همت، بهادري ۽ مهم جوئي جو داستان
زندگي ۽ موت جي راند جيئن ته پُراسرار ۽ اچانڪ آهي. ائين ئي ٽائٽن آبدوز جي ڪهاڻي به سال 2023 جي حيران ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن مان هڪ آهي. ٽائٽن آبدوز ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ ٻه پاڪستاني به سوار هئا. شهزاده دائود ۽ ان جو پٽ سليمان دائود. ماڻهو جيئن ته سڄي دنيا سان ڳنڍيو پيو آهي ۽ هڪ طرح سان اٺ ارب انسان پاڻ ۾ ڄڻ هم شهري آهن. انهيءَ آبدوز ۾ سوار ماڻهن جو تعلق فرانس، برطانيه، يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ پاڪستان سان آهي. اسان لاءِ اهي سڀ مسافر اوترا ئي اهم آهن. جيترا اسان جا هي پيءَ پٽ مسافر جيڪي پاڪستاني هئا. اهي ٻئي شخص پاڪستان ۽ بين الاقوامي صنعت ۽ واپار سان لاڳاپيل خاندان جا فرد هئا ۽ انهن جون انهن شعبن کانسواءِ انسان ذات لاءِ خدمتون خاص طور تي پاڪستان جي عوام لاءِ مختلف شعبن ۾ مددون قابل ذڪر آهن. اهو خاندان گهڻي دولت سان گڏ اعليٰ انساني معيار ۽ ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکي ٿو. ٽائيٽينڪ جھاز جي باقيات کي ڏسڻ لاءِ ويندڙ واپاري شهزاده دائود پاڪستان جي شاهوڪار ماڻهن مان هڪ هو. اهو خاندان اينگرو ڪارپوريشن جو مالڪ پڻ آهي. اها ڪارپوريشن بجلي کان وٺي ڀاڻ تائين جي صنعتن کي هلائي ٿي ۽ توانائي ۽ زرعي شعبي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن جيڪو سڄي دنيا ۾ پنهنجي شعبي جو ناليوارو ادارو آهي ۽ خلق جي خدمت ۾ اڳڀرو آهي. گڙدن جي پيوندڪاري جي طبي سائنس ۾ ان اداري جو وڏو نالو آهي. دائود فيملي SIUT سان شروعات کان وٺي گڏ رهي آهي ۽ انهيءَ کانسواءِ ٻيا گهڻا ئي فلاحي ڪم ڪري رهي آهي. دائود فيملي سخي هٿ جيان پاڪستان جي ماڻهن جي مدد ڪندي رهي آهي ۽ جتي رياست جي پهچ نه آهي. اتي پهچي انهن ضرورتمند ماڻهن جي خدمت پئي ڪئي آهي. انهن جي فلاحي ڪمن جي تاريخ به وڏي آهي ۽ فهرست به ڊگهي آهي. انهيءَ گهراڻي پنهنجي وس پڄاڻان نه صرف صنعت ۽ تجارت ۾ نالو ڪمايو آهي، پر انهن جون انسان ذات جي لاءِ خدمتون، ملڪ جي ماڻهن لاءِ مختلف شعبن ۾ سهولتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.
ٽائٽن جي مهم ۾ رڳو شهزاده دائود ۽ ان جو پٽ سليمان دائود نه هئا، پر ساڻن گڏ بين الاقوامي برادري جا ٻيا مهم جو به گڏ هئا. جيئن اسٽاڪٽن رش، هميش هارڊنگ، پال هنري نارجيوليٽ انهن ماڻهن همت، بهادري ۽ مهم جوئي جو داستان لکيو آهي.
