ماتلي ميونسپل انتظاميه، ماتلي ۾ اسٽيشن روڊ جي مسئلي کي سالن کان نه سمجھي سگھي آھي يا سمجھڻ ئي نه ٿي چاھي ۽ ان سٽي سروي روڊ تي روز نوان نوان تجربا ڪري شھرين کي ڄاڻي واڻي پريشان ڪري رھي آھي، ڪير به نه پيو سمجھي سگھي ته اسٽيشن روڊ جو اصل مسئلو آھي ڪھڙي بلا؟؟ حقيقتون ھي آھن ته سڀ کان وڏي ۽ ڪاروباري رش وارو ھي روڊ سٽي سروي رڪارڊ ۾ اسٽيشن کان گول چڪري تائين نه رڳو سڌو آھي، پر اھو ھڪ ڪلوميٽر تائين ھر جاءِ تي 40 فوٽ ويڪرو به آھي جيڪو سر زمين تي 30 فوٽن جو ٺاھيو ويو آھي ۽ نظر اچي ٿو، اھا مھرباني به عبدالرئوف نظاماڻي جي آھي نه ته اھو روڊ صرف 20 فوٽن جو باقي بچيو ھو، روڊ جي سينٽر تي بجلي جا 10 کان 12 جائين تي ٿنڀا اچي ويا آھن جيڪي انڪروچمينٽ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ رھيا آھن. پل واري مڇي مارڪيٽ چوڪ تي ته ھيڪاري ظلم آھي، پورو چوڪ ٿنڀن جي ڪري بلاڪ ٿيو پيو آھي، چوراھي جي صورتحال سخت خراب آھي ۽ ھن وقت به اھي ٿنڀا حد دخلين جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آھن، پل کان گول چڪري تائين تقريبن 500 ميٽرن جي فاصلي ۾ اوڀر طرف جا دڪاندار پنھنجين سٽي سروي جي حدن ۾ ڏينهون ڏينهن ان ڪري پريشان ڪيا پيا وڃن جو روڊ تي اولهھ طرف وارا 10 فوٽن تائين پنھنجن دڪانن کي اڳيان وڌائي ويٺل آھن، ان ڪري ئي روڊ تنگ ٿي ويل آھي ۽ سڄو دٻاءُ اوڀر طرف وارن تي پئجي رھيو آھي، ميونسپل انتظاميه کي گھرجي ته شھر جي ان اھم ترين روڊ ۽ اھم ترين ڪاروباري مرڪز کي 40 فوٽن تائين ويڪر ۾ پورو خالي ڪرائي، ان روڊ تي نوان نوان تجربا ڪري، ڦليلي تي ٺھيل 30 فوٽن جي ويڪري پل جو مرڪز 15 فوٽن تائين ھڪ خاص سازشي پلاننگ سان آئوٽ رکيو ويو آھي، جڏھن اڳوڻي پل کي ڊاھي ان جي جاءِ تي نئين پل تعمير ڪرائي وئي ته ڪنھن سازشي ماڻھو اٽڪل بازي سان پل کي سڌي ۽ 40 فوٽن جي ويڪري روڊ جي سينٽر تي اڏائڻ بدران ان پل کي 15 فوٽن تائين اوڀر طرف ڪرائي ڇڏيو آھي، جيڪو ماتلي جي خوبصورتي پلان جي نفي قرار ڏئي سگھجي ٿو، سوال اھو آھي ته جيڪي دڪاندار پنھنجين حدن ۾ پوري ماپ سان ويٺل آھن انھن کي روز بھانا بڻائي تنگ ڪيو پيو وڃي، انھن کي اس کان بچاءُ لاءِ دڪانن اڳيان ڇپرا به نه ٿا لڳائڻ ڏنا وڃن، اصل نقطي طرف ميونسپل ايڊمنسٽريشن جو ڪو به ڌيان نه ٿو ڏسجي، چيئرمين صاحب کي گھرجي ته غلط ماڻھن جي غلط مشورن تي ڪو عمل ڪرڻ بدران سڀ کان پھرين کوھه مان مئل ڪتو ٻاھر ڪڍڻ جھڙو عمل ڪرڻ بدران، روڊ کي 40 فوٽن تائين مڪمل خالي ڪرائي، جيڪو ھن وقت خالي ناھي ۽ پل جي ٺيڪيدار جي ڄاڻايل مجرماڻي غفلت کي تحريري طور تي چٽو ڪري ۽ اختيارين کي لکي ته 40 فوٽن جي ويڪري ۽ سڌي روڊ جي بلڪل سڌائي ۾ سينٽر تي پل نه ٺاھي وئي آھي، ته جيئن اھو به رڪارڊ جو حصو ٿي پوي، اسٽيشن روڊ تي پل کان گول چڪري تائين اولهھ طرف جي پوري لائين وارا 10 فوٽن تائين روڊ تي پڪين اڏاوتن سان اڳيان آھن انھن کان روڊ تي حدخلين جا ڪرايا وٺڻ بدران انھن جون اھي حد دخليون ختم ڪرائي ۽ ان طرف ئي بجلي جا پول جيڪي روڊ جي سينٽر ۾ اچن پيا انھن کي ھٽرائي، ان طرح سان ريڙھن جو ان روڊ تي مسئلو حل ٿي ويندو ۽ ڪو به بي گناھه تنگ نه ٿيندو، ھيءَ ڳالهھ ڪيترائي ڀيرا ورجائي وئي آھي ته اسٽيشن روڊ جي 40 فوٽ ويڪر بحال