پرويز مشرف جي سزاءِ موت جي فيصلي تي هٿيار بند فوج طرفان ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار

پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي پاڪستان جي فوج ۾ انتهائي گهڻو ڏک، غصو ۽ بيچيني آهي. جنرل (ر) پرويز مشرف آرمي چيف چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ صدر پاڪستان رهي چڪو آهي. هن 40 سالن کان وڌيڪ پاڪستان جي خدمت ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ جنگيون وڙهيون. پاڪ فوج جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنرل (ر) پرويز مشرف ڪنهن به صورت ۾ غدار نٿو ٿي سگهي. ڪيس ۾ آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ناهن ڪيا ويا. جڏهن ته پرويز مشرف کي پنهنجي دفاع جو بنيادي حق به نه ڏنو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي بيان ۾ چيو ته عدالتي ڪارروائي شخصي بنياد تي ڪئي وئي جڏهن ته ڪيس کي تڪڙ ۾ نبيريو ويو آهي. پاڪستان فوج اها اميد رکي ٿي ته جنرل پرويز مشرف کي پاڪستان جي آئين هيٺ انصاف ڏنو ويندو.
