پاڪستاني سياستدانن جو دبئي ۾ ڳٺجوڙ…!
ڳٺجوڙ لفظ کي استعمال ڪرڻ سٺو ته نٿو لڳي. ڇو ته ڳٺجوڙ جي لغوي معنيٰ سازش به ٿئي ٿي. پر ڇا ڪريون، هنن سياستدانن جي لاءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبه بهتر لفظ نٿو ملي. ميان صاحب لنڊن منجهان دبئي پهتو. پاڪستان پري آهي؟ محترمه مريم نواز شريف پاڪستان منجهان دبئي والد صاحب سان ملڻ وئي. سياست جو کلاڙي زرداري صاحب پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري سميت انهن سياسي ميٽنگن جي لاءِ پڻ دبئي پهتل آهن. زرداري صاحب ته دبئي ۾ موجود هو. پر صرف هڪ ڏينهن لاءِ لاهور اچي وري واپس دبئي پهچي ويو. اسان کي محسوس ائين ٿا ڪرائن ته هنن ويچارن کي ملڪ جو ۽ ملڪ جي عوام جو ڪيترو نه درد آهي. انهيءَ درد کي ظاهر ڪندي هو پنهنجي ملڪ ۾ گڏجاڻيون نٿا ڪري سگهن. ويچارا ڪيڏا بيوس آهن. جوڙ توڙ جي سياست جيڪي هي دبئي ۾ ڪري رهيا آهن. انهيءَ سياست پنهنجي ملڪ پاڪستان کي جيڪو نقصان ڏنو آهي. ان مان هڪ عام ماڻهو به واقف آهي، پر هي سياسي اڪابرين سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. پر ائين چئون ته سڀ سمجهن ٿا، صرف پنهنجي مفاد لاءِ عوام جي ڪا ڀلائي نٿا ڪن. 1971 ۾ جيڪو ملڪ ٽُٽڻ جو سانحو ٿيو. ان کانپوءِ تقريبن 52 سال گذري چڪا آهن. ملڪ جي حالت سڀني جي سامهون آهي. ٿوري ڳالهه دبئي جي ڪريون ٿا. دبئي ۾ پڻ 1960 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ پيٽرول لڌو ويو، نه ته انهيءَ کان پهرين دبئي هڪ صحرا هو يا وري مهاڻن جون ننڍيون ننڍيون بستيون هيون، جن جو روزگار ماهيگيري تي هوندو هو. دبئي جي حالت انتهائي خراب هئي. تيل ملڻ کانپوءِ 1970 واري ڏهاڪي ۾ دبئي ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن 2020 ۾ دبئي جي حڪمرانن ملڪ جي ترقي جي گولڊن جوبلي ملهائي ته ڇا نظارا هئا. 50 سالن جي عرصي ۾ دبئي دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته شهرن کان گهٽ نه هو. اڃا به ترقيون ڪري پيو. جيتري ترقي 50 سالن ۾ دبئي ڪئي آهي. دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ملڪ جي شهر نه ڪئي آهي. روڊ رستا، امن امان، روزگار، وڻج واپار، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون. دنيا جا بهترين Beach سفاري، مطلب ڇا نه آهي. جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ موجود آهي. هنن صرف 2 ڳالهيون ڪيون. حڪومتي نظام بهتر هلايو ۽ اتان جي اصلوڪن رهاڪن کي پورا حق ڏنا. اڄ به اتان جو عرب ارباب سڏجي ٿو، ۽ پوري دنيا مان روزگار جي لاءِ ويل ماڻهو خارجي سڏجن ٿا. جيتوڻيڪ خارجين کي پورا پورا حق حاصل آهن. پر ارباب جي مقابلي ۾ هو ڪجهه به ناهن. ارباب جڏهن به ڪاوڙبو ۽ ڪنهن خارجي جي شڪايت ڪندو ته حڪومت هڪدم ان خارجي کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ پاسپورٽ تي ايگزٽ جو ٺپو هڻي، سندس ملڪ موڪلي ڇڏيندي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جهان جا ڏتڙيل مختلف نالن سان روهنگيا، برمي، افغاني، ايراني خبرناهي ڪٿان ڪٿان جي لوڌ اسان جي ملڪ ۾ اچي. هتان جي اصلوڪن رهاڪن جي مٿان بار بڻجن