بلاگنئون

چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ

عسڪري عنايت سان هلندڙ گرين پاڪستان انيشيئيٽو اسڪيم جو مقصد پاڪستان جي زرعي انقلاب آڻڻ آهي، پر ان جي ڪاميابي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حدن اندر رهي عمل ڪرڻ تي آهي. جيڪڏهن غلط انتظام ۽ اهتمام ڪيو ويو ته نه رڳو اهو زرعي قدم ناڪام ٿيندو، پر ان جي معمارن جي اعتبار کي به نقصان پهچائيندو، جن ان کي هڪ بهترين حڪمت عملي بڻائيندڙ جي طور تصور ڪيو آهي. بدقسمتي سان اهو قدم اڳ ۾ ئي تڪراري چولستان ڪئنال جي ڪري اعتبار وڃائي چڪو هو، جنهن جي ڪري سنڌ بلوچستان کي ڊپ هو ته 1991 جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تحت انهن جي پاڻي جي حصي تي اثر پوندو. جڏهن ته اهي خدشا سچ ثابت ٿيا ۽ چولستان ڪئنال جي ڪري سنڌ بلوچستان متاثر ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ان معاملي کي اڳتي وڌڻ کان اڳ حل ڪيو وڃي، جنهن ۾ هڪ اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جيڪو سائنسي طور تي مضبوط، سماجي طور تي مربوط، مالي طور تي قابل عمل ۽ ماحولياتي طور تي پائيدار هجي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪاميابي پاڻي جي فراهمي سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي اعليٰ ڪارڪردگي واري آبپاشي نظام لاءِ معياري طور تي سمورو سال خشڪي کان بچاءُ لاءِ پاڻي جي ضرورت پوندي، جيڪا ممڪن ناهي. جتي ساريالي فصلن کي پاڻي ڇماهي به نٿو ملي ۽ ڪجھه ڪئنال اهڙا به آهن جيڪي ٻارهو ئي هلن ٿا، پر هاڻي ته درياءَ ۾ پاڻي ئي ناهي رهيو ته اهي سُڪي سڙي ويا آهن، ڇو ته پاڻيءَ جي فراهمي روزاني ۽ موسمي طلب جي تبديلي سان ملندڙ هجي ٿي، اتي پاڻي جي فراهمي بيورو ڪريٽڪ ۽ سياسي رڪاوٽن کان به آزاد هجڻ گهرجي، انشورنس ٿيل هجي جيڪا فصلن جي اپت ۽ قيمت تي اثرائتي هجي. ساڳي جاءِ تي فارمنگ واريون شيون ماحولياتي طور تي عالمي مارڪيٽن جي معيارن کي پورو ڪرڻ لاءِ آلودگي کان به پاڪ هجڻ گهرجن ۽ انهن تي منفي سماجي ۽ ماحولياتي اثر پوڻ نه گهرجن. ان ڪري ڪو به تجويز ڪيل پاڻي جي فراهمي جو نظام هن فارمولي کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو ٿئي ته پوءِ شروعات ئي خطري ۾ هوندي.

چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ علائقي جي هائيڊرولاجي، ارضيات، مٽي ۽ آبهوا جي سائنسي حقيقتن کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي. چولستان هڪ خشڪ هوائي خطو آهي، جنهن جي خاصيت ريت جي ٽڪرين ۽ پاڻي جي تلائن سان ڀريل هجي ٿي. هي علائقو لوڻياٺي زميني پاڻي سان ڍڪيل آهي، جيڪو انسانن ۽ جانورن جي استعمال ۽ زراعت لاءِ نامناسب آهي. پاڻي جا ڪجھه ٽڪرا ۽ هاڪڙا، سرسوتي ندي جي پراڻي سطح سان گڏ موجود آهن، جيڪو هندستان جي راجسٿان ڪينال پاران ڪٽيل هڪ عارضي درياءَ آهي. اهي زميني ٽڪرا ۽ نالا صرف موسمي برساتن دوران ڀرجن ٿا. جڏهن ته مقامي ماڻهو روايتي طور تي پيئڻ جي پاڻي ۽ گذر سفر جي لاءِ انهن پاڻي جي ٽڪرن تي ڀاڙين ٿا، ڪجھه هنڌن تي ٽيوب ويل به لڳل آهن، جيڪي اڪثر ڪري لوڻياٺ جي گهڻائي جو سبب بڻجن ٿا، جيڪو وري مٺن کوهن کي بيڪار بڻائي ٿو ڇڏي ۽ وسيع پيماني تي ٻيهر لوڻياٺ جو سبب بڻجي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ وڏي پيماني تي زميني پاڻي ڪڍڻ مختصر مدت لاءِ هوندو آهي، جيڪو مقامي برادرين کي الڳ ڪندو ۽ زمين جي تباهي کي اڀاريندو، جيڪو فارمنگ جي ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام ثابت ٿيندو، تنهنڪري ڪنهن به سطح تي هن پروجيڪٽ جي خاطر خواهه سفارش ناهي ڪئي وئي.

هتي ايندڙ تازي پاڻي جو ذريعو رڳو ستلج هو، جيڪو راوي سان گڏ 1960 جي سنڌو طاس معاهدي تحت هندستان کي ڏنو ويو. اهي ڪئنال هاڻي سنڌو، جهلم ۽ چناب مان لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻي پيئندا آهن. بدقسمتي سان سنڌو طاس معاهدو هندستان کي گندو پاڻي راوي ۽ ستلج ۾ بنا ڪنهن معيار يا مقدار جي ڪنهن به حد تائين ڇڏڻ جي اجازت ڏئي ٿو. نتيجي طور اهي درياءَ آلودگي پيدا ڪندڙ به بڻجن ٿا، جيڪي کاڌي پيتي جي شين ۾ داخل ٿين ٿا، جڏهن انهن جو پاڻي سليمانڪي ۽ اسلام هيڊ ورڪ تي آبپاشي ڪئنالن ۾ موڙيو ويندو آهي، تڏهن انهن آلودگين جي ڪري اڪثر ڏکڻ پنجاب ۾ معدي، جگر ۽ گردن جي بيمارين جي شرح وڌي ويندي آهي. ان ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ هن آلوده پاڻي ذريعي پيداوار ۾ زهر داخل ڪندو، جيڪو ان کي بين الاقوامي مارڪيٽن لاءِ نامناسب بڻائيندو. ان کان علاوه ستلج ۾ وڌيڪ سلٽ لوڊ ۽ حياتياتي آلودگي درياءَ جي پاڻي کي جديد آبپاشي لاءِ نامناسب بڻائي ٿي، جيڪو پمپن، پائيپن ۽ نوزلن تي ڀاڙي ٿو. سلٽ لوڊ کي حل ڪرڻ لاءِ مهانگن ڊي سلٽنگ تلائن جي ضرورت هوندي آهي، پر اهي پاڻي جي انتظام کي وڌيڪ پيچيده بڻائين ٿا. ان ڪري ان زهر کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو چئلينج اهو به آهي ته هي ڪئنال جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي حساس آهن ۽ هوائي ريگستان جي خشڪ حالتن سبب هلي نه سگهندا.

منصوبي جي فيز II ۾ سنڌ جي مخالفت ڏسن جهڙي آهي، اها ڳالھه ٻي آهي ته چولستان جا هاري ان ڳالھه جي انتظار ۾ به هجن، پر ساڳي وارتا ٿر جي ماڻهن سان به آهي، جيڪي ان پاڻيءَ جي لاءِ به سِڪن ٿا ته اهي به اهڙن منصوبن ۾ آندا وڃن جو انهن وٽ به پاڻي وهي اچي، پر وارياسي ڀٽن ۾ پاڻي جو وهي اچڻ ممڪن ناهي. چون ٿا ته چولستان منصوبي سان 4 لک ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، پر اها ڳالهھ به ڏسجي ته سنڌ صوبي جي زرخير زمين تباھ ٿيندي ۽ علائقن ۾ سوڪهڙو وڌي ويندو، جيڪو زرعي تباهي آڻيندو. ان ڪري ضروري ناهي ته پنجاب جو انچ انچ سائو هجي، ٻين صوبن جي انچ انچ کي ساڙيو ۽ تباھ ڪيو وڃي. 1991 واري پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي هڪ منظور ٿيل ۽ جزوي طور تي تعمير ٿيل منصوبي کي وچ ۾ بند ڪرڻ سان قومي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو صوبن کي پنهنجي آبپاشي نظام کي ترقي ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿو. نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ انهن 6 ڪئنالن جي منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي، جڏهن ته پنجاب ان منصوبي لاءِ فنڊنگ جا وسيلا تبديل ڪرڻ جو ڪيس اٿاريو هو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران سال 2001 ۾ منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته ارسا 2002 ۾ ان لاءِ پاڻي جي دستيابي جو آسرو به ڏنو هو ۽ 2021 ۾ ساڳيو ئي ورجايو ويو. وفاقي حڪومت پنجاب ۾ جي ٽي سي، خيبر پختونخواهه ۾ رني ۽ چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ۽ بلوچستان ۾ ڪڇي ڪئنال کي پنهنجي وسيلن مان فنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. جي ٽي سي جي ڪل لاڳت 30 ارب رپيا هئي ۽ منصوبي جو پهريون مرحلو 2005 ۾ 10 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو. باقي ٻه مرحلا ان وقت کان فنڊن جي کوٽ سبب التوا ۾ آهن. پنجاب صوبائي وسيلن مان باقي پروجيڪٽ جي فنڊنگ جي اجازت وٺڻ لاءِ ايڪنڪ وٽ ويو. ايڪنڪ يا سي ڊي ڊبليو پي ڪنهن به آبپاشي منصوبي کي روڪي نٿي سگهي، اهو اختيار رڳو ارسا کي آهي ته هو ڪنهن منصوبي جي ٽيڪنيڪل بنيادن تي فيصلو ڪري. صوبائي مالياتي ۽ آبي وسيلن سان ٺاهيل ڪينال تي اعتراض ڪيو پيو وڃي ۽ ساڳي جاءِ تي برساتن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊيمن جو مطالعو ڪيو پيو وڃي، جيڪا شيءِ ممڪن ناهي. جيئن مٿي چيوسين ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي سمورو سال پاڻي گهربل هجي ٿو ۽ پاڻي جي کوٽ جي صورت ۾ فصلن ۽ فارمنگ کي نقصان پڄي سگهي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته نون ڪمانڊ ايرياز کي پائيپ ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويندو ته جيئن بخارات ۽ پاڻي چوري سبب ٿيندڙ نقصانن کي پورو ڪري سگهجي.

هندستان جي راجسٿان ۾ هزارين ڪلو ميٽر ڪنڪريٽ سان ٺهيل ڪينال هاڻي ريتي هيٺ دفن ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري بيڪار ٿي وئي آهي. جيڪڏهن پاڪستان تڪڙ ۾ هن ماڊل تي عمل ڪيو ته اهو به ساڳئي ڳالھه جو شڪار ٿي ويندو. موجوده ڪئنال تي ٻڌل فارمنگ برادريون اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن. انهن کي ڊپ آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ پاڻي جي بحرانن کي وڌائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ سماجي بيچيني پيدا ٿيندي. انهن اهم چئلينجن کي ڏسندي ستلج مان پاڻي کي ڪينال ذريعي موڙڻ مقصدن کي پورو نه ڪندو. انهن خامين لاءِ ستلج مان مقامي زميني پاڻي ڪڍڻ ۽ اضافي ڪينالن جي حوالي سان سيپٽمبر 2023 ۾ هڪ تفصيلي رپورٽن جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، جيڪو اپريل 2024 ۾ مڪمل ڪيو ويو، ان جو مقصد پائيدار پاڻي جي فراهمي لاءِ اهڙو موسمياتي سمارٽ سسٽم جوڙيو وڃي جيڪو فطري خطرن کي منهن ڏئي سگهي. سروي رپورٽن ۾ ستلج ۽ سنڌو دريائن جي دريائي واريءَ هيٺ پيئڻ جي پاڻي لاءِ وافر قابل تجديد اسٽوريج جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي هئي، سروي ۾ اهو تجويز ڪيو ويو هو ته هڪ طاقتور آبپاشي نظام استعمال ڪندي دريائي پاڻي کي پائيدار ۽ موثر طريقي سان ڪڍي ان پاڻيءَ کي منتقل ڪري، وري ورهائڻ جي لاءِ هڪ جديد دريائي فلٽريشن سسٽم تجويز ڪيو وڃي. هن طريقي جو مقصد ماحولياتي خلل کان بچڻ آهي ۽ اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ٻيا علائقا پنهنجي پاڻي جي حصي کي برقرار رکي سگهن. اهو ظاهر آهي ته ڪجھه ذاتي مفاد پرست امڪاني سائنسي، سماجي ۽ ماحولياتي نتيجن کي نظر انداز ڪندي ڪئنال جي تعمير تي زور ڏئي رهيا آهن، جيڪي منصوبي جي ڪاميابي کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا.