بلاگنئون

تلھار جو شھر ٻيھر منشيات جو ڳڙھ بڻجڻ لڳو؟

تلھار ۾ ھڪ ٻه منشيات فروش اڳ ۾ گٽڪو، سفينه جا وڏا ڊيلر ھوندا ھئا جن جو ڪاروبار وڏي عروج تي ھلندو ھو. جڏھن بدين سي آءِ اي ۽ ايس ايس پي نوٽيس ورتو ۽ تلھار ۾ مختلف جاين تي رات جي پيٽ ۾ گھرن ۾ ڇاپا ھڻي ثبوتن سان گڏ پڪڙي پوليس ڪيس داخل ڪيا ھئا. ان کانپوءِ منشيات فروشن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو ھو، جيئن جيئن تلھار ۾ بھترين آفيسر ايندا رھيا تيئن تيئن منشيات مڪمل طور تي بند ٿيڻ لڳي ۽ اھي وڏا ڊيلر جوءِ ئي ڇڏي ويا. بدين ضلعي مان ضلعي بدر ٿي خوف مان ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڪرڻ لڳا اڄ به پراڻا تلھار جا منشيات جا ڊيلر مٺي، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڳريون منٿليون ڏيڻ کانپوءِ ڪاروبار ڪري رھيا آھن.

ھن وقت تلھار ۾ پوليس کان لڪي ڪري مختلف جاين تي مختلف ماڻھو ننڍي سطح تي منشيات جو ڪاروبار ڪري رھيا آھن. ھن وقت تلھار ۾ گٽڪو، مائو، سفينه، مين پڙي، چرس، ڀنگ،آفيم، آئيس جھڙي منشيات جو ڪاروبار ڳجھه ڳوھ ۾ ھلايو پيو وڃي، جنھن جي ڀڻڪ به پوليس کي ناھي پئي. ذريعن موجب تلھار جي پوري شھر ۾ مختلف جاين تي تعينات ڪئبينن توڙي گھرن مان ساڳيو منشيات ۾ ڪم ايندڙ وکر رکي ٻاھر گراھڪ جي آرڊر موجب اوترو ئي کڻائي اچي ٻاھر ڏنو ويندو آھي. ذريعن جو اھو به چوڻ ھو ته منشيات ھلائيندڙ ٻه سئو کان ھڪ ھزار جي منشيات پنھنجي کيسي ۾ رکي ڪئبينن کان ٿورو پري بيھن ٿا، جڏھن گراھڪ اچي ٿو ته ڪئبين تي ويٺل ھڪ اشاري سان ان گراھڪ جو گھربل سامان فوري گھرائي وٺي ٿو. اھڙيءَ ريت ھر نشو وکر وانگي ھلي رھيو آھي. منشيات فروش پوليس جي اکين ۾ مٽي وجھي کلي عام ھي ڪاروبار عروج تي ڪرڻ لڳا آھن.

ايس ايڇ او تلھار ھڪ بھترين آفيسر آھي، ايس ايڇ او کي گھرجي ته ھو مختلف چوڪن تي قائم ڪئبينن تي نظر رکن ثبوتن سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙن کي پڪڙي منشيات ايڪٽ تحت ئي ڪيس داخل ڪري ھن موذي مرض مان عام ماڻھن کي بچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ڏيکارين. ذريعن جو اھو به چوڻ ھو ته ٽنڊوباگو روڊ تي ھڪ ڪئبين ھلائيندڙ ھڪڙو ڇوڪرو ھاڻي وسڪي جو ڪاروبار پڻ ڪري رھيو آھي. ھي سمورا مسئلا يا معاملا انھن تائين پوليس کي پھچڻو آھي، پوليس لاءِ ھن وقت ھي وڏو اشو ۽ اھم ٽاسڪ پڻ آھي ته پوليس جي پٺ پويان اھڙو ڪڌو ڪم ڪري پوليس کي به بدنام ڪري رھيا آھن.

جڏھن ته پوليس ھن ڪڌي ڪم ۾ ملوث نظر نٿي اچي، پيرو لاشاري تي به جوا جا اڏا قائم ٿيڻ لڳا آھن. چرس جا ڊيلر ۽ اڳوڻا گٽڪن جا ڊيلر اتي جي ذريعن موجب ھاڻي وسڪي جا وڏا ڊيلر بڻجي ويا آھن، جيڪي پيرو لاشاري جي شھر ۾ سر عام ٺرو، چرس، سفينه، گٽڪو وڪرو ڪري رھيا آھن. تلھار شھر جي ارد گرد منشيات پنھنجي جاءِ والاري رھي آھي. جيڪڏھن قانون حرڪت ۾ نه آيو ته ٿي سگھي ٿو ايندڙ ھڪ ٻن مھينن ۾ منشيات فروشن کي روڪڻ ناممڪن ٿي پوندو. ڇاڪاڻ جو ھن وقت منشيات فروش تيزي سان ھن ڪڏي عمل کي پوليس کان چوري لڪ ڇپ ۾ اھڙو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب بڻجي چڪا آھن. جيڪڏھن مقامي پوليس اھلڪارن کي پتو پيو ته اھي آفيسرن کان لڪي پنھنجون سيٽنگون پٺ پويان ڪري قانون سميت عام ماڻھن کي به گمراهه ڪري منشيات جي وڪري کي پاڻ ھٿي ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا ھن وقت تلھار جي ايس ايڇ او ۾ وڏيون اميدون آھن. ھڪ بھترين فرق شناس آفيسر پڻ آھي ايس ايڇ او کي گھرجي ته مينشن ڪيل جاين ۽ ايريا ۾ خفيه طريقي سان پوليس جا ٻه ايماندار اھلڪار موڪلي جائزو وٺڻ شروع ڪن، جيئن ثبوت ملن ته ثبوتن سميت گرفتار ڪري ميڊيا آڏو لازمن منشيات فروشن کي پيش ڪري اھو مئسيج عوام کي ڏيارين ته ٻيھر منشيات نه ھلائي وڃي. جيڪڏھن ڪوبه ھلائيندو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

بھرحال اڳ ۾ ايس ايڇ او انور لغاري، ايس ايڇ او اشفاق منگي، ايس ايڇ او مجاھد علي شاھ ۽ ٻين ايس ايڇ او پاران لائوڊ اسپيڪر تي اعلان پڻ ڪري وارننگ ڏنيون وينديون ھيون ته ڪوبه شھري منشيات ھلائيندي ڏٺو ويو يا پڪڙيو ويو ته ان کي ھرگز نه بخشيو ويندو. جيڪڏھن ڪوبه ھن عمل ۾ ملوث آھي ته ھن بري ڪڌي عمل مان ٻاھر نڪري وڃي. ٻي صورت گرفتاري بعد ڪيس داخل ڪيا ويندا. جڏھن ته ھن ايس ايڇ او کي چوڪني نظر رکي ايريا ۾ سول ڊريس ۾ نوان اھلڪار شھر توڙي ٻين ايريا ۾ تعينات ڪرڻ گھرجن جتي به ثبوتن سان ڪو به ڏسڻ ۾ ملي ان وقت ميڊيا گھرائي ثبوتن سان پڪڙيو ويندڙ، ٽي وي اسڪرين تي شو ٿيڻ لڳي جيئن ڪوبه پوليس تي به ڪا آڱر کڻي نه سگھي.