ٿا، پر انهن جا حق به غضب ڪن ٿا ۽ حڪمران انهن کي ڪجهه به نٿا چون. ڪاش اسان جا حڪمران دبئي جي ترقي مان سڀ حاصل ڪن ۽ ملڪ جي عوام جو ڀلو ڪن، پر ويجهي مستقبل ۾ نظر نٿو اچي. بس هي ته ذڪر اسان اندر جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ ڪيو. ڳالهه ته هلي پئي سياستدانن جي جيڪي دبئي ۾ ويهي. فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته ملڪ جي ڏتڙيل معاشي طور تي ڪمزور عوام جي مٿان. حڪمراني ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪيترو حصو ملڻ کپي. ميان صاحب جڏهن ٻاهر ويو هو ته ملڪ جي پوزيشن ايڏي خراب نه هئي. پر جڏهن جولاءِ جي آخر ۾ سندس اچڻ جا امڪان واضح ٿيا آهن. تڏهن اها به کيس چڱي طرح ڄاڻ آهي ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن. مزي جي ڳالهه ته گذريل 2 بجيٽون پي ڊي ايم حڪومت پيش ڪيون آهن. انهيءَ حڪومت جو وڏو حصو نون ليگ وٽ آهي. انهيءَ جي ڪري نون ليگ تي سياسي بار وڌي ويو آهي. چيئرمين پي ٽي آئي پنهنجي مٿان ننڍا ننڍا وار ڪندي آخري وار 9 مئي جو ڪيو. جنهن مان کيس معافي ملڻ جي ڪابه اميد نه آهي. ۽ محسوس ٿئي ٿو ته جولاءِ ۾ جيل ياترا ضرور ڪندو. سندس ساٿوڙي، هم خيال، جج به سندس ساٿ ڇڏي چڪا آهن. پوءِ ته نون ليگ جي لاءِ ميدان صاف آهي. خبر ناهي ڇو ميان صاحب اڃا به ڪهڙن خدشن تحت ملڪ ۾ واپس نٿو اچي. جڏهن ته سندس نااهلي وارو عرصو مقرر ٿي ويو ۽ پارليامينٽ قانون پاس ڪيو ته 5 سال کان وڌيڪ نااهلي نٿي ڪري سگهجي ۽ ميان صاحب کي نااهل ٿيڻ جي وقت کي 5 سال کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي. باقي ننڍا وڏا ڪيس سي به جڏهن ايندو ته ختم ٿي ويندا. وري به سوال اهو ئي آهي ته پوءِ اچڻ ۾ دير ڇو ڪري رهيو آهي. خبر رکڻ وارا چون ٿا ته ميان نواز شريف صاحب اڃا به اسٽيبلشمينٽ وٽ مڪمل طور قابل قبول ناهي. پر سندس مقابلي ۾ سندس ئي ڀاءَ موجوده وزيراعظم محترم شهباز شريف صاحب وڌيڪ قابل قبول آهي. ڇو ته هو طاقت وارن جي هر حڪم کي بجا آور ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. چون چرا به نٿو ڪري. پي ٽي آئي حڪومت جي وزير قانون جيڪو نون ليگ جو ڪيترو مخالف هو. اُن کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جو واضح اشارو آهي. جي بلڪل اوهان صحيح سمجهو فروغ نسيم صاحب ۽ اهڙا کوڙ سارا حڪم بجا آوري ۾ دير نٿو ڪري. جيڪي شايد ميان نواز شريف صاحب پورا نه ڪري سگهي. خبرون گرم آهن. اليڪشن نومبر ۾ ٿئي پئي. جنهن ڳالهه تي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ پڻ متفق آهن. پيپلز پارٽي جا ته ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن. پر هن وقت نون ليگ سمجهي ٿي پئي ته پي ٽي آئي جي مقابلي ۾ موجوده حالتن ۾ نون ليگ کي پنجاب ۾ ايج Edge حاصل آهي ۽ هن وقت اليڪشن جو ٿيڻ نون ليگ لاءِ فائديمند ٿيندو، پر هڪڙي ڪهاڻي اها به ٿي هلي ته وس وارا چاهين ٿا ته جيڪو نگران سيٽ اپ اچي اهو گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا هلي. محسوس ته ائين ٿو ٿئي ته اليڪشن نومبر ۾ ٿيندا. ڪيئر ٽيڪر وزيراعظم جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جون مشاورتون جاري آهن، ڪجهه نالا فائنل ٿيا آهن. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ پارليامينٽ کي ٽوڙيو ويندو. هن وقت مريم نواز شريف جي پوزيشن تمام گهڻي اهم آهي، خبرون اهي به آهن ته دبئي ياترا کان پهرين مري جي پُرفضا مقام تي سندس ملاقاتون واڳ ڌڻين سان ٿيون. سو محترمه مريم نواز جي لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ شپ ته تقريبن يقيني ٿي وئي آهي، پر متان سندس ڪُڻو وزيراعظم ٿيڻ جي لاءِ به نڪري پوي. اسان لکيو ڳٺجوڙ انهيءَ جي ڪري ته انهن سڀني ڳالهين ۾ عوام جون حالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ هنن سڀني وٽ ڪابه سوچ نظر نٿي اچي. جڏهن اسان پنهنجي ملڪ کي دبئي سان ڀيٽيون ٿا. ته اسان وٽ ڪهڙي شئي جي کوٽ آهي. زرعي ملڪ، 25 ڪروڙ ماڻهو، معدنيات سان مالا مال، ڪهڙيون نعمتون ڳڻائجن پر پوءِ به عوام جي حالت پينو فقير کان وڌيڪ بدتر آهي. انهيءَ ڳالهه لاءِ هنن ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ۽ نه ئي سوچيندا ڇو ته سندن ترجيحون صرف حڪمراني ڪرڻ ۾ آهن، نه ڪي عوام جي ڀلائي جي ڪم ڪرڻ لاءِ. ميان صاحب 4 سال لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني يا خود ساخته بيماري جي سبب گذريا آهن. اسان جا نماڻا نماڻا ٻه ٽي سوال آهن. انهن چئن سالن ۾ اتي ڪا لوڊشيڊنگ ٿي؟ ڪنهن روڊ رستي تي ڌرڻو لڳو؟ ڪو جلاءَ گهيراءَ جو واقعو ٿيو؟ عام ماڻهوءَ کي ڪورٽ مان انصاف مليو يا نه مليو؟ حڪمرانن جون اهڙيون عياشيون جهڙيون پاڪستان ۾ آهن. ميان صاحب پنهنجي اکين سان ڏٺيون؟ ۽ اهڙا ڪيترائي سوال آهن. اسان وٽ هوندي سوندي اڻهوند آهي. سدائين ڪستو ڪُلهي تي اسان وٽ حڪمران ناهن. مافيائون آهن. انهيءَ جي ڪري ئي اسان سخت لفظ لکيو آهي ته سياسي ماڻهن جو ڳٺجوڙ. ميان صاحب توهان مان اميد ڪريون ته پاڪستان جي عوام جي مافيائن جي چنبي مان جان ڇڏائندو. يقينن اوهان وٽ 43 سال جو حڪمراني، جيل، ناانصافي، ملڪ بدري جو وسيع تجربو آهي. انهيءَ تجربي کي ذهن ۾ رکندي هتان جي ماڻهن لاءِ ڪجهه بهتر قدم کڻو ته جيئن ماڻهو پنهنجي زندگي بهتر بڻائي سگهن. اسان مٿي لکيو هو ته پيپلز پارٽي جا ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن. انهيءَ جي لاءِ ته سنڌ ۾ ته ايندڙ حڪومت واضح آهي ته وري به پيپلز پارٽي جي ٺهندي ڇو ته هن سان شهرن ۾ جيڪو مقابلو ايم ڪيو ايم ۽ پوءِ وري پي ٽي آئي ڪيو. اهو به هاڻ نظر نٿو اچي. ٻهراڙي ته پيپلز پارٽي جي ٺيڪي ۾ کنيل آهي. سنڌ کي ڇڏي پنجاب ۾ زرداري صاحب پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن کيس ڪنهن به نموني 20 کان 25 قومي اسيمبلي جون سيٽون ملن. جيڪو هن جي لاءِ مشڪل نه هوندو. پر قومي اسيمبلي جون اگر پيپلز پارٽي 25 سيٽون کڻندي ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري صاحب به وزيراعظم جو مضبوط اميدوار طور سامهون ايندو. جولاءِ مهينو گهڻن شين کي واضح ڪندو، اليڪشن جو ٿيڻ، عمران خان جو جيل ۾ وڃڻ، اهي سڀ شيون پنهنجي جڳهه تي پر اسانجو مطالبو ۽ مقصد اهو آهي ته هتان جي عام ماڻهوءَ جي بدتر حالت کي بهتر بڻايو.
***