نئون

سپريم ڪورٽ ۾ ايئرپورٽ جي نجڪاري خلاف درخواست داخل

سول ايوي ايشن (سي اي اي) طرفان سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي وئي آهي ته حڪومت پاران ايئرپورٽ ۽ سي اي اي جي ٻين شعبن جي خانگائڻ واري عمل کي روڪيو وڃي. درخواست ۾ سي اي اي ايمپلائيز يونين جي جنرل سيڪريٽري محمد اياز بٽ الزام لڳايو ته حڪومت ايئرپورٽ جي خانگائڻ جو تفصيل پيش نه ڪيو آهي. درخواستگذار اهو به چيو آهي ته ايئرپورٽ کي خانگائڻ سان سيڪيورٽي رسڪ وڌي ويندو جنهن جو نقصان پي آءِ اي سان گڏ ايئر فورس ۽ وزارت دفاع کي به ٿيندو. درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هن وقت وزارت دفاع پاران احتجاج ڪري خانگائڻ جو عمل روڪيو پيو وڃي پر وزارت ۾ معمولي تبديلي کانپوءِ، هن معاملي کي خاموشي سان پورو ڪري نجڪاري مڪمل ڪري سگهجي ٿي. سي اي اي جو چوڻ آهي ته سي اي اي هڪ منافعي وارو ادارو آهي گذريل سال ان پاران 70 ارب رپيا ڪمائي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا هئا ۽ هاڻي نئون ايئرپورٽ به ٺاهيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ 100 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي. درخواستگذار اهو به چيو آهي ته نجڪاري جي هن عمل کي آئوٽ سورس جو نالو ڏئي هڪ طرح سان بيوقوف بڻايو پيو وڃي. حڪومت پاران تمام عمل کي خفيه رکيو ويو آهي ۽ لاهور ۾ موجود هڪ لا فرم کي 4 ڪروڙ نوانوي لک رپين جو ٺيڪو ڏيئي مزاحمت کي دٻايو ويو آهي.