بلاگنئون

جعفر ايڪسپريس … ڪير ٿو سچ ڳالهائي؟

آئون لکڻ جي تياري ۾ هئس ذهن ۾ ڪجھ موضوع گردش ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ عالمي سياست ۾ پيدا ٿيندڙ اچانڪ تبديلي ۽ آمريڪا جي پاليسي ۾ وڏو شفٽ اچڻ ۽ پاڪستان جي اندروني ڪشمڪش، پاليسين جي ناڪامي، مذهبي انتها پسندي ۽ افغان پاليسي جي ناڪامي وغيره ذهن ۾ هئا ته اچانڪ خبر پئي ته بلوچستان ۾ ٽرين حادثو پيش آيو آهي. وري چيائون ته بم بلاسٽ ٿيو آهي ۽ پوءِ خبرون اچڻ لڳيون ته ريل کي اغوا ڪري  400  مسافرن کي يرغمال ڪري رکيو اٿن ۽ اها ريل هئي “جعفر ايڪسپريس”.

11 مارچ 2025 جي صبح جو جعفر ايڪسپريس ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ سفر جو آغاز ڪندي آهي. ٽرين کي پشاور تائين 1600 ڪلو ميٽر جو سفر ڪرڻو هو ڪوئيٽا کان نڪرندي صورتحال معمول مطابق هئي سواءِ ان خوف جي احساس جي جنهن جو ڪارڻ ٻه مهينا  اڳ ٿيل بم ڌماڪو هو جنهن ۾ 32 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. ياد رکڻ کپي ته سال 2024 جي آخر ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي پڻ بم ڌماڪو ٿيو هو. بهرحال! اهو خوف ته هر انهيءَ شخص کي ٿيندو آهي جيڪو بلوچستان جي موجوده حالتن ۾ سفر ڪندو آهي، جعفر ايڪسپريس 140 ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري جڏهن بولان پاس جي ويجهو آئي ته اچانڪ ريل جي انجڻ تي حملو ڪري ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ريل جي پٽڙيءَ جي اڳئين پاسي ۽ پٺئين پاسي کي ڌماڪي سان اڏايو ويو ۽ ريل 8 نمبر سرنگهه ۾ بيهي رهي، ٽرين جي اندر موجود سيڪيورٽي اهلڪارن وٽ ايترو اسلحو نه هو جو اهي پنهنجو يا مسافرن جو دفاع ڪري سگهن. ٿوري دير ۾ ئي تمام وڏي تعداد ۾ دهشتگرد جديد اسلحي سان ليس جن جو تعلق بلوچستان لبريشن آرمي سان هو، ٽرين کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو. رپوٽن موجب هٿياربندن مسافرن کي نسلي، زباني ۽ صوبائي بنيادن تي ڌار ڌار ڪري گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو. جن ماڻهن جو  تعلق پنجاب سان هو انهن کي موقعي تي ئي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. جعفر ايڪسپريس اها ٽرين آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري فوج سان تعلق رکندڙ ماڻهو ۽ پوليس سان تعلق رکندڙ ماڻهو سفر ڪندا آهن. يرغمال ٿيل جعفر ايڪسپريس جي مسافرن ۾ به گهڻو تعداد پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسن جي اهلڪارن جو هو، جيڪي عيد ڪرڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا.

جڏهن ريل جي اغوا جي خبر ٻاهر نڪتي ته پاڪستان جون فورسز هاءِ الرٽ ٿي ويون ۽ “آپريشن گرين بولان” جي نالي سان آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. هن آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڌ کان وڌ ڪوشش اها هئي ته دهشتگردن کي ماريو وڃي ۽ مسافرن جي زندگين کي گهٽ کان گهٽ نقصان پهچي ۽ انهن مسافرن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍجي. ان آپريشن کي شروع کان ختم ٿيندي لڳ ڀڳ 30 ڪلاڪ لڳي ويا. ڇو جو هڪ ته علائقو تمام پري ۽ خطرناڪ هو ۽ ٻيو ته اتان جون حالتون اهڙيون هيون جو سيڪيورٽي فورسز جي لاءِ تمام گهڻا چئلينجز هئا. ايتري ۾ بي ايل اي حملي جي ذميواري قبول ڪندي ڪجھ وڊيوز به جاري ڪري ڇڏيون. هن حملي جو مقصد اهو هو ته جيڪي عليحدگي پسند گروهن جا ماڻهو سيڪيورٽي فورسز جي قبضي ۾ آهن انهن کي آزاد ڪرايو وڃي. نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهو بازياب ڪرايا ويا. بي ايل اي جي هٿياربندن دعويٰ ڪئي ته اسان ڪجهه ماڻهو پاڻ آزاد ڪيا، جڏهن ته بعد ۾ بازياب ٿيندڙ ماڻهن چيو ته اسان پاڻ موقعي جو فائدو وٺي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.

ريل ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي تعداد، شهيد ٿيل ۽ يرغمال بڻيل مسافرن بابت واقعي جي پهرين ڏينهن کان ئي متضاد انگ اکر سامهون اچي رهيا هئا، حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن موجب 354 مسافرن کي خيريت سان آزاد ڪرايو ويو آهي ۽ انهن کي سندن گهرن ڏانهن يا اسپتالن لاءِ اماڻيو ويو آهي. 36 زخمي جڏهن ته 26 مسافر مارجي ويا جن کي دهشتگردن يرغمال ڪرڻ وقت قتل ڪيو هو. اداري موجب شهيد ٿيل ماڻهن مان 18 ماڻهن جو تعلق فوج ۽ ايف سي سان هو. جڏهن ته آپريشن ۾ 33 بي ايل اي جا دهشتگرد ماريا  ويا. ٻئي طرف ڪالعدم تنظيم بي ايل اي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسن شهيد ٿيل اهلڪارن جو صحيح انگ ظاهر نه ڪيو آهي. جڏهن ته 200 کان وڌيڪ يرغمالن جو تعلق سيڪيورٽي فورسن سان آهي ۽ اهي گهڻي وقت تائين يرغمال رهيا ۽ آرمي جي آپريشن شروع ڪرڻ کانپوءِ انهن مان گهڻن کي شهيد ڪيو ويو. ٻاهر جا يوٽيوبرز مسلسل اها دعويٰ ڪري رهيا هئا ته پاڪستان جي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا اصل انگ اکر صحيح طور ظاهر نه ڪري رهيا هئا. انهن مطابق شهيد ٿيل اهلڪارن ۽ يرغمال بڻيل مسافرن جا انگ سرڪاري رپورٽن ۾ گهٽ ڏيکاريا ويا هئا. اهڙيون خبرون ۽ دعوائون سوشل ميڊيا تي گهڻي تعداد ۾ موجود آهن، جيڪي حقيقت جي پوري عڪاسي ڪرڻ بدران گهٽ انگ اکر ظاهر ڪرڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن. ڪير صحيح آهي ۽ ڪنهن جو موقف درست آهي، اهو صحيح طرح سان طئي نٿو ڪري سگهجي. ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هي واقعو هڪ غيرآباد جڳهه تي پيش آيو جتي سيڪيورٽي فورسن کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي وڃڻ جي اجازت نه هئي. ٻيو اهم سبب اهو آهي ته هن واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسن جا اهلڪار نشانو بڻيا ۽ عام طور تي جڏهن ڪٿي به سيڪيورٽي فورسز تي حملو ٿيندو آهي ته بعد ۾ ادارا صحيح انگ اکر ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. ڇو ته اها حڪمت عملي پوري دنيا جون عسڪري قوتون اختيار ڪنديون آهن، جڏهن به ڪنهن ملڪي فورس تي حملو ٿئي ٿو ته سرڪاري ادارا عام طور تي صحيح انگ اکر ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن يا صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ معلومات کي محدود ڪندا آهن، اها حڪمت عملي نه رڳو پاڪستان، پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ به ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پاڪستان جون عسڪري قوتون ظاهر آهي ته جديد حڪمت عملي تحت آپريشن ڪنديون آهن. پاڪستاني فورسز وٽ دهشتگرد تنظيمن کان وڌيڪ مهارت سان آپريشن ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ پاڪستان جي فوج جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان هر وڏي ۽ مشڪل آپريشن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر ان قسم جا واقعا انٽيليجنس جي ناڪامي به ظاهر ڪندا آهن. ڇو ته بي ايل اي جي انٽيليجنس کي خبر هئي ته ٽرين اندر فورسن جا اهلڪار موجود آهن، بلوچستان جهڙي صوبي ۾ جتي سيڪيورٽي جا اڳ کان ئي مسئلا در پيش آهن، اتي معمولي لاپرواهي به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جي حڪومت ۽ ادارن شروعات ۾ افغانستان ۾ موجود بي ايل اي جي ماسٽر مائينڊ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هي افغانستان مان ڪنٽرول ٿي رهيو آهي، پر بعد ۾ آيل موقف ۾ انهن ڀارت کي به ان ۾ شامل ڪيو، جنهن جي ڀارت ترديد ڪئي. بلوچستان جي جاگرافيائي صورتحال به ان جي مسئلن کي پيچده ڪري ٿي ۽ ٻيو مقامي ماڻهن جو وفاق ۽ رياست سان ناراضگي به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دنيا ۾ هر ملڪ ۽ خطي جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستان سميت رياستون پنهنجي انٽيليجنس نيٽورڪ کي پنهنجي سيڪيورٽي جي لاءِ استعمال ڪن ٿيون ته جيئن وقت کان اڳ اهڙن حادثن کي روڪي سگهجي. هر ملڪ پنهنجي مفادن لاءِ “جاسوسي” کي ٻيو ڪو نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر حقيقت اها آهي ته آمريڪا کان وٺي روس تائين هر ملڪ جو انٽيليجنس نيٽورڪ جڙيل آهي. دنيا جي هر وڏي انٽيليجنس ايجنسي جو ٻئي ملڪ ۾ نيٽورڪ هوندو آهي. هن وقت بلوچستان ۾ چائنا جو وڏو عمل دخل آهي. چائنا گوادر پورٽ ذريعي يورپ ۽ باقي دنيا تي معاشي برتري حاصل ڪرڻ گهري ٿو ۽ پنهنجي معيشت کي وڌائڻ گهري ٿو. ٻئي طرف ايران آهي جنهن جي چابهار پورٽ تي ڀارت جو پئسو لڳل آهي ۽ ان جو ڪنٽرول به ڀارت وٽ آهي. چائنا مخالف طاقتون گوادر پورٽ کي ناڪام بنائڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيون آهن ته جيئن چائنا جو اهو منصوبو ناڪام ٿي وڃي، ڇو ته جاگرافيائي لحاظ کان جيڪڏهن گوادر پورٽ ڪامياب ويو ته اهو گلف ملڪن جي بندرگاهن لاءِ نقصان جو سبب ٿيندو، پاڪستان اندر تقسيم آهي، عام ماڻهو به حڪومت کان مطمئن نه آهي ان لاءِ دهشتگردن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ميدان ملي وڃي ٿو. دنيا ۾ عليحدگي جون تحريڪون اتي جنم وٺنديون آهن جتي حڪومت جون ڪمزور پاليسيون هونديون آهن ۽ ماڻهن ۾ محروميون موجود هونديون آهن. عليحدگي جون تحريڪون آسان نه هونديون آهن، ماڻهو مايوس ٿي نااميد ٿي بغاوت ڪندو آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت سياسي ڊائلاگ ۽ ترقياتي ڪمن تي ڌيان ڏئي ته اهي تحريڪون پاڻ ئي ختم ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پنهنجين پاليسين ۾ بهتر تبديليون آڻي، هي حملو دهشتگردي آهي ۽ دهشتگردي پويان ڪهڙو به ڪارڻ هجي ناقابل برداشت آهي. عام شهرين کي قتل ڪرڻ انهن کي يرغمال بڻائي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ کپي. هن حملي جي آمريڪا سميت گهڻن ئي ملڪن مذمت ڪئي آهي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل پڻ هن حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلوچستان جو مسئلو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جاري آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حڪومتون ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اڃان تائين ناڪام نظر اچي رهيون آهن. بلوچستان ۾ اڄ به اهڙا آواز موجود آهن جيڪي پرامن طور تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهن. افسوس جو مقام اهو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت انهن آوازن کي طاقت جي استعمال سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، جڏهن پرامن ماڻهن جي احتجاج جو جواب طاقت سان ڏنو ويندو ته ان جو نتيجو پرتشدد واقعا ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ سامهون ايندو. بلوچستان جي مسئلي جو اصل حل بلوچن کي انهن جا بنيادي حق ڏيڻ ۾ آهي. جيڪڏهن حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان صبر ۽ سمجھ سان پيش اچي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، پر ان ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پرامن احتجاج ڪندڙ ماهرنگ بلوچ ۽ بي ايل اي جي دهشتگردن کي هڪ ئي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي، انهن ٻنهي ۾ واضح فرق آهي ۽ ان فرق کي سمجهي مسئلن جو حل ڳولهڻ ضروري آهي.

