ساڻيهه ڪهڪشان الماس May 2021
ھُن جو ضبط اڄ ٽٽي پيو ھو، ھوءَ پنھنجي ذات ۾ جلا وطن ٿي پئي ھئي، ھُن کي سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪٿي ٿي وسريا، ھوءَ پنھنجن سڄڻن لاءِ ڪوسا لڙڪ ٽمائڻ لڳي ھئي، هن جي من ۾ سڪ ۽ اڪير شدت پڪڙي ورتي ھئي، ھوءَ انھيءَ ئي ڪيفيت ۾ پنو کڻي ڪجھ لکڻ لڳي ٿي:
شال سرهو هجين!
منھنجن اکين جا ٺار
منھنجا ڀاءُ!
اڄ پهريون ڀيرو هُن خط ذريعي اوهان سان مخاطب ٿي رهي آهيان، ڪجھ حال اورڻ ٿي چاهيان هن خط ذريعي جيڪي روبرو ڪڏهن ڪري ناهيان سگهي. جڏهن ته پنهنجي وچ هڪ عظيم رشتو آهي ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو، ڀاءُ ڪيتري نه شفقت ڀريو لفظ آهي، ڀاءُ جيڪو دوست به هوندو آهي، همراز به هوندو آهي ته وري ڪڏهن پيءُ جو عڪس به ڏيندو آهي، پر الائي ڇو ان رشتي جي اهميت صرف ٻالجتي تائين قائم رهندي آهي. پاڻ به جڏهن ٿورا وڏڙا ٿياسين ته پنهنجي وچ وڇوٽين جا طوفان اچي لٿا، جنهنڪري پاڻ هڪٻئي لاءِ اجنبي بڻجي وياسين!
گهڻن ڏينهن کان هنيانءُ سٽون پيو کائي اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ، چاهيم پئي ته پنهنجي ان آڳنڌ جي سڳنڌ اچي وٺان، گهر جي ڀتين کي درن کي اچي چمان.
گهر جيڪو بابا ۽ امان اسان لاءِ جوڙيو هو، جيڪا اسان سڀني جي پناھ گاھ آهي، جنهن ۾ بابا اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي پيار ۽ خلوص سان رهڻ سيکاريو.
گهر ڇا آهي ان جي قيمت ڇا آهي؟ ان جي اهميت صرف ٻه انسان سمجهي سگهن ٿا، هڪ اهو جنهن جي مٿي تان ڇت کسي وڃي ۽ ٻي اها نياڻي جيڪا پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي وڃي ٻيو گهر وسائيندي آهي.
ڀاءُ جڏهن اوهان ڀاڄائيءَ جي چوڻ تي گهر ڇڏي ويا هئيوَ تڏهن ڪيترا نه ڏکوئيندڙ مرحلا ايندا رهيا، جن ۾ اوهان جي سخت ضرورت هئي، پر اوهين نه آيا، پر اسان ڪيترين ڏکيائين سان منهن پئي ڏنوسين. بابا امان کي بيمارين جا لوڏا ايندا رهيا، پر اوهان ڪڏهن به سار نه لڌي، مون کي ياد ٿو پوي ته هڪ دفعي سياري جي سرد رات هئي، بابا جي اچانڪ طبيعت خراب ٿي پئي هئي، گهر ۾ اسان سڀني عورتن کانسواءِ ڪير به نه هو تنهن سمي اسين سڄي رات بابا جي مٿان ويٺا رهياسين، اها رات ڪيتري نه وڏي هئي، گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ سان اسان جون دليون به زور سان ڌڙڪي رهيون هيون، گهر ۾ اڪيليون عورتون ڪيڏانهن وڃن، ڪيئن ڊاڪٽر کي وٺي اچن؟ بس رب پاڪ کي ٻاڏائيندي خيرن سان رات گذاري هئي، ننڍڙي عمر ۾ انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ڪيترو نه ڏکيو هو، پر جڏهن وقت تجربا ڏيڻ تي اچي ته عمر جي تقاضا ڪٿ ٿي رهي، کيڏڻ جي عمر ۾ قلم ۽ هنر جي اهميت جي پروڙ ئي نه هئي، پر تنهن هوندي به پنهنجي ڪچڙي ذهن ۽ ڪچڙن هٿڙن قلم ۽ هنر نٿي ڇڏايو، ڪڏهن اهي ڪچڙا هٿ جواب به ڏئي ويندا هئا، پر تنهن هوندي ٻه ٻه ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي محنت کي جاري رکڻو پوندو هو!
