نيب پنجاب ۾ متحرڪ، خواجه سعيد رفيق خلاف جاچ شروع
ريلوي واري وزير جي ٺاهيل هائوسنگ سوسائٽي جو رڪارڊ سڀاڻي طلب ڪيو ويو. نيب پبلڪ سيڪٽر جي ڪمپنين جي ڪرپشن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعيد رفيق خلاف ڪرپشن جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. خواجه سعد رفيق جي هائوسنگ سوسائٽي پيراگون سٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ پيراگون ايڪسچينج جي ڊائريڪٽر کان به سڀاڻي رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. خواجه سعد رفيق تي الزام آهي ته هن پنهنجي دوستن جي حالت تي قرض حاصل ڪيو ۽ بليڪ من کي اڇو ڪيو. جڏهن ته هن پيراگون سوسائٽي ٺاهي ڪيترن ئي غريبن جي زمينن تي غير قانوني قبضا ڪرايا سندس خلاف وڏي پئماني تي جان شروع ڪري ڇڏي آهي.

