سماجي حالتون ۽ واقعا اسان جِي منشا مطابق وِرلي ئي ظاهر ٿيندا آهن، ڇو ته اسان جي مختصر زندگيءَ جي وقت ۽ وٿيءَ ۾ گهڻو ڪري “بندي جي من ۾ هڪڙِي ته خدا جي من ۾ ٻِي” جي مصداق اسان جو ٽڪراءُ ناقابلِ يقين حالتن، واقعن ۽ ماڻهن سان ٿيندو رهندو آهي. توڙي جو طبعي دنيا گهڻو تڻو مستحڪم آهي، پر انساني تاريخ ۾ انساني زندگيون بدعنوان ۽ حرامي حڪمرانن ۽ انهن جي ڪرتن ڌرتن جي اشارن تي زير زبر ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته اڪثر حالتن ۾ اهو طبقو ڏهاڪن تائين مڙهيل پنهنجين ڏور رس ۽ غير محسوس ۽ غير مرئي ناڪاري پاليسين، هٿڪنڊن ۽ نظرياتي ڄارن ۾ انسانن کي گهربل جسماني، ذهني، جذباتي، سماجي ۽ نظرياتي/روحاني غلامي ۾ جڪڙي چؤکنڀو سوگهو ڪري وٺندو آهي. ان غلامي جي ثقافت جوڙڻ ۽ رائج ڪرڻ جو انحصار پڻ انيڪ ڌرين، مرحلن ۽ عنصرن تي مشتمل آهي. اهوئي سبب آهي جو هن عميق غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ سُڄاڻ ڌُرين کي ڏهاڪن ۽ ڪن حالتن ۾ صدين تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي؛ بلڪه ايئن چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته عوام کي غلامي جو احساس ڏيارڻ ۾ ئي وڏو عرصو لڳي ويندو آهي. هن مضمون ۾ آئون عوام جي جان، مال، آبرو جي تحفظ ۽ صحت، تعليم، روزگار ۽ تفريح جي مدَ ۾ انهن کان بدعنوان حڪمرانن طرفان اوڳاڙيل رقم مان کربن رپين جي لٽ مار ۽ حرامپائين جي حربن ۽ مرحلن تي هڪ نظر وجهندس.
جتي زرعي دور کان وٺي هلندڙ سليڪان دور تائين “هڪ ٻئي تي انحصاري” انساني تعاون کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان کي ٻين مخلوقن تي غلبو ۽ فوقيت ڏئي بي مثال انساني ترقي اسان جي پلئه وڌِي آهي، اتي ٻئي پاسي وري انسان جي هن عظيم گڻ جي ناڪاري استعمال ڪجهه چالاڪ انسانن ۾ مفت خوري ۽ بدعنواني جو ٻج پڻ ڇٽيو آهي، جنهن ڪري نه رڳو انفرادي ۽ گروهي، پر اجتماعي ۽ عالمي سطح تي انسان ذات لاءِ ناقابلِ تلافي مسئلا پڻ پيدا ڪيا آهن. هن سلسلي ۾ ٽئين دنيا جا ملڪ سڀني کان گوءِ کنيو بيٺا آهن. ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي 2024 واري رپورٽ (جيڪا 2025 ۾ ڇپي) مطابق اسان جو پيارو ملڪ دنيا جي 180 ملڪن مان بدعنواني جي انڊيڪس تي 135 نمبر تي آهي. ٻين لفظن ۾ پاڪستان ايمانداري جي معيار تي اڪثر ملڪن کان ڪريل ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. اسان جا سڀ ادارا هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بلڪل ابتا بڻايا ويا آهن. ادارن ۽ عوام جي ترقيءَ جا ڪم فقط ڪاغذن ۾ ٿين ٿا، جڏهن ته انهن جي خطير رقم وزيرن، مشيرن، ڪامورن ۽ سندن ڇاڙتن جي کِيسن ۽ بينڪ بيلنسن ۾ وڃي ٿي.