ڪرائي وڃي، ان سان ڪنھن ھڪ کي به نقصان نه ٿيندو ۽ نه ئي ڪو بيروزگار ٿيندو ڇو ته جيڪي جيڪي دڪاندار اڳيان وڌيا آھن انھن جا پويان دڪان آھن، انھن کي 10 فوٽن تائين پويان ڌڪي روڊ جي سٽي سروي ۾ موجود ويڪر بحال ڪرائي ان روڊ جا سڀئي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا، مگر اھا ڳالھه ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي دماغ ۾ نه ٿي ويھي، ڪجهھ وڪيل حضرات اھڙي تياري به ڪري رھيا آھن ته 133 جو سھارو وٺي عدالت جي ذريعي اسٽيشن روڊ جي رڪارڊ مطابق ويڪر بحال ڪرائين، جيڪڏهن اھڙو ڪو مرحلو شروع ٿيو ته ميونسپل ايڊمبسٽريشن عدالت جي حڪم تي عمل لاءِ پابند ٿيندي ۽ قانون مطابق ايئن ڪندي جيئن قانون مطابق عدالت حڪم ڪندي، شايد ميونسپل ايڊمنسٽريشن اھو ٿي چاھي ته وڪيلن جي ٽيم يا ڪو وڪيل اھڙي اڳرائي ڪري جنھن تي عدالت حڪم جاري ڪري ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريشن سڀني کي چئي سگھي ته اھو عدالت جو حڪم آھي، جيڪڏهن ايئن آھي ته ايئن به ضرور ٿيندو ۽ انشاءَ الله اسٽيشن روڊ جي 40 فوٽن واري ويڪر لازمي بحال ٿيندي، جيڪا مسئلي جو سڀ کان وڏو حل به ثابت ٿيندي، ميونسپل ايڊمنسٽريشن خبر ناھي ڪھڙن صلاح ڪارن جي صلاحن تي اسٽيشن روڊ تي ھيڊا پٽا ڏئي روڊ کي وڌيڪ سوڙھو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو آھي، اوڀر وارن کي ڪاروبار لاءِ 6 فوٽ ۽ اولھه وارن کي 16 فوٽ ڏئي وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي، جنھن سان مستقل ھي روڊ وڌيڪ سوڙھو ٿيندو، روڊ نه رھندو ھڪ بازار بڻجي ويندو ۽ پراپرٽيون ڊي ويليو ٿينديون، جيئن ڪشميري محلي، پاٽولي پاڙي، نظاماڻي محلي ۽ ٻين پاڙن ۾ ٿيو آھي. ھن مسئلي تي وضاحتون اچن پيون ته ميونسپل ايڊمنسٽريشن، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي جي ھدايتن تي اسٽيشن روڊ تي دڪانن کان 6- 6 فوٽ ڇڏي ليڪا ڪڍي حدون مقرر ڪري ڏنيون آھن، ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي پھرين ذميداري اھا ھئي ته اھي نئين اسسٽنٽ ڪمشنر کي اھو ٻڌائين ھا ته اسٽيشن روڊ 40 فوٽ رڪارڊ مطابق ويڪرو آھي، جيڪو سرزمين تي 30 فوٽ باقي آھي، جيڪڏهن حددخليون ھٽائڻ کانسواءِ دڪاندارن کي 6- 6 فوٽ ڏنا ويا آھن ته ان طرح ھڪڙن کي 16 ۽ ٻين کي 6 فوٽ مليا آھن، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر کي به آگاھي نه ھئي ان ڪري ان اسٽيشن روڊ تي گاڏن کي سينٽر تي بيھارڻ جو فيصلو صادر ڪيو ھو، جنھن سان ڳنڀير مسئلا پيدا ٿيا، گاڏن کي روڊ جي وچ تي بيھارڻ واري فيصلي کي ڊپٽي ڪمشنر بدين ماتلي اچي رد ڪيو، موجوده اسسٽنٽ ڪمشنر کي گھرجي ته اسٽيشن روڊ جي اصل ويڪر بابت سٽي سروي وارن کان نقشو ۽ ويڪر جي ماپ گھرائي، ھڪ پاسي وارن جي 10 فوٽ پڪي حددخلي ختم ڪرائي، ان بعد روڊ تي ٻنھين پاسي 6- 6 فوٽ جي سھوليت مھيا ڪري، ھن نئين تجربي سان نيون مصيبتون جنم وٺنديون، حددخلين کي نئين ترغيب ملندي، اسٽيشن روڊ جيڪو ھن وقت ماتلي جي سينٽر ۾ ماتلي جي دل آھي باقي 18 فوٽن جو وڃي بچندو، ائين اسٽيشن روڊ نه بچندو، پر اسٽيشن بازار ٿي ويندي. تنھنڪري سڀني جي ذميداري ٿي ٿئي ته ماتلي شھر جي خوبصورتي کي بچائڻ لاءِ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن.