خاصنئون

ڀارت بغير ڪنهن اطلاع جي پاڪستان جي دريائن ۾ پاڻي موڪلي ڇڏيو

ڀارت بغير ڪنهن به اطلاع جي پاڪستان جي دريائن ۾ سيلابي پاڻي ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب ستلج ۽ سنڌو دريائن ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. هن سيلاب سان هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ متاثر ٿيندا. خبرن موجب 1988 کانپوءِ ستلج درياءَ ۾ هي هڪ وڏو سيلاب هوندو. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار رات دير سان چيف سيڪريٽري ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي جنهن ۾ هن ستلج درياءَ جي ويجهو وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ مقامن تائين پهچائڻ سميت ٻين امدادي ڪاررواين کي شروع ڪيو وڃي.