فوجي آپريشن 50 سالن کان جاري آهي ۽ انهن سان مسئلو اڃان وڌيڪ خراب ٿيو آهي. بلوچستان جي مسئلي ۾ سياسي حل جي ضرورت آهي ۽ ان جو حل فوجي آپريشن ۾ ناهي. بلوچستان جي ماڻهن کي آزاد اليڪشن جو حق ڏنو وڃي، جيئن حقيقي نمائندگي قائم ٿئي، جيڪا انهن جي مسئلن کي سمجهي ۽ حل ڪري سگهي، سياسي حل فوجي آپريشن سان نٿو نڪري سگهي. ڇو ته بلوچستان جو مسئلو صرف طاقت سان حل نٿو ٿي سگهي ۽ مسئلن کي ڪنهن به فوجي طاقت کان وڌيڪ سياسي رويي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اهڙي صورت ۾ فوجي آپريشن ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي. بنگلاديش ۾ 1971 ۾ پڻ فوجي آپريشن ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر ان ۾ به مڪمل ناڪامي ٿي. انهن تجربن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته طاقت سان مسئلن جو حل نٿو ٿي سگهي. اڄ به بلوچستان جي مسئلي جو حل صرف سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ آهي ۽ ان لاءِ ڊائلاگ جي ضرورت آهي.

***