نادرا 57000 ماڻهن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪندو
سنڌ پوليس صوبي جي 57000 روپوش ماڻهن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ نادرا کان مدد گهري ورتي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اي آءِ جي حبيب خان چيو ته پوري صوبي اندر 57000 جنهن مان صرف ڪراچي اندر 20000 ماڻهو روپوش آهن جنهن سبب صوبي اندر ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. پوليس پاران نادرا کي درخواست ڪئي وئي آهي ته انهن ماڻهن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن. ساڳئي وقت ايف آءِ اي کي به هڪ درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انهن ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن. اي آءِ جي حبيب خان وڌيڪ چيو ته انهن روپوش ماڻهن مان 8391 ڄڻن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس به هلي رهيا آهن. ياد رهي ته شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ سان اهڙن ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ڪم ڪار کي بند ڪري انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ سولائي سان آڻي سگهجي ٿو.