22 اپريل 2025 تي ڄمون ڪشمير جي مسلم اڪثريتي سياحتي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملي کانپوءِ 26 سياحن جي جانين ضايع ٿيڻ تي ڀارتي حڪومت تمام گهڻي اٻهرائيءَ ڪندي الزام هڪدم پنهنجي پاڙيسري ملڪ پاڪستان مٿان مڙهيو آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ ورلڊ بينڪ جي ٽياڪڙي هيٺ ٿيل سنڌ طاس معاهدي کي به منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر ان کانپوءِ مٿس ٿيندڙ تنقيد به تمام تيز ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڀارت جي اندر کان ئي آواز اٿي رهيا آهن. ڪانگريس جي وزير داخلا اميت شاهه ۽ وزير دفاع راجناٿ سنگهه کي اها صلاح ڏني آهي ته اهي پنهنجي نگرانيءَ ۾ سڪيورٽيءَ جي ناڪامي جي تحقيق ڪرائين. جڏهن ته ڀارتي چئنل انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق حڪمران جماعت جي رهنما مبينا طور تي اجلاس جي دوران اپوزيشن جماعت جي رهنمائن کي چيو آهي ته اسان کان ڪجهه ڪوتاهيون ٿيون آهن تڏهن ته اسين هتي ويٺا آهيون ۽ اجلاس جي دوران ڪيترن ئي اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن سيڪيورٽي پروٽوڪول جي بظاهر ناڪاميءَ بابت سوال پڇيا.
اپوزيشن پارٽيءَ جي ماڻهن جا اهي سوال هئا ته حملي وقت سيڪيورٽي فورسز ڪٿي هيون؟ سينٽرل ريزرو پوليس فورس ڪٿي هئي؟ ان جي جواب ۾ حڪومت مبينا طور تي چيو ته مقامي حڪام اننت ناگ ضلعي ۾ پهلگام جي ويجهو بيسرن علائقي کولڻ کان اڳ سيڪيورٽي ايجنسين کي اطلاع نه ڏنو ويو هو. ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اقوام متحده ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حملي کانپوءِ وڌ ۾ وڌ صبر کان ڪم وٺن ۽ اٻهرائيءَ جو مظاهرو نه ڪن. اقوام متحده جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو آهي ته اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان ڪوبه سڌو سنئون رابطو ناهي ڪيو، پر هو صورتحال کي تمام سنجيدگيءَ سان جاچي رهيو آهي. ترجمان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻنهي حڪومتن تي زور ڏنو ته اهي صبر کان ڪم وٺن ۽ خراب صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائين. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪوبه مسئلو بامعني گڏيل ضابطي ذريعي پرامن طريقي سان حل ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته ڀارت مسلم اڪثريتي ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ اڱاري جي ڏينهن 26 سياحن جي هلاڪتن کانپوءِ هڪدم سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان کان علاوه پاڪستاني سياحن کي 48 ڪلاڪن اندر ڀارت مان نڪري وڃڻ جو، واگها بارڊر بند ڪرڻ جو ۽ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ متعين پنهنجي ملٽري اتاشي کي وطن واپس گهرائڻ کانسواءِ ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي کي به گهٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
جڏهن ته ڀارت جي اهڙي قدم کڻڻ کانپوءِ پاڪستان شملا معاهدي کي ختم ڪرڻ سان گڏ ڀارت جي فضائي حدن سرحدي آمد رفت ۽ هر قسم جي تجارت بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. يقينن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ان قسم جي ڇڪتاڻ هن وقت نه انهن ٻنهي ملڪن جي حق ۾ آهي، نه خطي جي حق ۾ آهي ۽ نه ئي وري سڄي دنيا جي حق ۾ آهي، ڇو ته هينئر دنيا هڪ اهڙي پاسي وڃي رهي آهي، جتي جنگين جا خطرا ڪر کڻي بيٺا آهن، جنهن ۾ دنيا جون ٻه طاقتور رياستون آمريڪا ۽ چين هڪٻئي سان معاشي جنگ ۾ مصروف آهن ۽ ٽرمپ اقتدار ۾ اچڻ شرط چين جي مٿان تمام گهڻا ٽيرف لاڳو ڪري سڄي دنيا جي معاشي سرگرمين کي ڊنوانڊول ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو اثر نه صرف آمريڪا ۽ چين جي عام ماڻهو تي پيو آهي، پر ان جو اثر دنيا جي هر خطي ۾ رهندڙ عام ماڻهو تي به پيو آهي، ڇو ته هينئر دنيا هڪڙو گلوبل وليج آهي، جنهن ۾ ڪوبه ماڻهو دنيا جي ڪنهن به واقعي کان پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکي نه سوچي سگهي ٿو ۽ نه ئي عمل ڪري سگهي ٿو.
اهڙي وقت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جهڙن ملڪن کي جن وٽ اڃان ترقيءَ جو سفر مڪمل نه ٿيو آهي، اڃان به ٻنهي ملڪن ۾ آباديءَ جو وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري ٿو. ٻنهي ملڪن کي اڃان پنهنجي وسيلن کي پنهنجي عوام جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي توانائين کي صرف ڪرڻو آهي، اهڙي وقت ۾ ڀارت جو بين الاقوامي سنڌ طاس جهڙي معاهدي مان پنهنجو پاڻ کي ڪڍڻ جنهن جو ان کي معاهدي مطابق حق حاصل نه آهي، پر ان جو اعلان ڪرڻ به خطي ۾ تمام گهڻي ڇڪتاڻ وڌائڻ جهڙو آهي، جنهن جو فائدو يقينن اهي قوتون حاصل ڪري سگهن ٿيون، جن کان ننڍي کنڊ ۾ يا ايشيا جي ملڪن ۾ ٿيندڙ ترقي برداشت نٿي ٿئي. ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽئنڪس کي گڏجي ويهڻ گهرجي، پنهنجي مسئلن کي سفارتي ڳالهين ٻولهين سان حل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن وسيلن کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي لاءِ استعمال ڪرڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي.