سنڌ جي سر زمين صوفين، پيرن، بزرگن، عالمن، درويشن، شاعرن، اديبن، سگهڙن، سورمن، سورهين، مومنن جي ڌرتي آهي. جتي هميشه اهڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪارنامن، قولن، قربانين، ڪلامن، بيتن وارين خدمتن کي نه صرف سنڌي قوم پر پوري ڪائنات ۾ عزت ۽ اهميت حاصل آهي. اهڙن عظيم انسانن مان شاعرن جو سرتاج، بزرگ، درويش حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جنھن کي عقيدتمند ”ڀٽائي گهوٽ“، ”ڀٽ ڌڻي“، ”لال لطيف“ ۽ لاکيڻو لال ڪري سڏيندا رهن ٿا.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ضلعي مٽياري جي ڳوٺ هالا حويلي ۾ 1102 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو، سندن والد صاحب جو اسم مبارڪ شاهه حبيب هو.
شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه شھيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي خاندان مان هو. شاهه صاحب ننڍپڻ کان ئي موسيقي ۽ شاعريءَ سان دلچسپي رکندو هو ۽ گهڻو وقت اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. شاهه صاحب کي قدرت طرفان علم عطا ٿيل هو، پاڻ پوري سنڌ جو پيادل سفر ڪيائون جنھنجي ثابتي سندس ڪلام ”شاهه جو رسالو“ آهي. شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ تمام خوبيون آهن جيڪي هڪ انسان دوست، قومي آدرش جي شاعريءَ ۾ هونديون آهن. اهوئي سبب آهي جو اڄ شاعرن جو سرتاج، بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کي دنيا جو عظيم شاعر مڃيو وڃي ٿو. شاهه صاحب هڪ انسان دوست ۽ مخلص شاعر هو. منجهس ٻيائي، دغا، ڪوڙ ۽ فريب جهڙي ڪا به شيءِ موجود نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪو قوم لاءِ پيغام آهي اهو اسان سڀني لاءِ مشعلِ راهه آهي. پاڻ سست، ڪم چور ۽ غافل ماڻهن کي هڪ هنڌ صلاح ڏيندي فرمائن ٿا ته؛
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن پنھنجي ڪلام ۾ انساني ڌيان کي روحاني منزل ڏانھن ڇڪايو آهي. اتي وري آخري سفر جي تياري ۽ ان سفر ۾ غفلت نه ڪرڻ لاءِ پاڻ سجاڳ ڪيو آهي. شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه حقيقت کان بي خبر ۽ دنياوي ڪاروبار ۾ مگن ماڻهن کي ڪيڏي نه سهڻي صلاح ۽ سمجهاڻي ڏني آهي ته:
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ،
جي ماسو جُڙيئِي مال، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
**
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ،
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَھانگو اُنِ جو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام جي مطالعي کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪنھن کان بدلي وٺڻ جو ارادو نه ڪيائون ۽ خودغرضي ۽ بدنيتي کي برو فعل قرار ڏنو اٿائون ۽ پنھنجي ڪلام ۾ ٻڌائن ٿا ته اهڙي ماڻهوءَ کي هن دنيا توڙي آخرت ۾ ڪجهه حاصل نٿو ٿئي سواءِ خواري ۽ عذاب جي. ساڳي طرح هڪ سچي نيت رکندڙ ۽ انسان ذات سان محبت رکندڙ لاءِ فرمائن ٿا ته ان جو ذري جو نيڪيءَ وارو ڪم ڀي هڪ سٺي عبادت جي اهميت رکي ٿو. شاهه سائين هڪ لافاني شاعر آهي، سندس ڪلام اعليٰ پائي جو شهڪار آهي. شاهه صاحب جي ڪلام جو هن وقت تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. اهوئي سبب آهي جو سموري دنيا کيس عظيم شاعر جي روپ ۾ سڃاڻي ٿي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي شاهه صاحب کي دنيا جو عظيم شاعر سڏيندي ٻڌائي ٿو ته شھريت، افاديت ۽ حاصل مطلب جي حقيقت ۾ سائين جو مقام مٿانھون آهي. شاهه صاحب هڪ نئين انداز ۾ ترنم بخشيو، مشھور تنبوري جو ساز پڻ شاهه صاحب جي ايجاد آهي. شاهه صاحب پاڻ سدائين انسان کي نوڙت ۽ عاجزي جي تلقين ڪئي.
شاهه صاحب پنھنجي لاثاني شاعريءَ جي وسيلي انسان ذات جي هرموڙ تي رهنمائي ڪئي آهي. شاهه صاحب پنھنجي ڪلام ۾ چوي ٿو ته دنيا ۽ آخرت ۾ اُهوئي انسان اعليٰ مقام ۽ عزت ماڻي ٿو جنھن رات ڏينھن هڪ ڪري پنھنجي روحاني محبوب جو راضپو حاصل ڪيو:
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو،
اُنِ جِيَ، عَبد اللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳهِ اَچيو اُنِ جي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن 14 صفر 1154 هجري مطابق 1782ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. صفر مھيني ۾ هرسال ڀٽ ڌڻي تي شاهه صاحب جو ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي پرڏيھه کان وڏي انگ ۾ عقيدتمند حاضري ڀري من جون مرادون ماڻيندا آهن.