ايڊيٽوريلنئون

ايران ۾ مظاهرا جاري مستقبل غير يقينيءَ جو شڪار

ايران ۾ 28 ڊسمبر 2025 کان ريال جي قدر ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي جي خلاف ڪاروباري حلقن جو احتجاج جاري آهي. اهو احتجاج اسلامي جمهوريه ۾ 23-2022 جي سڄي ملڪ اندر ٿيل ريلين کانپوءِ سڀ کان وڏو احتجاج آهي. جنهن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري مهسا اميني کي وار نه ڍڪڻ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ حراست دوران سندس مري وڃڻ کانپوءِ اهو احتجاج شروع ٿيو. 1979ع ۾ جڏهن تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي قبضو ڪيو ويو، ان وقت آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر هو، جنهن ايران مان تيل جي خريداري بند ڪئي ۽ ايران جا آمريڪي بينڪن ۾ موجود لڳ ڀڳ 12 ارب ڊالر فريز ڪري ڇڏيا. ايران تي ڏهاڪن کان مڙهيل معاشي پابندين ايران جي معيشت ۽ عام زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب ايران جو عالمي بينڪنگ نظام سان رابطو ڪٽيل آهي، ملڪ ۾ ڊالرن جي سخت کوٽ آهي ۽ هن وقت ايران جي ڪرنسي دنيا جي ڪمزور ترين ڪرنسين ۾ شامل ٿي چڪي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي ماڻهن جون سڄي زندگيءَ جون جمع ٿيل بچتون پنهنجي قيمت وڃائي رهيون آهن. ايران ۾ هن وقت مهانگائي 40 کان 50 سيڪڙو جي وچ ۾ پهچي چڪي آهي. کاڌي پيتي جون شيون، دوائون سڀ مهانگيون ملي رهيون آهن. هي احتجاج 28 ڊسمبر 2025 تي تهران جي مشهور بازارِ بزرگ کان شروع ٿيو جتي واپارين پنهنجا ڪاروبار بند ڪري هڙتال ڪئي. ڇو ته کين ٻاهران مال گهرائڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي پيو. حڪومت جڏهن ڪجهه بنيادي شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته واپارين ۾ ڪاوڙ وڌي وئي ۽ پوءِ احتجاج جو دائرو وڌندو ويو. پاڪستان وانگر ايران ۾ به واپاري طبقو سياسي تبديليءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو حڪومت لاءِ ڪيڏي مهل به خطرو بڻجي سگهي ٿو. هاڻي ان احتجاج ۾ پورهيت، مزدور، شاگرد نوجوان، عورتون، سرڪاري ملازم سڀ شامل ٿي چڪا آهن ۽ هي احتجاج هاڻي مڪمل طور تي عوامي سطح تي پهچي چڪو آهي. شروع ۾ ماني ۽ روزگار جا نعرا ٿي لڳا، پر هاڻي آزادي ۽ حڪومتي نظام جي تبديليءَ جي نعرن جي گونج اچي رهي آهي.

ايران حڪومت هن احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسن جو استعمال ڪندي شهرن جي گهٽين ۾ مظاهرو ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ لٺين، آنسو گئس ۽ ڪٿي سڌي فائرنگ جو استعمال ڪري رهيا آهن. ڊجيٽل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن احتجاج جون وڊيوز ٻاهر نه نڪري سگهن ۽ حڪومت هن وقت پنهنجي بيانيي ۾ اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هي احتجاج ٻاهرين ملڪن جي سازش جو نتيجو آهي. تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته ايراني عوام هڪ مزاحمت پسند قوم آهي ۽ جڏهن به هو پنهنجي حقن لاءِ ٻاهر نڪرن ٿا ته وڏي پيماني تي قربانيون ڏيڻ کان نٿا ڪيٻائين. پاڪستان وانگر ايران جو به وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي انٽرنيٽ ذريعي دنيا سان ڳنڍيل آهن. جڏهن اهي پنهنجي زندگي، آزادي ۽ موقعن کي ٻين ملڪن سان ڀيٽين ٿا ته سندن اندر بيچيني پيدا ٿئي ٿي. ايران جي مٿان معاشي پابندين جي باوجود به ايران حڪومت پنهنجي عوام کي تيل، بجلي، گئس ۽ ڪجهه بنيادي غذائي شين تي وڏي سبسڊي ڏيندي رهي آهي، پر جڏهن ملڪ جي ڪرنسي پنهنجي قيميت وڃائيندي رهي ته پوءِ ماڻهن جون پگهارون چند ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃن ٿيون، سندن قوت خريد گهٽجي وڃي ٿي، واپاري طبقو جڏهن ڪا شيءِ ٻاهران گهرائي ٿو ته اها هڪدم مهانگي ٿي وڃي ٿي. بليڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ جي ڪري منافعي جو مارجن گهٽ ٿي وڃي ٿو. جڏهن ماڻهن وٽ پئسو ئي نه هجي ته واپاري جيڪو مال ٻاهران گهرائين ٿا ان جو وڪرو نه ٿيڻ ڪري هو پنهنجا خرچ نٿا ڪڍي سگهن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته حڪومت کي واپارين سان ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي ها. ڇو ته ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ڪجهه طاقتون ايران کي ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿيون، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خانمائي پهرين ڏينهن کان ئي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته احتجاج ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ سعودي عرب ملوث آهن، پر واپاري ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته سندن دشمن اسرائيل نه، پر سندن خالي کيسو آهي.

هن وقت حڪومت هڪ وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن سخت ڪارروائي ٿي ڪري ته ماڻهو ڪجهه عرصي لاءِ خاموش ٿي ويندا، پر ڪنهن نه ڪنهن وقت اها خاموشي وري ڪنهن ٻئي احتجاج جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿي. هن وقت دنيا ۾ بغير قيادت جي احتجاج ٿيندي نظر اچن ٿا اها ساڳي لهر ايران ۾ به نظر اچي پئي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته اهڙا احتجاج عوام جي حقيقي مسئلن سبب ٿي رهيا آهن ۽ عوام خود پنهنجو ليڊر بڻيل آهي. اهڙي صورت ۾ صرف عوام دوست پاليسيون ڪنهن به حڪومت جو بچاءُ ڪري سگهن ٿيون. آمريڪا هن وقت پرامن مظاهرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو ايران ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجو پاڻ کي هر اخلاقي ذميداري کان آجو سمجهي ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته هن وقت اهڙي صورتحال ۾ ايران پنهنجو پاڻ کي هن ايڏي وڏي چئلينج مان ٻاهر ڪيئن ٿو ڪڍي.