ڀاءُ! جڏهن منهنجون سهيليون پنهنجي ڀائرن جو ذڪر ڪنديون هيون، ته “اسان لاءِ ڀاءُ اڄ هي شيءِ آندي، هوءَ شيءِ آندي.” تڏهن آئون حسرت منجهان کين ڏسندي هئس ته ڪاش اوهين به ايئن ئي رهو ها، جيئن ننڍپڻ ۾ هئا، ڀائر سمجهندا آهن ته ڀينرن جون نظرون سندن کيسن ۾ کتل آهن، پر ڀينرن جي نظر ته سندن هٿن منجھ هوندي آهي ته ڪڏهن اهي شفقت ڀريا هٿ سندن مٿي تي رکجن، جڏهن ڀائر ڀينرن لاءِ ڪابه ننڍي کان ننڍي، معمولي شيءِ به وٺيون ايندا آهن ته اهي ڀينرن لاءِ انمول شيون هونديون آهن، اهي بي جان شيون ڪهڙي اهميت ٿيون رکن؟ پر انهن بي جان شين ۾ ئي ته ايتري طاقت هوندي آهي جو هڪٻئي کي جوڙي رکنديون آهن. انهن لمحن ۾ هڪ پر سڪون زندگي سمايل هوندي آهي، انهن بي جان شين ۾ خوشيءَ جا، پيار جا روح ڦوڪيل هوندا آهن، جيڪي اسين سمجهي ناهيون سگهندا.
ڀاءُ! اوهان کي ياد آهي؟ ننڍپڻ ۾ پاڻ پينگهي ۾ سڀ گڏ هڪٻئي سان ريس ڪري وڙهي ڪري به گڏجي اچي ويهندا هئاسين، ڪيئن نه ميلي تي گڏجي گهمڻ ويندا هئاسين، ڪيتريون نه چلولايون ڪندا هئاسين.
اوهان کي ياد آهي؟ نم جي وڻ ۾ اوهان جهولو ٻڌو هو ۽ انهيءَ مان آئون ڪري پئي هئس، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ جي ڪري آئون مسلسل روئيندي رهيس ۽ اوهين به مون ساڻ روئيندا رهيا. وقت سان اهي احساس ڪيڏانهن گم ٿي ويا، اڄ هڪٻئي جو احساس ڇو نٿا رکي سگهون؟ ڇو اڄ پنهنجي وجود تي اوپري چادر اوڍي ويٺا آهيون جو هڪٻئي کي سڃاڻي به نٿا سگهون. الائي ڪيڏانهن ويا اهي ڏينهڙا، الائي ڪيڏانهن هليون ويون اهي چلولايون؟
ڀاءُ! وقت هٿن مان تيزي سان کسڪندو ٿي ويو، اسان ڀينرن به شاديون ڪري پنهنجا گهر وڃي وسايا، اسان جي شادين کانپوءِ اوهان کي منٿون ميڙ ڪري گهر اچڻ تي راضي ڪيوسين تنهن کانپوءِ اوهان اچي بابا جو گهر وسايو، اهو به ان ڪري جو امان بابا کانپوءِ گهر جا مالڪ اوهان جو ٿيڻا هئا، امان بابا ته اوهان لاءِ ڪا اهميت نه رکندا هئا، گهر جا اصل ڌڻي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي بيمارين سان، اڪيلاين سان منهن پيا ڏيندا هئا، ڀاڄائي نه ماني ٽڪر جو ڪو خيال ڪري نه ئي ڌوتي پوتي جو، جي اسين اچون بابا امان جي ڌوتي پوتي ڪرڻ ته ڀاڄائي بابا امان کي به ڇڙٻون ڏئي ته اسان کي به ويلا ٽارڻ جا طعنا ڏئي، جنهن پيءُ ماءُ اسان کي ننڍو ڪري وڏو ڪيو، جن اسان لاءِ پيٽن تي پٿر ٻڌي اسان کي گرم گرھ کارايو ٿي اڄ تن جو سندن گهر ۾ ئي وٽي تي به نالو ناهي. اوهان جون به ياريون دوستيون هلن، شراب ڪباب به هلن، پر امان بابا جي دوا دارون لاءِ کين ڇڙٻيو وڃي.
ڀاڄائيءَ جا تکا لفظ، لهجا ناقابل برداشت هوندا هئا، پر امڙ ابي لاءِ اهي به ماٺ ۾ سهندا آياسين. والدين حيات هوندي ڌيءَ ڪڏهن به پيءُ جو در نٿي ڇڏي سگهي، مڙس سان وڙهي ڪري به پيءُ جي در اچي پڄندي، پر جي والدين نه رهن ته ڌيءَ جا سڀ آسرا اميدون به ختم ٿيو وڃن، پر تنهن هوندي به هوءَ ڪوڙي آس دل ۾ پاليندي آهي ته پيءُ نه ته سندس ڀاءُ مٿي تي پيءُ جيان شفقت ڀريو هٿ رکي، پيءُ کانپوءِ ڀاءُ جي ئي گهر ۾ سندس نظرون کتل هونديون آهن ته ڪڏهن اباڻي گهر مان اسان ڏي به عيدون اينديون، ڪڏهن اسان به پنهنجي اباڻي گهر ۾ وڃي عيدون ڪنديونسين.
جڏهن ڀائيٽا، ڀائٽيون آڳر تي راند ڪندي ڏسندا آهيون ته ايئن ڀانئيندا آهيون ڄڻ اسان سڀئي ڀائر ڀينرون پيا راند ڪيون، شادي کانپوءِ نياڻي پنهنجي گهر يادن جا ڳڀا وٺڻ ايندي آهي نه ڪي ويلا ٽارڻ!
اسين به پنهنجو ننڍپڻ ڳولهڻ اينديون آهيون، اهي رانديڪا جيڪي اوهان ميلي تان وٺي ايندا هئا اهي رانديڪا ئي ته ڳولهڻ اينديون آهيون.
اهو وقت ڳولهڻ اينديون آهيون جنهن وقت ۾ اسان سڀ هڪ هوندا هئاسين، هرهڪ فرد جي اهميت هوندي هئي، ڪروڌ ڪري هڪٻئي سان وڙهي ڪري به ٻئي پل سڀ هڪ ٿي ويندا هئاسين، کل خوشيءَ سان.
اڄ ڪڻو ڪڻو ٿي هرڪو وکري ويو سڀ پنهنجي، پنهنجي زندگانين ۾ مصروف آهن، امان بابا به اوهان جي گهر جي ڪنڊ ۾ بيوس مجبور ٿي، هر شيءِ لاءِ اڙانگا ويٺا آهن، تنهن ڏينهن ٻارڙن جي وچ ويڙھ ڇا ٿي ۽ ڀاڄائيءَ ڪيتري تذليل پئي ڪئي ۽ اوهين خاموش ويٺا رهيا، نيٺ ان جي چوڻ تي اسان لاءِ پنهنجي گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيوَ.
ڀاءُ رت جا رشتا آساني سان ختم ته ناهن ٿيڻا، پر جيئري جدايون هوريان هوريان موت ڏانهن گهلينديون ٿيون وڃن، اڄ توهين به اولاد سان ٿيا آهيو خدا نه ڪري جو اهو وقت اوهان تي وري بس هينئر وقت اٿئو سمجهي وٺو ڇو ته وقت جي پڪڙ ڏاڍي سخت ٿئي ٿي.
نيٺ اوهان جي روَين اسان کان امڙ ابي جا در به ڇڏرايا.
بابا هميشه اکين ۾ لڙڪ سمائي چوندو آهي ته جيڪي جيئري سار نه لهن سي قبر تي روئي ڇا ڪندا؟
اڄ اسان کي هي مال دولت نه گهرجي اوهان کان، بس اهي يادون سنڀالي رکجو، بابا جي تربيت جو ڀرم رکجو، هن آڳر جون بهارون قائم رکجو، بابا جي ڏنل ڇت کي انهن جي محنت کي رائيگان نه ڪجو.
مون کي هن خط جو جواب لفظن ۾ نه گهرجي ڀاءُ، جنهن ڏينهن اوهان جي لفظن، لهجن ۾ نرمي ۽ بابا واري شفقت ڏٺي ان ڏينهن مون کي هن خط جو جواب ملي ويندو…
ڀائيٽن کي کوڙ سارو پيار،
اوهان جي مانائتي
ننڍي ڀيڻ
ڪلثوم
۽ ھوءَ سڏڪڻ لڳي ٿي ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي ٿي ته سندس پنو پُسي وڃي ٿو!!
***

