مون 1970 ۾ گورنمينٽ پائليٽ سيڪينڊري هاءِ اسڪول ۾ ڇھين ڪلاس ۾ پڙهائي دوران سائين غلام مصطفيٰ دادوي کي ڏٺو هو. ننڍو قد، ڀريل بدن، سادن ڪپڙن ۾ نظر اچڻ واري هن عالم دين کي ڏاڏي جي فوت ٿيڻ بعد 1975 ۾ ڪوٽڙي آباد ٿيڻ دوران جڏهن آئون سنڌي اسپيڪرز فورم جو عھديدار هئس ته سائين دادوي صاحب سان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي هئي، هو منھنجو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙي ٻانهن کي لوڏيندي مون کي منھنجي ڏاڏا جي نالي سان سڏيندي چوندو هو “شيخ صاحب جا فرزند”. هو هڪ ڏاڍو دلچسپ ۽ کل مک ناميارو تعليمدان، استاد ۽ ليکڪ هو. سندس پورو نالو غلام مصطفيٰ ولد جمعو خان پنهور هو. سندس جنم 12 جنوري، 1925 ڌاري دادو شھر جي ڀرسان ڳوٺ ڦل پنهور ۾ ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم محمد سليمان جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ درس نظامي ۽ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينھن ۾ دادوي صاحب جي ملاقات شمس العلماءَ عمر بن محمد دائودپوٽي سان ٿي، جنهن کيس تعليم کاتي ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ڪيو. غلام مصطفيٰ دادوي پنهنجي تدريسي سفر دوران مختلف هاءِ اسڪولن ۾ عربيءَ جي استاد طور ڪم سرانجام ڏيندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي نمبر-1 حيدرآباد مان رٽائرمينٽ ورتي. ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو عربيءَ ۾ ترجمو، تعارف القرآن، درس القرآن جا 30 سيپارا، قرآن شريف جون تشبيهون، سوانح عمري علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، مولانا جلال الدين روميءَ جي سوانح عمري، وسيلا سڀ وسار ۽ توحيد جو سبق قابل ذڪر آهن. هي پهريون سنڌي استاد هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ڇپيل ڪتاب تعارف القرآن کي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران انعام مليل آهي. غلام مصطفيٰ دادوي تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد به پنهنجيون تدريسي سرگرميون برقرار رکيون. ڪافي عرصي تائين هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ شاگردن کي قرآن جي تعليم کان علاوه منظور چيمبرز، حيدرآباد ۾ مفت ۾ عربي سيکاريندو هو ۽ شاگردن کي مفت ڪتاب فراهم ڪندو رهيو. امام ابن تميم جي سوانح عمري تحرير ڪرڻ تي انعام طور سعودي عرب جي بادشاهه شاهه خالد کيس تعريفي خط لکيو سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ ڦل پنهور، ضلعي دادوءَ ۾ آهي.