ايڊيٽوريلنئون

فرانس جو آمريڪا کان آزاديءَ جو مجسمو واپس وٺڻ جو مطالبو

            هن وقت جمهوريت جو سڀ کان وڏو علمبردار ملڪ آمريڪا يورپي پارليامينٽ جي فرانس جي رڪن رافيل گليڪسمين جي تنقيد جي زد ۾ آيل آهي، اهڙي تنقيد جيڪا آمريڪا تي اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿي. يقينن آمريڪا کي پنهنجين پاليسين تي غور ڪرڻ جو وقت آهي جڏهن دنيا جي هڪ وڏي خبر رسائيندڙ ايجنسي (اي ايف پي) ايجنس فرانس پريس جنهن جو هيڊڪوارٽر فرانس جي شهر پيرس ۾ آهي. هي ادارو مختلف اخبارن کي خبرون، فوٽو، گرافڪس، وڊيوز مهيا ڪندو آهي. هنن جو هڪ تمام وڏو نيٽ ورڪ آهي، هن اداري مطابق کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياستدان رافيل گليڪسمين پنهنجي پبلڪ سينٽر ليفٽ موومينٽ جي هڪ ڪنوينشن سان خطاب ڪندي چيو ته “اسان کي آزاديءَ جو مجسمو واپس ڪري ڇڏيو.” سندس چوڻ هو ته فرانس کي تمام گهڻا تحفظات آهن ته هن وقت آمريڪا جمهوريت جي انهن قدرن کي لتاڙي رهيو آهي، جيڪي قدر ڪنهن وقت ۾ آمريڪا جي سياست جا بنياد هئا ۽ انهن قدرن کي مدنظر رکندي فرانس کيس آزاديءَ جو مجسمو پيش ڪيو هو.

            لڳي ايئن ٿو ته اها گهر جيڪا رافيل گليڪسمين ڪئي آهي اها يقينن هڪ علامتي گهُر آهي، جيڪا ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ آمريڪا جي پاليسين تي هڪ سنئين سڌي ڇتي تنقيد آهي ۽ آمريڪا جي ماڻهن کي جاڳائڻ جي لاءِ هڪ آواز به آهي. سندس ان بيان جي پٺيان اها ڪاوڙ شامل آهي ته ٽرمپ تحقيق ڪندڙ ادارن جا بجيٽ گهٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ هو انهن جي حقن ۾ ڪٽوتي ڪري رهيو آهي، ان فرانسيسي سياسي رهنما جي چوڻ مطابق هن وقت آمريڪا پنهنجي نظرين کان تمام گهڻو ڏور وڃي رهيو آهي ۽ هاڻي هن کي اهو حق حاصل ناهي ته هو فرانس جو ڏنل آزاديءَ جو مجسمو پنهنجي ملڪ ۾ شان ۽ شوڪت سان رکي ۽ پنهنجي آزاد جمهوري رياست کي فخر سان دنيا جي اڳيان پيش ڪري سگهي ته آمريڪا هڪ جمهوريت پسند انساني حقن جو علمبردار سائنسي علمن جي تحقيق لاءِ خرچ ڪرڻ وارو ملڪ آهي، بلڪه هاڻي سندس حيثيت تبديل ٿي چڪي آهي.

            اها به حقيقت آهي ته اڃان تائين اها گهُر رياستي سطح تي فرانس نه ڪئي آهي، اها صرف هڪ فرد جي جنهن جو تعلق سياست سان ضرور آهي ان اها گهُر ڪئي آهي، پر جيڪي سمجهڻ وارا آهن اهي سمجهي سگهن ٿا ته هن وقت هڪ فرد جي ان قسم جي گهر آمريڪا جي عزت ۽ جمهوريت جي علمبردار ملڪ هجڻ ناتي ان جي غير جمهوري رويي ۽ پاليسين مٿان هڪ شرمنده ڪندڙ حملو آهي.

            آزاديءَ جو مجسمو آمريڪا کي 1886ع ۾ فرانس جي طرفان فرينڪو آمريڪن فرينڊشپ (فرانس آمريڪا دوستي) جي اظهار لاءِ ڏنو ويو هو ۽ اهو نٿو چئي سگهجي ته فرانس ڪڏهن ان کي واپس وٺندو، پر هن قسم جي گهر هن وقت هڪ سياستدان کان جنهن جو تعلق فرانس سان آهي جتي انساني حقن کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ان ڪاوڙ جو اظهار آهي جڏهن ٽرمپ انتظاميه هڪ اهڙو پروپوزل موڪلي ٿي ته تحقيق ڪندڙ يونيورسٽين جو جن جو تعلق خاص ڪري نيشنل انسٽيٽيوٽس آف هيلٿ سان آهي، ايجوڪيشن ريسرچ سان يا ٻين وفاقي ايجنسين سان آهي، انهن جا فنڊز گهٽ ڪيا وڃن. يقينن نيشنل انسٽيٽيوٽس آف هيلٿ ۾ جيڪڏهن تحقيق جو  بجيٽ گهٽ ڪيو ويندو ته ان سان سائنٽفڪ ڪميونٽي جيڪا مسلسل صحت جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ انساني صحت جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجون تحقيقون ڪري ماڻهن جي بهتر صحت ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ اضافي لاءِ ڪوشان آهي ان کي وڏو ڌڪ رسندو. ان سان گڏوگڏ ايجوڪيشن ريسرچ جي تحقيق تي پڻ ساڳي پابندي لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن سان ڊيٽا ڪليڪشن، ان جا تجزيا ۽ پروگرام متاثر ٿيندا. ان کان علاوه ڊپارٽمينٽ آف انرجي ۽ نيشنل سائنس فائونڊيشن جا بجيٽ به گهٽ ڪرڻ جا پروپوزل ڏنا ويا آهن، جيڪا نه صرف انهن يونيورسٽين جي انتظاميه جي لاءِ، آمريڪن ماڻهن جي لاءِ، پر پوري دنيا جي ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن، رياستن جي لاءِ هڪ ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي.  ان قسم جي پروپوزلس جي ڪري سڄي دنيا ۾ هن وقت هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، انهن ميدانن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي گريجوئيٽ شاگرد ۽ محقق جيڪي فنڊز ملڻ جي ڪري مختلف اسڪالرشپ پروگرامن تي آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا، اهي شايد هاڻي ان موقعي کان محروم رهجي وڃن. هن وقت دنيا سراپا حيرت جو اظهار ڪري رهي آهي ته آخر هن ترقي يافته دور ۾ آمريڪي عوام هڪ اهڙي صدر جي چونڊ ڪيئن ڪئي، جنهن جا ارادا نه صرف ٻين ملڪن جي ترقيءَ جي سفر کي سست ڪرڻ جا آهن، بلڪه هو پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ کي به سست رفتار ڪري رهيو آهي.