تعليمي نظام ڪنهن به قوم جي تهذيبي قدرن جو نمونو، آئينو ۽ عڪس هوندو آهي، جنهن جي ذريعي قوم ۾ موجود فردن جون صلاحيتون نکارجڻ ۽ اعليٰ سطح تي ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن. ڇاڪاڻ ته نصابي تعليم ۾ ان قوم جا جذبا، احساس ۽ عقيدا سمايل هوندا آهن ته جيئن ان جي تَهذيب، تمدن ۽ ثقافت کي نسل در نسل منتقل ڪري سگهجن. ان سان گڏوگڏ حڪومت هلائڻ لاءِ اهڙا ڪردار به پيدا ٿيندا رهندا آهن، جيڪي پنهنجن شعبن ۾ ان قوم جي عقيدن، نظرين، مزاج ۽ قدرن جي روشنيءَ ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏين..!
هن مضمون ۾ مان هن خِطي جي ماڻهن کي تعليم جي ذريعي ڪيئن غلام بڻائي رکجي تي سراسري نظر وجهندس. هتان جي تعليمي نظام کي سمجهڻ لاءِ مان هن خطي جي تعليم کي انگريزن جي دورِ حڪمرانيءَ کان اڳُ، انگريزن جي حڪمرانيءَ دوران ۽ انگريزن جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ ۾ ورهايان ٿو. انگريز بهادر جي هن خطي ۾ گِرفت مضبوط ٿيڻ کان اڳ هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن جو تعليم سان لڳاءُ اهڙي حالت ۾ هو جو هن خطي جا رئيس، امير ۽ چار چڱا ماڻهو تعليم جي مڪمل سرپرستي ڪندا هئا ۽ مدرسن ۽ مڪتبن جو قيام عمل ۾ آڻيندا هئا. هي خطو مختلف ملڪن، علائقن ۽ رياستن ۾ ورهايل هو، پر سڄي خطي کي تقريبن دهليءَ جي مرڪزي حڪومت هلائيندي هئي. دهليءَ جي مرڪزي حڪومت ٽٽڻ کانپوءِ به هتان جا امير ماڻهو تعليم تي هڙان وڙان پيا خرچ ڪندا هئا. ان جا ڪيترائي مثال آهن. “مقريزي” پنهنجي ڪتاب “الخطط” ۾ لکي ٿو ته “محمد تغلق جي دور ۾ صرف دهلي شهر ۾ هڪ هزار اسڪول/مدرسه هئا.” دهليءَ جي ڀرسان هڪڙي رياست هئي “روهيل کنڊ” جنهن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تقريبن پنج هزار استاد ٻارن کي تعليم ڏيندا هئا جنهن کي پگهار رياست جو نوابُ ڏيندو هو. ڪيپٽن اليگزينڊر هيملٽن پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ “صرف ٺٽي شهر ۾ چار سئو ڪاليج هئا.” ميڪس مولر لکي ٿو ته انگريزن جي حڪمرانيءَ کان اڳ ۾ بنگال ۾ اَسِي هزار اسڪول/مدرسا هئا، جڏھن ته هر چار سئو ماڻھن تي مشتمل آباديءَ تي هڪ اسڪول/مدرسو قائم ڪرڻ لازمي هو.” هي ته صرف اسڪول/مدرسا هئا، پر هتان جي ماڻهن جو تعليم سان لڳاءُ ايترو هو جو لڊلو پنهنجي ڪتاب “تاريخِ هنڌ” ۾ لکي ٿو ته “هندن جو هر ٻارُ عام طور پڙهڻ لکڻ ڄاڻندو هو.” 1853ع ۾ انگلينڊ ۾ انڊين ريفارم سوسائٽي ٺهي جيڪا لکي ٿي ته “انگريزن کان اڳ هندن وٽ هرهڪ موضوع پڙهائڻ لاءِ هڪ الڳ اسڪول هوندو هو..!” ان کان علاوه جنهن به مدرسي، اسڪول يا ڪاليج ۾ اميرن يا نوابن جا ٻار زيرِ تعليم هوندا هئا ته اُتي پڙهندڙ ٻين سڀني ٻارن جو خرچ امير ۽ نواب پاڻ ڀريندا هئا.
جڏهن برصغير جون اقتداري واڳون انگريزن جي هٿ ۾ آيون ته هنن تعليم جي نظام کي اهڙو ته تشڪيل ڏنو جو ان تعليمي نظام ۾ غلام ابنِ غلام پيدا ڪرڻ جي نرسريءَ جنم ورتو. تعليمي نظام ڌٻڻ بڻجي ويو جنهن ۾ جيڪو به ڦاٿو سو ٻين کي به ان ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو! ان تعليمي نظام جي ذريعي نه صرف هنن جو سياسي غَلبو جاري رهيو، پر هو آسانيءَ سان حڪومت به ڪندا رهيا. ان جي لاءِ هُنن هڪ پاسي ته هتان جي تھذيب، تمدن ۽ سٺين روايتن کي ڳولهي ڳولهي تعليمي نظام مان خارج ڪيو. ٻئي پاسي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي مَڙهيو. حڪومت جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ صرف انهن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون جيڪي هنن جي تعليمي ادارن مان شاگرد ٿي نڪتا ٿي. جنهن جو وڏو نقصان اهو ٿيو جو جيڪي تعليمي ادارا هتان جي تعليمي ماهرن جي سر پرستيءَ ۾ پئي هليا، انهن ڏي ماڻھن ٻار پڙهائڻ لاءِ نه پئي موڪليا. يعني تعليمي نظام ذريعي هو پنهنجي فڪر ۽ نظرئي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب پئي ويا. اهڙي تعليمي نظام ذريعي برصغير جا ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڪلارڪي وٺي پئي سگهيا، باقي هنن ۾ ٻي ڪابه قابليت پيدا نه ٿي سگهي. جنهن جي ڪري هتان جا ماڻهو انگريزن کان آزادي وٺڻ بجاءِ غلاميءَ کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
برصغير جون قومون غلاميءَ جي هن ڌٻڻ ۾ ڪيئن ڦاسنديون ۽ ڀُرنديون ويون انهن کي هيٺين رپورٽس ۽ يادداشت نامن مان سمجهي سگهجي ٿو. 1811ع ۾ وائيسراءِ لارڊ منٽو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي هڪ يادداشت نامو لکي موڪليو ته “قديم تعليمي نظام جي زوال سبب هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪوڙ، جعلسازي ۽ ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ سفارشي نظام جي ڪيترين ئي خرابين جنم ورتو آهي. ڊبليو ڊبليو هنٽر لکي ٿو ته “اينگلو- انڊين اسڪولن مان جيڪو به نوجوان پڙهي نڪري ٿو، پوءِ اهو هندو هجي يا مسلمان اهو پنهنجي اباڻي مذهب ۽ روايتن کان برملا انڪار ڪري ٿو.” انگريزن جي تعليمي نظام جو نتيجو اهو نڪتو جو اهڙو تعليم يافته طبقو تيار ٿيو، جيڪو ڪنهن به ڪم ڪار جو نه هو، جنھن ۾ ڪابه، نه ڪا تخليقي سگهه هئي نه ئي خودداري..!” برطانوي تعليم جي مقصد کي لارڊ ميڪالي هيئن بيان ڪيو آهي، “اسان کي هڪ اهڙي جماعت تيار ڪرڻي آهي، جيڪا اسان ۽ اسان جي ڪروڙين رعيت جي وچ ۾ ترجمان بڻجي، اها جماعت رت ۽ نسل ۾ ته هندستاني هجي، پر مزاج، خيال، اخلاق ۽ عقل ۾ انگريز هجي.” اهڙي تعليمي نظام جي ڪري انگريز بهادر ٿورڙي مقدار ۾ هوندي به هيڏي وڏي برصغير تي قابض ٿي ويهي رهيا. اهڙو مثالِ انساني تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. هن مان ثابت ٿيو ته ڪنهن به قوم کي ترقي وٺرائڻ ۾ تعليم جو ڪيڏو وڏو ڪردار آهي..! “سائمن رپورٽ موجب 1943ع ۾ آمريڪا ۾ في ماڻهو تعليم تي چار سئو ڊالر خرچ ڪيا ويندا هئا، انگلينڊ ۾ في ماڻهو اڍائي سئو ڊالر، جڏهن ته برصغير ۾ انگريز تعليم تي صرف ٽي ڊالر في ماڻهو خرچ ڪندا هئا.” ان جي ڪري انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ نوي سيڪڙو کان مٿي ماڻهو پڙهيل لکيل هئا ۽ برصغير ۾ نوي سيڪڙو ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ ئي نه ايندو هو.
