ “سيد زوار نقوي” جھڙي ڏاھي، وطن دوست ۽ انسانن جي ھمدرد شخصيت کي سلام پيش ڪندي جس ڏيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا.