بلاگنئون

سائين اعجاز ممنائيءَ کي جيئن ڏٺو مون۔۔۔۔۔

سائين محترم اعجاز ممنائيءَ سان منهنجو تعلق 2005ع کان هڪ خانگي اسڪول ۾ ڪم ڪرڻ دوران ٿيو. پهريان ته سائين جي رعبدار شخصيت کي ڏسي لڳندو هو ته سائين ڪو وڏو چيڙاڪ ۽ سخت طبيعت جو مالڪ هوندو، پر اهو سڀ وهم هو. نهايت سٻاجھي طبيعت ۽ کلڻ ملڻ واري سائين اعجاز کي ڏسي اسان کي به سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جنهن ۾ سائينءَ تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي. انهيءَ کانپوءِ سنڌي سبجيڪٽ پڙهايو ۽ سائين جي رهنمائي گڏگڏ هلندي رهي. سائين تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي انڪري هر وقت ماڻهن جي خدمت ۾ پيش پيش رهندو آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان سندس بيحد عقيدت آهي. جنهنڪري پاڻ شاھ لطيف جي ميلي تي نڪرندڙ خاص ايڊيشن ۾ لکندا رهندا آهن ۽ ڪافي دفعا سائين کي بهترين ليکڪ جا پڻ اعزاز ملي چڪا آهن. سائين جي شخصيت سان ڪافي ماڻهن کي تضاد ٿي سگهي ٿو ۽ اڪثر ڏسڻ ۾ به آيو آهي، پر سائين اعجاز انهن جي پرواھ نه ڪندي پنهنجي لکڻ ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ هميشه پيش پيش رهيو آهي جيڪو سندس فراخدليءَ جو وڏو مثال آهي.

سائين جي لکڻ جو شوق تمام پراڻو آهي. 2005ع کان ۾ واسطو وڌڻ کانپوءِ خبر پئي ته شوق سان نڀائيندا پيا اچن ۽ لکڻ واري ڪرت سان سلهاڙيل رهيا، جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. شروعات ۾ سائين اعجاز کي شاعري طرف گهڻو لڳاءُ هو. جڏهن انٽرنيٽ جهڙي جديد سهولت نه هوندي هئي تنهن هوندي به سائين پنهنجون لکڻيون ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائي پرنٽ ڪڍرائي اها اخبارن ڏانهن موڪليندو رهيو ۽ پنهنجي انهيءَ ڪم کي جاري وَ ساري رکيو ۽ همت نه ھاريائون. سائين جي انهيءَ جستجو کي سلام آهي. سائين پنهنجي همت ۽ رب پاڪ جي ٻاجھ سان پنهنجا اَٺَ ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي ۽ سندس هڪ ڪتاب… جلد اچڻ وارو آهي. سائين جا جيڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن اهي هن ريت آهن: اندر جا اندوهه، رند پروڙين راز، جنين جيءَ جياريو (حصو پهريون)، جنين جيءَ جياريو(حصو ٻيون)، عالم جا اهنج، سامي جهاڳي سڃ، برقعان اندر بازيون، وجود ئي وڻڪار.

بقول سائين اعجاز جي ته هن وٽ ايترو مواد موجود آهي، جو ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي سگهن ٿا. اهو ڏينهن خالي نه هوندو آهي جنهن ڏينهن اخبارن ۾ سائين جو ڪالم نه هجي. سياست تي سائينءَ جون لکڻيون تمام گهڻيون، پر اثر آهن. پاڻ نوشهروفيروز جي آسپاس جي شخصيتن تي ڪافي قدر بهتر نموني سان لکيو اٿن. سائين اعجاز کي جي ڪم کي ڏسي سندس تعريف کانسواءِ رهي نٿو سگهجي،کين مڃتا طور جيڪي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا آهن اهي هن ريت آهن.

اسٽار گرامر اسڪول نوشهروفيروز پاران بهترين استاد

جا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل:

* يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت پاڪستان پاران بهترين سماجي ورڪر سرٽيفڪيٽ.

* مجلس وحدت مسلمين پاڪستان صوبا سنڌ پاران بهترين اڳواڻ جو ايوارڊ موبائل فون ۽ ڊجيٽل ڪئميرا.

* ڊي سي نوشهروفيروز پاران بهترين خدمتگار شعبه صحت ضلعو نوشهروفيروز ايوارڊ.

* الجهاد پبليڪيشن نوابشاهه پاران بهترين ڪالم نويس ميڊل.

* فاطميڊ فائونڊيشن سنڌ پاران بهترين سماجي رهنما سرٽيفڪيٽ.

* انٽرنيشنل هيومن رائٽس ڀريا سٽي پاران بهترين سماجي اڳواڻ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ.

* سنڌي ادبي سنگت ضلع نوشهرو فيروز پاران بهترين اديب ايوارڊ.

* انٽرنيشنل رائٽرز فورم پاڪستان پاران شيلڊ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ

* سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران مڃتا شيلڊ 24-2023 ۽ سرٽيفڪيٽ.

* اسٽوڊنٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ پاران ايوارڊ.

* هوپ فار آل آرگنائيزيشن ايوارڊ.

* پندرنهن روزا “فنگامه ميگزين” پاران بهترين ڪالم نگار سرٽيفڪيٽ.

سائين اعجاز ممنائي جي 4 نومبر تي ٿيندڙ  50 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. مان سائين اعجاز لاءِ هر وقت هر گهڙي دعاڳو آهيان شال رب پاڪ کين تندرستي عطا فرمائي ۽ اهل و عيال سميت شاد ۽ آباد رکي. آمين.