ڪجهه ماڻهو پارڪ ۾ گهمي رهيا هئا، پر ڪي جاگنگ ۾ مصروف هئا. منجهند جو وقت تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو هو ۽ شام آهستي آهستي مارگلا جي جبلن کان هيٺ لهي رهي هئي. گرم دوپڙيءَ کانپوءِ اسلام آباد جي شام جو پنهنجو حسن آهي. منهنجي ننڍپڻ جي عادت آهي ته جڏهن به پريشان ٿيندو آهيان پارڪ ۾ وڃي دل وندرائيندو آهيان. ڪجهه گهمڻ بعد، مان هڪ بينچ تي ويٺس. اها بينچ منهنجون سڀ پريشانيون ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ مان پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندي گهر موٽي ايندو آهيان. اُهو ڏينهن به سخت پريشانيءَ ۾ هو. آئون معمول مطابق پارڪ جي رستي تي ٻه چڪر لڳائڻ کانپوءِ ڪنڌ جهڪائي بينچ تي ويھي رھيس. ٿوري دير کانپوءِ هڪ اڌ پڙهيل پختو همراهه اچي مون سان گڏ ويٺو. ٿي سگهي ٿو ته هو مون کي سڃاڻندو هجي، پر مان کيس نه پيو سڃاڻان، هن مون سان بار بار ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪڏهن اٽي جي اگهه جو ذڪر ڪندو رهيو، ڪڏهن ٽرانسپورٽرن جي ڀاڙن جي شڪايت ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن ماڻهن جي غير اسلامي لباس تي تبصرو ڪندو رهيو، پر جڏهن ڳالهه وڌڻ لڳي ته مون کيسي مان چند رپيا ڪڍي هن جي هٿ تي رکيا. هن ڪجهه لمحن لاءِ حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ مخاطب ٿي چيائين اسان جي قوم جو وڏو الميو اهو آهي ته ٻين کي فقير سمجهون ٿا ته بابا سائين مون تي مالڪ جو وڏو فضل آهي. مان توهان جي ڀرسان ويٺس، توهان پريشان ٿي ويو، توهان سوچيو ته مان فقير آهيان! مون کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ شرمساريءَ سان معافي گهريائين. هن مسڪرائي وري پڇيو: