خاصنئون

ڊاڪٽرن پاران نواز شريف جون رپورٽون نارمل قرار

ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽينڊنٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن متعلق ميڊيا کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته جناح اسپتال جي ڊاڪٽر نويد اقبال نواز شريف جو معائنو ڪيو، جنهن نواز شريف جي رپورٽن کي نارمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر پاران نواز شريف کي پاڻي جي وڌيڪ استعمال سان گڏ پروٽين واري غذا جي گهٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته مريم نواز ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوٽ لک پت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات بعد چيو هو ته هن جي گردن جي تڪليف وڌي وئي آهي ۽ مرض ٽئين اسٽيج تي پهچي چڪو آهي هن جي ٻانهن ۾ به سور ٿي پيو آهي. مريم نواز ٽوئيٽر تي نواز شريف جي رپورٽ شيئر ڪندي چيو هو ته هن هڪ ڊاڪٽر کي جيل ۾ معائني لاءِ موڪليو جنهن کي ملاقات نه ڪرڻ ڏني وئي هئي ۽ ڪلاڪ جيل ٻاهران انتظار ڪرايو ويو هو. هن چيو ته اسان 21 مارچ تي هوم ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو ۽ اڄ وري لکت ۾ درخواست ڏني ته ڊاڪٽر کي نواز شريف سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. مريم نواز پنهنجي پيغام سان گڏ ايڊيشنل سيڪريٽري هوم ڏانهن لکيل خط کي به ٽوئيٽر تي ٽيگ ڪيو آهي.