خالص سائنس جي شعبن سان لاڳاپيل محققَ جيئن ته هڪ مضمون جي هڪ موضوع تي گهرائي واري نظر رکڻ ۽ نتيجي ۾ ان جي باريڪين ۽ پاتال ۾ پَيهِي انمول دريافتن، ايجادن ۽ اختراعن جا املهه ماڻڪ معاشري جي جهوليءَ ۾ وجهندا آهن، ان ڪري سندن نقطهءِ نظر سوڙهو هوندو آهي ۽ اهي سماجي لقائن جو جامع ۽ وسيع احاطو نه ڪري سگهندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهي تصوير جو فقط هڪ حصو ڏسندا آهن ۽ ٻيا حصا سندن نظرن کان اوجهل رهندا آهن. هن خال کي ڀرڻ لاءِ سماجي سائنس جا شعبا ۽ انهن سان لاڳاپيل محقق ڀريندا آهن. اهي سماج ۾ شين ۽ لقائن جي هاڪاري ۽ ناڪاري پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جو مُلهه مقام ۽ قدر طئي ڪندا آهن ته جيئن معاشرو ۽ عوام ناڪاري ۽ مفت خور مخلوق يعني بدعنوان طبقن ۽ حرامي حڪمرانن هٿان يرغمال بڻجي انهن جي مفادن جي حاصلات جا اوزار نه بڻجي سگهن. هن سلسلي ۾ فلاسافرن، تعليمدانن، معيشتدانن، سياست تي مَلڪو رکندڙن، تاريخدانن، نفسياتدانن، سماجيات جي ماهرن، بشرياتي علم جي ماهرن وغيره تي اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهي انسان پسنديت (Humanism) جي اعليٰ معيارن تحت ملڪ اندر يا ٻاهر پيدا ۽ استعمال ٿيندڙ هاڪاري شين، خدمتن ۽ لقائن کي فروغ ڏيڻ ۽ ناڪاري شين، خدمتن ۽ لقائن کي چٿڻ لاءِ رياست جي سڀني ٿنڀن کي موثر قدم کڻڻ لاءِ پابند بڻائين.
سماجي دنيا هن وقت ارتقا ڪندي هڪ اهڙي پيچيده موڙ تي پهتي آهي، جتي هڪ عام ذهن ۽ فهم رکڻ واري ماڻهوءَ لاءِ شين ۽ لقائن جي مڪمل تصوير ڪڍڻ ۽ سچ سمجهڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر انهن جي جزوي تصوير جي سچ تائين پهچڻ پڻ ايترو سولو نه آهي. ڪجهه حالتن ۾ ته طاقتورن جي بيانيي ۽ رياست جي اهم ٿنڀن (مقننه، انتظاميه، عدليه ۽ ميڊيا) جي يرغمالي سبب سچ کي ڪُوڙ ۽ ڪُوڙ کي سچ طور ڪاميابيءَ سان ٻُڌايو ۽ سمجهايو ويندو آهي. هن مقصد لاءِ بدعنوان لڏو پهريون هدف تعليم ۽ تعليمي ادارن کي بڻائيندو آهي ته جيئن اهي سدائين تباهه حال رهن ۽ عوام ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي تميز، انصاف ۽ ظلم جو فرق، اصل طاقت ۽ ڪمزوري جي شناخت وغيره جو شعور ختم ٿي وڃي. ان کانپوءِ انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته اهم سماجي ادارن جهڙوڪ: صحت ۽ معيشت جي ادارن کي فقط نالي ماتر فعال رکيو وڃي؛ مطلب ته اسپتالون يا ته هجن ئي نه ۽ جي هجن ته اتي ضروري دوائون ۽ علاج اڻ لڀ هجن، صنعتون ملڪي کپت کان گهڻو گهٽ پيداواري شيون ٺاهيندڙ هجن ته جيئن زندگي ۽ موت، غربت ۽ خوشحاليءَ کي مذهب جي آڙ ۾ رياست بدران خدا جي کاتي ۾ وجهي پاڻ کي الزامن کان آجو رکي سگهجي. اسان وٽ هن وقت بلڪل ايئن ئي آهي.
