بلاگنئون

ناول ”ڌرتي جي پويتر ڌي“ تنقيدي جائزو!

ناول ”ڌرتيءَ جي پويتر ڌيءَ“ جو ليکڪ جاويد جسڪاڻي بلوچ آهي. جيڪو ڪنول پبليڪيشن طرفان سال 2023ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو مُهاڳ ڊاڪٽر مُبارڪ لاشاري لکيو آهي، جيڪو پڻ معلوماتي آهي، ان سان گڏ اداري ۽ ليکڪ پاران رايا لکيل آهن. ناول 304 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 999 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
هي ناول ڪرائيم/ڏوھ تي لکيل آهي. ڪرائيم فڪشن جي مشهور آمريڪن ليکڪ مائيڪل ڪونلي جو چوڻ آهي ته ”ڪرائيم فڪشن اسان جي سامهون سچ آڻي ٿو، جيڪو بري ۽ ڀلي بابت آهي، جيڪو معاشري جي باري ۾ آهي ۽ سڀ کان اهم جيڪو پنهنجي ئي باري ۾ آهي.“
ان صنف جا به مختلف قسم آهن، جيئن Techno-Thriller اهو سب جينر آهي ڪرائيم فڪشن، جنهن جو مرڪز ٽيڪنالاجي هوندو آهي، جنهن ۾cyber warfare, artificial intelligence, hacking, or futuristic weaponry اهو اڪثر ڪري وڏي سطح تي استعمال ٿيندو آهي، جيئن پاڪستاني ايجنسين جو دهشتگردي خلاف آپريشن جڏهن فڪشن ۾ لکيو وڃي ته اتي اسان ان کي استعمال ڪري سگهون ٿا يا سول وار جهڙن موضوعن ۾ لکي سگهجي ٿو، جاسوسي فڪشن)Espionage/Spy Fiction( جيڪو اڪثر ڪري جاسوسي ناولن ۾ استعمال ٿيندو آهي، اهڙن ناولن ۾ ڌوڪيبازي ۽ ڪردارن جو روپ مٽائيندو رهڻ عام ڳالھ هوندي آهي.”Noir“ ڌاڙيل ڪلچر، وڏيراشاهي جو ظلم، ڪرپشن اهي هن قسم جي جينر جو حصو آهن. ڊٽيڪٽو فڪشنDetective Fiction ان ۾ اڪثر ڪري ڪنهن الجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، خاص ڪري قتل جهڙن واقعن کي حل ڪرڻ، ڏوهارين کي ڳولهڻ آهي. اهو پڙهندڙ کي مڪمل طور تعجب ۾ رکندو آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي قسم آهن. انهيءَ حوالي سان جين پيٽرڪ جو اهڙي قسم جي ناولن لاءِ چوڻ آهي ته؛
A good crime novel is, above all, a moral tale.““
ناول جي ڪهاڻي تي ڳالهائجي ته اُها ڳوٺ جي هڪ عورت سدوري کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي مُڙس غلط فهمي جي بنياد تي قتل ڪري ٿو، الزام سخي تي ڪاري جو هڻي ٿو، ڏنڊ ۾ سخي کان جرڳي ۾ سڱ ورتو ٿو وڃي، سخي کي حور نالي ڌيءَ ڄمي ٿي، حور جي شادي ڏنڊ ۾ وقار سان ڪرائي وڃي ٿي جيڪو علڻ ڳنواچ جو ڀاءُ جنهن سدوري کي قتل ڪيو، حور ئي ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. ڳوٺ جي ڪُڌين رسمن کان ڪهاڻي جنم وٺي ٿي، وڏيرن جي ظلم ۽ دقيانوسي رسمن ۾ ڦاٿل عام ماڻهو، وڏيرن جي سهڪار سان ٻيلن ۾ رهندڙ ڌاڙيل جيڪي وقار کي ڌوڪي سان قتل ڪري حور کي ميرل نالي ڌاڙيل اغوا ڪري زوري شادي ڪري ڇڏي ٿو، اڳتي هلي ميرل کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ٿو وڃي ۽ حور ٻن ٻارن سميت جيڪي وقار مان هئا جيل وڃي ٿي، اتي هوءَ لکڻ پڙهڻ سکي ٿي ۽ پنهنجي وجود کان واقف ٿئي ٿي، جتي هيڊ ڪانسٽيبل ماهين هن جي دوست ٿي وڃي ٿي، اتان هن جو رابطو جبران سان ٿئي ٿو ۽ هڪ بيوروڪريٽ عورت روحي سان جيڪا پڻ قتل جي الزام ۾ جيل ۾ اچي ٿي ۽ ان سان هوءَ ملي ٿي اهائي سندس آزادي جو ڪارڻ بڻجي ٿي ۽ حور ٽين شادي جبران سان ڪري دبئي وڃي ٿي جيڪو سماجي ڪارڪن سان گڏ، صحافي ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ آهي، ائين ناول جو ڪلائيميڪس ٿئي ٿو.