انهيءَ آبدوز اڄ کان ڪجهه ڏينهن پهرين بحري اوقيانوس ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو هو ته جيئن اهي اونهي سمنڊ ۾ ٽائٽينڪ جهاز جو بچي ويل ڍانچو ڏسي سگهن. جيڪو بحري جهاز به پنهنجي پهرئين سامونڊي سفر ۾ غرق ٿي ويو هو. اها 15 اپريل 1912 جي ڏکائيندڙ تاريخ هئي، جڏهن پنهنجي وقت جو اهو جديد ترين بحري جهاز پنهنجي سفر تي نڪتو هو ۽ انهيءَ ۾ به مسافر سفري جوش و خروش سان شامل هئا. اها به ڄڻ هڪ مهم هئي، جهاز جو ڪيپٽن تمام گهڻو خوش هو جو هو بحري جهاز راني جي تاريخ جي سٺي ۽ جديد ترين جهاز کي هلائي رهيو هو. جيئن اسان مٿي ذڪرڪيو آهي ته اها انهيءَ بحري جهاز جي پهرين مسافري هئي ۽ ان ۾ پندرنهن سئو کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ست سئو جي ويجهو ماڻهو وري به بچي ويا هئا. انهن مسافرن پنهنجي ڪوششن سان کليل سمنڊ ۾ لائف جيڪيٽن يا تختن تي تري پنهنجي حياتي بچائي، انهيءَ جهاز جو ڍانچو جيڪو اڳتي هلي لڌو، اهو دنيا جي مهم جوئن لاءِ ڏسڻ جهڙي شئي بڻجي ويو هو. ٽائٽينڪ جهاز لاءِ عشق جيمس ڪيمرون جي فلم ٽائٽينڪ پئدا ڪيو. پر ٽائٽن آبدوز جي ڪهاڻي وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، جو هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي کانپوءِ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي، انهيءَ ۾ سوار هڪ مسافر به نه بچي سگهيو. جنهن ۾ ٻه پاڪستاني مسافر به شامل هئا. ٽائٽينڪ جهاز جي باقيات اوقيانوس سمنڊ جي انتهائي اونهائي ۾ آهي. اها اونهائي ڪنهن به مهم جو لاءِ حد کان وڌيڪ آهي. پنج وڏي دل وارا ماڻهو جيڪي مهم جو هئا. انهن ڪجهه وقت اڳ اهو چاهيو ته اهي ٽائٽينڪ جهاز جون باقيات ڏسن، تنهنڪري انهن ٽائٽن آبدوز جي ڪمپني سان رابطو ڪيو ۽ اهي انهيءَ سفر لاءِ تيار ٿيا. اسان مان ڪوبه شايد سوچي نه سگهي ته جديد ٽيڪنالاجي دنيا ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو، جو هڪ آبدوز جيڪا لازمي آهي ته جديد انجنيئرنگ ۽ ميرين سائنس جي اصولن تي ٺهيل هوندي. اها پنهنجو ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي، اهڙي ئي ريت جو اهو سڌو سنئون پيو لڳي ته ڄڻ اهو مهم جوئي جو سفر نه هو. پر دراصل اهو زندگيءَ جو موت ڏانهن سفر هو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کان شوق ۽ مهم جويون زندگيءَ جي بيک گهرنديون آهن ۽ هن سفر ۾ به ائين ئي ٿيو ۽ پنجن ماڻهن پنهنجون جانيون دان ڪري ڇڏيون. ٽائٽن حادثي کانپوءِ ٻن پاڪستانين شهزاده دائود ۽ سليمان دائود جي لاڏاڻي کانپوءِ دائود فيملي اهو اعلاميو جاري ڪيو آهي ته اسانجا پيارا ٻار اوشين گيٽ جي ٽائٽن آبدوز تي موجود هئا. جيڪا اندر گهري سمنڊ ۾ غرق ٿي وئي هئي. دائود فيملي جو چوڻ آهي ته اسان جي گهڻ گهرن خاندان جي وفات ڪري ويلن کي هن مشڪل موقعي تي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکيو آهي ۽ اسين دائود خاندان سان نيڪ تمنائون رکڻ وارن سڀني ماڻهن جا شڪرگذار آهيون. جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل هئا ۽ گڏ بيٺا آهن. اسان جو ادارو شهزاده دائود ۽ سليمان دائود جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جي روحن جي سڪون لاءِ دعاڳو آهي. جيئن ته انهيءَ ٽائٽن آبدوز جا مسافر جن جو تعلق چئن ملڪن سان هو. جن ۾ پاڪستان، فرانس، برطانيه ۽ يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا شامل آهن. اسانجو ادارو انهن سڀني جي روحن جي سڪون لاءِ پڻ دعاڳو آهي. اسين جيئن ته پهرين به عرض ڪري آيا آهيون ته هي سڄي دنيا اسان سڀني جي آهي، انهيءَ جي سڄي ترقي ۽ انهيءَ جا سڀ ڏک ۽ سک اسان جا پنهنجا آهن. اوشين گيٽ جي آبدوز ٽائٽن جي حادثي ۾ جن ماڻهن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي يقينن اهي زبردست ۽ بهادر ماڻهو هئا، جن مهم جوئي جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. اهي دنيا جي ماڻهن جي دلين ۾ جرئتمند ۽ بهادر ماڻهن جي طور تي زنده رهندا. اسانجو دنيا جي عالمي ضمير کان ۽ بحري جهاز ۽ آبدوزون ٺاهڻ وارن ملڪن ۽ ڪمپنين کان اهو مطالبو آهي ته اهي لازمي آهي ته ٽائٽن آبدوز ٺاهيندڙ ڪمپني کان پڇاڻو ڪن ته انهن کان ڪهڙي ڪمي رهجي وئي جو ڪجهه ڏينهن ۾ هيڏو وڏو انساني حادثو ٿي پيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ جديد علمن تي انهيءَ حادثي ماڻهن جي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي. اميد ٿا ڪريون ته بين الاقوامي ڪميونٽي ۽ بين الاقوامي قانون انهيءَ ڪمپني کان سخت پڇاڻو ڪندا ۽ لاڳاپيل جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تناظر ۾ اپاءَ وٺندا ته جيئن مستقبل ۾ هر قسم جي مسافري ۽ مسافرن کي محفوظ ڪري سگهجي.
***