آئين ۽ قانون جي پاسداري ۾ ملڪ جي بقا آهي انور حسين قاضي
ڪنهن ملڪ کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ آئين جي وڏي اهميت آهي. آئين نه صرف عام شهري جي حقن جي حفاظت ڪري ٿو، پر در حقيقت ملڪ جي بچاءُ جو اهم عنصر آهي. پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جيڪڏهن هن حالت تائين پهتا آهن ته ان جو وڏو سبب آئين جي پاسداري نه ڪرڻ آهي. انهيءَ ڪري اسان وٽ معاشي استحڪام نه اچي سگهيو آهي. آئين هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن ۾ امن امان جي حالت، روزگار جا موقعا، تعليم، صحت، ووٽ ڏيڻ جو حق، آزاديءَ سان چرپر، زندگيءَ جو تحفظ مطلب ته آئين پاڪستان عام ماڻهن جي هر سماجي حق ۽ سياسي حق جي حفاظت جو ضامن آهي. آئين پاڪستان ۾ اهي سڀ ڳالهيون درج ته آهن، پر هنن تي عمل ڪيترو ٿئي ٿو، يقينن نه هئڻ جي برابر!
پاڪستان ۾ پهريون دفعو آئيني طور حڪومت عدمِ اعتماد جي ذريعي ختم ٿي، پر اڃان تائين آيل حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جون غير آئيني ڪوششون ڪيون پيون وڃن. صدر صاحب کان وٺي گورنر پنجاب تائين ايئن پيو محسوس ٿئي اهي عهدا آئيني نه هجن، انهن جو ڪار وهنوار آئين ۾ درج ٿيل نه هجي بلڪه اهي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جا عهديدار هجن ۽ ان سياسي پارٽي جي ليڊر جو هر حڪم ڪنهن بادشاهه وانگر مڃيندا هجن. اسان جهڙن ملڪن ۾ ظلم ته اهو به آهي ته هر سياسي پارٽي پنهنجي پنهنجي بادشاهت قائم رکندي پئي اچي ۽ ان جو سربراهه سندس پارٽي جو بادشاهه هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جي راءِ موجب ته ڪوبه چونڊيل ميمبر پنهنجي پارٽي سان ڪوبه اختلاف نٿو ڪري سگهي. ان راءِ کانپوءِ ته هر سياسي پارٽي جو سربراهه بي تاج بادشاهه ٿي چڪو آهي. ان شق جي اڃان به تشريح ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته ايندڙ پارليامينٽ ان تي ضرور غور ڪندي ۽ پارٽي کي صرف 63-A جو اختيار ڏيندي. جنهن ۾ واضح ٿيل آهي ته ڪوبه چونڊيل ميمبر ڪهڙي ڪهڙي بل تي پارٽي جي ضرور حمايت ڪري باقي ان جي مرضي آهي ته هو پنهنجي پارٽي پاليسي تي تنقيد پڻ ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي خلاف ووٽ به ڪري سگهي ٿو. جيئن اسان ڳالهه پئي ڪئي ته پي. ٽي. آءِ حڪومت آئيني طور ختم ٿي آهي جنهن کي عمران خان صاحب هڪ وڏي سازش ڪوٺي رهيو آهي. مئي جو پورو مهينو جلسا هليا، ان کانپوءِ 25 تاريخ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ هو ڌرڻو هڻڻ ۾ ناڪام ويو ۽ وري ڇهن ڏينهن کانپوءِ ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي اتان هليو ويو. مطلب ته هو چاهي ٿو ته ڪنهن به طرح هن موجوده حڪومت کي ختم ڪري کيس وزيراعظم بڻايو وڃي، آئيني يا غير آئيني قدم کڻي کيس اقتدار جي ايوانن تائين آندو وڃي. ڇو ته هو آئين پاڪستان ۾ يقين نٿو رکي، اليڪشن جي ڳالهه صرف بهانو آهي. اگر اسان فرض ڪريون ته ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي هيءَ حڪومت اليڪشن جو اعلان ڪري ٿي ۽ عمران خان جي پارٽي اڪثريت حاصل نٿي ڪري ته به عمران خان اليڪشن کي نه مڃيندو. ڪوبه ماڻهو، ڪوبه ادارو، ڪابه پارٽي اگر چاهي ٿي ته ملڪ ترقي ڪري ته ان کي ملڪ جي آئين پٽاندڙ ڪم ڪرڻو پوندو، ان ۾ ان ماڻهو ۽ اداري جي ڀلائي آهي. اگر ملڪ ۾ استحڪام هوندو ته ٻاهرين سرمائيڪاري ايندي، نيون نيون صنعتون لڳنديون ۽ هتان جي ماڻهن کي روزگار ملندو. اگر فرد خوشحال ٿيندو ته معاشرو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. اها ڳالهه سمجهڻ ته صفا سولي آهي، پر اسان جي پاليسي ساز کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. شايد ان ڪري ته انهن جا مفاد هن ملڪ ۾ نه آهن، سندن مال، ملڪيت ٻاهر آهي ۽ کين ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت به مليل آهي. جڏهن به رٽائر ٿين ٿا ان ملڪ ۾ وڃي آرام سان زندگي گذارين ٿا، هتي ته هو صرف حڪمراني ڪرڻ لاءِ آهن نه ڪي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ. اسان ته چئون ٿا ته ڀلي حڪمراني ڪريو، پر اوهان جي حڪمراني به ملڪ جي آئين مطابق هئڻ گهرجي نه ڪي اوهان جي مرضي مطابق. اگر اوهان کي ڪابه آئيني تبديلي ڪرڻي آهي ته ان لاءِ به اوهان وٽ آئين ساز ادارو موجود آهي.
اسان چاهيون ٿا ته جيڪو وقت گذري ويو ان مان سبق حاصل ڪريون. ملڪ جي معاشي ترقي، تعليمي ترقي مطلب ته هر قسم جي ترقي آئين تي عمل ڪرڻ سان ٿيندي. بس ان ڳالهه کي سمجهون ته آئين کي مقدم سمجهون ۽ پوري ملڪ کي ان موجب هلايون. نظام بهتر ٿيندو ته ملڪ ۾ استحڪام ايندو، ان مان خوشحالي ايندي.
آئين تي هلڻ مشڪل نه آهي، براءِ مهرباني هاڻي آئين جي حڪمراني ٿئي ته جيئن ملڪ مستحڪم ٿئي.
***