اسان وٽ ٻئين مرحلي ۾ ڪوڙ، ناانصافي ۽ بدعنواني جي ثقافت کي جيارڻ ۽ ان جون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ رياست جي سڀني ٿنڀن کي لٺ ۽ چٺ وسيلي پنهنجو هم خيال بڻايو ويو آهي. نتيجي ۾ اڄ پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، جو ٻچو ٻچو ايمانداري کي ڪمزوري ۽ نااهلي سمجهي ٿو ۽ ڪوڙ، بدعنواني، چمچاگيري ۽ مفاد پرستيءَ کي دانائي سمجهي ٿو.
هاڻي اسان جو بدعنوان حڪمران ٽولو ۽ سندن ساٿاري ٽئين ۽ تمام خطرناڪ مرحلي تي ڪم ڪري رهيا آهن. اُهو اِهو آهي ته ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي آڱوٺي ڇاپ ماڻهن جي ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن عوام فقط ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ جيئڻ کي ئي غنيمت سمجهندي رهي ۽ اها سندن اربين ۽ کربين رپين جي ٽيڪس لٽيرن کي پنهنجو محسن سمجهندي رهي. اڄ جا شاگرد پرائمري کان ڪاليج تائين پنهنجا امتحاني پرچا پنهنجي قابليت سان نٿا ڏئي سگهن ۽ اهي بنا روڪ ٽوڪ جي ڪاپي ڪري پاس ٿين ٿا ۽ ان کي پنهنجو حق سمجهن ٿا، پر بدعنوان ٽولي جو مقصد اڃان به ٻه قدم اڳتي نظر اچي ٿو. اهي چاهين ٿا اهڙا آڱوٺي ڇاپ استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڀرتي ڪجن جيڪي نه پڙهي سگهن ۽ نه وري امتحاني پرچو حل ڪري سگهن! ساڳئي طرح سان ڊاڪٽر اهڙا ڀرتي ڪجن جن کي بنيادي ايناٽامي، بيمارين ۽ ان جي علامتن ۽ لاڳاپيل دوائن جي ڄاڻ ئي نه هجي! انجنيئر اهڙا هجن جن کي پنهنجي شعبي جي الف بي جي خبر نه ئي هجي! هن ڳالهه جو ثبوت سرڪاري نوڪرين جي ڀرتي لاءِ وقت بوقت ورتل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ادارتي امتحانن جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کانپوءِ اهل اميدوارن طرفان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي دانهون ڪوڪون، احتجاج ۽ ڪورٽن ۾ سندن طرفان داخل ڪيل پٽيشنون آهن. تعليم کاتو ئي واحد کاتو آهي جيڪو ٻين کاتن کي هلائڻ لاءِ هيومن ريسورس فراهم ڪري ٿو. ان ڪري ان کاتي کي تباهه ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان جا سماجي سائنسدان جهڙوڪ: فلاسافر، تعليمدان، تاريخدان، سماجيات، معاشيات ۽ سياست جا ماهر، پروفيسر صاحبان، مزاحمتي شاعر، دانشور، اديب، استاد ۽ سماجي اڳواڻ نه رڳو ملڪ ۽ عوام دشمن حڪمرانن، وزيرن، مشيرن ۽ سندن ساٿارين جي ناڪاري پاليسين ۽ انهن طرفان مڙهيل غلامي جي ڄارن کي سمجهن ۽ انهن کي پنهنجي عوامي حلقن ۾ وائکو ڪن، پر ان غلاميءَ مان نڪرڻ جو بهتر لائحه عمل جوڙين ۽ عملي طرح سان سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجون تخليقي ۽ قائدانه صلاحيتون استعمال ڪن.