انگريز جڏهن برصغير کي ڇڏي ويا ته حڪومت جون واڳون مقامي سياستدانن ۽ ڪامورن کي ڏئي ويا. هي حڪمران يا ته انگريزن جي ملڪ مان تعليم يافته هئا يا وري اينگلو- انڊين تعليمي ادارن جا سَند يافته هئا. هنن حڪمرانن تعليم کي ساڳي ئي نظام، ڍانچي ۽ طرز تي هلايو ته جيئن هنن جا ذاتي مفاد پورا ٿيندا رهن، پر هي نوان حڪمران ته انگريزن کان به ٻهَ هَٿَ اڳتي نڪري ويا. هنن تعليمي نظام کي مختلف درجابنديءَ ۾ ورهائي ڇڏيو. ايليٽ طبقي جي لاءِ الڳ ته اميرن لاءِ وري الڳ تعليمي نظام جوڙيو. جڏهن ته غريبن لاءِ وري اڃان الڳ تعليمي نظام جوڙِيَن! هاڻي ته ڪا خبر ڪونه ٿي پوي ته اسان جو تعليمي نظام ڪيترن طبقن ۾ ورهايل آهي. هنن تعليم کي ڪابه اَوليت نه ڏني آهي نه ئي ڪا ان جي لاءِ سٺي بجيٽ مختص ڪئي آهي. اسان جي ملڪ کي هلائيندڙ جيڪو خاص طبقو آهي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مضبوط سي ويءَ سان گڏ مخصوص تعليمي اداري مان تعليم يافته هجڻ به لازمي آهي. باقي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪو اُڙهيو سڙهيو غير معمولي قابل ماڻهو اچي ويندو آهي. هنن حڪمرانن به هڪ مخصوص نصاب ڏنو آهي، جنهن جون پاڙون هن ملڪ ۾ موجود قومن کان ڪونهين دور آهن. اهڙي تعليمي نظام مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته حڪمران طبقي پنهنجي رهائش لاءِ الڳ الڳ ڪالونيون ٺاهيون آهن، باقي ڪروڙين ماڻهون ڀلي وڃي جهنگ ۾ جهنگ جي قانون مطابق رهن. جنهن ملڪ جو تعليمي نظام ئي اهڙو ٺهيل هجي ته اهو ملڪ خاڪ ترقي ڪندو. اهڙي ملڪ جي نوجوانن مان مزاحمت ۽ خودداري ختم ٿي ويندي آهي. نوجوانن سميت هر ماڻهو ڪهڙي به طريقي سان نظام جو حصو ٿيڻ پسند ڪندو ۽ غلاميءَ سان جيئڻ ۾ فخر محسوس ڪندو…! ڇو ته اسان جو تعليمي نظام اسان کي هن خراب سسٽم خلاف بيهڻ لاءِ ڪوبه سبق نٿو ڏئي، ڪابه ذهن سازي نٿو ڪري. بس اهو اشرافيه طبقي سان ها ۾ ها ملائڻ لاءِ هڪ ذريعو بڻجي ويو آهي..!