پاڪستاني سمنڊ جي حدن ۾ خوني ويل مڇين جي موجودگي
يونائيٽيڊ نيشن جي اداري ورلڊ وائيلڊ فنڊ جي رپورٽ مطابق پهريون دفعو پاڪستاني سمنڊ جي حدن ۾ خوني ويل مڇي ڏٺي وئي آهي. هن قسم جي ويل مڇي کي اوڪرا OCRA جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جيڪا دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ترين جاندار آهي. اها عمان ۽ گلف ۾ ته موجود ڏٺي ويندي رهي آهي پر پاڪستاني حدن م پهريون ڀيرو نظر آئي آهي. ورلڊ وائيلڊ لائيف جي پاڪستاني نمائندي محمد معظم خان جو چوڻ آهي ته 2003 کان ٿيندڙ سروي مطابق ڪابه اهڙي مڇي نظر نه آئي آهي. هن چيو ته هي مڇيون صرف پاڻي ۾ ئي هونديون آهن. هي ويل مڇيون پنهنجي خوراڪ لاءِ انهن مڇين کي شڪار بڻائينديون آهن. سڄي دنيا ۾ هن قسم جون 50000 مڇيون ئي موجود آهن. جنهن مان 25000 اينٽارڪٽڪ جي سمنڊ ۾ رهن ٿيون. ورلڊ وائيلڊ فنڊ جي سينئر نمائندي ٻڌايو ته هن قسم جي مڇين جو پاڪستاني سمنڊ ۾ موجود هجڻ جو مطلب ته هاڻي اسان کي پاڪستاني سمنڊ جي جاندارن جي زندگي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.