پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پوليو مهم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پوليس جي گاڏي تي حملو

ڪوئيٽا جي علائقي بليلي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جنهن ۾ 1 ٻار ۽ 1 اهلڪار شامل آهي. ڊي آءِ جي غلام اظفر مهيسر آپگهاتي ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 22 اهلڪارن سميت 27 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. هن ٻڌايو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽرڪ کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سبب ڀرسان لنگهندڙ گاڏي به ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي پئي. هن چيو ته آپگهاتي حملي ۾ 20 کان 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، پوليس اهلڪار ٽرڪ تي پوليو ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيا هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شرپسند ماڻهو ملڪ مان پوليو جي خاتمي واري مهم کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا، ملڪ مان پوليو جو خاتمو پهرين ترجيح آهي.