خاص

بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بلن ۾ رعايت، مسواڙون ملتوي، سنڌ ۾ رليف آرڊيننس منظور

سنڌ ڪابينا ڪورونا رليف آرڊيننس جي منظوري ڏيئي ڇڏي. بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بلن ۾ رعايت ڪئي وئي. مسواڙون ملتوي ڪيون ويون، اسڪولن جي في ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏني ويئي. خانگي ادارن مان ڪنهن به ملازم کي برطرف نه ڪيو ويندو. ادارا بند هجڻ جي ڏينهن واري به پگهار ڏني ويندي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال دوران مسواڙ وارين جاين جون مسواڙون، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بلن جي ادائگين کي ملتوي ڪرڻ ۽ خانگي اسڪولن جي فين ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ بابت “سنڌ ڪورونا ايمرجنسي رليف آرڊيننس 2020” جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪو گورنر سنڌ جي منظوري ملڻ کانپوءِ صوبي ۾ لاڳو ٿي ويندو