عسڪري عنايت سان هلندڙ گرين پاڪستان انيشيئيٽو اسڪيم جو مقصد پاڪستان جي زرعي انقلاب آڻڻ آهي، پر ان جي ڪاميابي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حدن اندر رهي عمل ڪرڻ تي آهي. جيڪڏهن غلط انتظام ۽ اهتمام ڪيو ويو ته نه رڳو اهو زرعي قدم ناڪام ٿيندو، پر ان جي معمارن جي اعتبار کي به نقصان پهچائيندو، جن ان کي هڪ بهترين حڪمت عملي بڻائيندڙ جي طور تصور ڪيو آهي. بدقسمتي سان اهو قدم اڳ ۾ ئي تڪراري چولستان ڪئنال جي ڪري اعتبار وڃائي چڪو هو، جنهن جي ڪري سنڌ بلوچستان کي ڊپ هو ته 1991 جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تحت انهن جي پاڻي جي حصي تي اثر پوندو. جڏهن ته اهي خدشا سچ ثابت ٿيا ۽ چولستان ڪئنال جي ڪري سنڌ بلوچستان متاثر ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ان معاملي کي اڳتي وڌڻ کان اڳ حل ڪيو وڃي، جنهن ۾ هڪ اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جيڪو سائنسي طور تي مضبوط، سماجي طور تي مربوط، مالي طور تي قابل عمل ۽ ماحولياتي طور تي پائيدار هجي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪاميابي پاڻي جي فراهمي سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي اعليٰ ڪارڪردگي واري آبپاشي نظام لاءِ معياري طور تي سمورو سال خشڪي کان بچاءُ لاءِ پاڻي جي ضرورت پوندي، جيڪا ممڪن ناهي. جتي ساريالي فصلن کي پاڻي ڇماهي به نٿو ملي ۽ ڪجھه ڪئنال اهڙا به آهن جيڪي ٻارهو ئي هلن ٿا، پر هاڻي ته درياءَ ۾ پاڻي ئي ناهي رهيو ته اهي سُڪي سڙي ويا آهن، ڇو ته پاڻيءَ جي فراهمي روزاني ۽ موسمي طلب جي تبديلي سان ملندڙ هجي ٿي، اتي پاڻي جي فراهمي بيورو ڪريٽڪ ۽ سياسي رڪاوٽن کان به آزاد هجڻ گهرجي، انشورنس ٿيل هجي جيڪا فصلن جي اپت ۽ قيمت تي اثرائتي هجي. ساڳي جاءِ تي فارمنگ واريون شيون ماحولياتي طور تي عالمي مارڪيٽن جي معيارن کي پورو ڪرڻ لاءِ آلودگي کان به پاڪ هجڻ گهرجن ۽ انهن تي منفي سماجي ۽ ماحولياتي اثر پوڻ نه گهرجن. ان ڪري ڪو به تجويز ڪيل پاڻي جي فراهمي جو نظام هن فارمولي کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو ٿئي ته پوءِ شروعات ئي خطري ۾ هوندي.