حور جو جنهن طريقي سان ننڍي عمر ۾ جرڳي جي ڏنڊ ۾ رشتو ٿئي ٿو، يعني طبقاتي سماج ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جي تسلط هيٺ هميشه ڪمزور طبقي جو فرد ئي پيڙهبو آهي جيئن حور. اهڙي قسم جي ناول کي اسان Tribal Noir چئي سگهون ٿا، جنهن جو مقصد ڪرائيم، ڦرون، ڌاڙا اُن سان گڏ معاشري جي سيٽ ٿيل ”ٽيبوز“ جي ڪري فيصلن ۾ فرد کي درپيش سنگين مسئلا شامل آهن…
”سدوريءَ کي ننڊ ۾ وڦلڻ جي عادت هُئي.“ علڻ ڳنواچ ان کي قتل ڪري ٿو، هتي ڪجهه شيون منجهائيندڙ آهن، علڻ کي قتل ڪرڻ جو ارادو به نه هو ۽ هن کي زال جي بيماري جي خبر به هُئي ته پوءِ زال کي ڪيئن ٿو ماري سگهي؟ ها ليکڪ کي اهو ڏيکارڻ گهرجي ها ته سخيءَ سان هن جي محبت هئي جنهن شڪ ۾ هن زال کي ماريو، اهو شڪ هو قتل کان پهريان نه، پر قتل جي ٽن سالن کان پوءِ سخيءَ تي ڪري اندر جي باھ ڪڍي ٿو. هتي اسان سدوري جي ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺنداسين، سدوري ننڊ ۾ ڳالهائيندي هئي جنهن کي اسانsomniloquy چئي سگهون ٿا، نفسيات ۾ ان کي parasomnia چئبو آهي، يعني سدوري کي sleep disorder هو جنهن جا مختلف سبب هوندا آهن، ۽ ڳالهائيندڙ جي لفظن جي معنيٰ چٽي/واضح ناهي هوندي، خاص ڪري وڦلڻ وقت، ننڊ جو وقت مٽائڻ، ذهني دٻاءُ، بخار، دوائن جو اثر، ٿڪاوٽ ننڊ تمام گهٽ ڪرڻ ان جا سبب هوندا آهن، پر هتي ليکڪ طرفان ڪو به سبب ناهي ڄاڻايل ۽ هوءَ ڳالهائي به چٽو ٿي. حور جي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعا سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن، جنهن ۾ ڌاڙيلن جو ماڻهن کي اغوا ڪري ڀُنگ گهرڻ، ڪارو ڪاري، جرڳن پويان وڏيرن جي ڪريل سوچ ۽ سازشون، ڌاڙيلن جي پوليس ۽ وڏيرن طرفان مدد ڪرڻ، جيلن اندر عورتن سان پيش ايندڙ واقعا، ننڍي عمر جي شادي سان گڏ ٻيا ڪافي سماجي پهلو پڻ شامل آهن، ان حساب سان هن ناول ۾Realist literature جي جهلڪ پڻ ملي ٿي.
ناول جي هر باب جي ڪهاڻي کي ڄڻ ته پنهنجو الڳ رس چس آهي، هي ناول سنڌي ڊارمن جو عڪس پڻ ڏئي ٿو. ان کان علاوهpostmodern pastiche ٽيڪنڪ پڻ ناول ۾ محسوس ٿئي ٿي جنهن جو اشارو مهاڳ ۾ ڏنل آهي، مڪمل نه، پر ان جو تاثر ضرور ملي ٿو، جنهن جا ٻه نقطاPulp Fiction جنهن ۾ ڏوھ، بليڪ ڪاميڊي، واقعن کي جوڙي فلم جيان ڪهاڻي پيش ڪرڻ آهي، ۽ ان جو ٻيو نقطو ناول ۾neo-noir جنهن جو استعمال ته فلم ۾ ٿيندو آهي، پر ناول تي فلم ٺهي سگهي ٿي، جيئن ٿيٽر ڊرامو پڻ ناول ۾ پيش ٿيل آهي، جنهن ۾ اڪثر crime, corruption, and existential themes ناول ۾ ان جو مُختلف تاثر ته ناهي، پر ڪجهه پاسن کان ان جو عڪس ضرور ملي ٿو انهيءَ حوالي سان جديديت پُڄاڻان طريقي کي پڻ اپنائڻ جي سُٺي ڪوشش ڪري ٿو.
حور جي شادي ليکڪ 10 سالن جي عمر ۾ ۽ 11 سالن ۾ ٻار جي پيدائش ڏسي آهي، جيڪا بائيولاجيڪل سائنس جي خلاف آهي، ان حوالي سان Ethan Ernst, PAC, Stat college internal medicine ۾ ايليا ڪيري ۽ جيل سيلادي سُليمان ٻئي پي ايڇ ڊي اسڪالر آهن جن جوTeenage Pregnancy جي نالي سان هڪ مقالو لکيل آهي جنهن ۾ هنن ڄاڻايو آهي ته ان عُمر ۾ عورت جون pelvic arch ايترويون مضبوط ناهن هونديون جو ٻار جو وزن سنڀالي سگهن. ان سان گڏ ذهني توڙي جسماني بيماريون پڻ ٿينديون آهن، جيئن Anemia، premature birth، Premature babies ذهني دٻاءُ، ٻارن کي ساھ کڻڻ ۾ مسئلو، بلڊ پريشر ۽ ان سان گڏ ڪيترائي ٻيا مسئلا پيش ايندا آهن، جيڪي حور جي ڪردار ۾ ظاهر ناهن. جيئن لکيل آهي ”ڏهن ورهين کان پوءِ سندس پُٽ ميهر نون ورهين جو هو ۽ ڌيءَ ڇهن ورهين جي.“ يعني شاديءَ کان هڪ سال پوءِ يارهن سالن جي عمر ۾ هن کي ٻار ڄائو جيڪو ڪهاڻيءَ جو ڪمزور پاسو آهي. ڀلي فڪشن هُجي، پر ليکڪ کي ان حساب سان ننڍي عُمر ۾ ماءُ بنجڻ سان هن جي زندگيءَ تي پوندڙ اثر لازم ڏيکارڻ گهرجن ها يا سندس عمر نه ڏيکارڻ گهرجي ها، حور نفسياتي ۽ جسماني طور بلڪل ٺيڪ آهي، بائيولاجي ان جي خلاف آهي.
حور پوري ناول ۾ مرد جي ظُلم، جبر جي ماتحت آهي، اُن مطابق Feminist Criticism ٿيوري تحت حور جي ڪردار جو جائزو وٺي ڏسبو ته حورpassive victim آهي، انهيءَ حساب سان هوءَ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم کي گهٽائي نٿي سگهي، ڪردار هتيvictimhood rather than portrayed as multifaceted individuals with their own desires, strengths, and complexities. يعني مڪمل طور هوءَ مسئلن ۾ جڪڙيل ئي رهي آهي، روحي سان ملاقات ۽ جبران جي شادي هن جي زندگي جو نئون موڙ معلوم ٿئي ٿو، يعني جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هن جو عورت جي جاڳرتا، فيمينزم ۽ عورتزاد سماجي تحريڪن بابت هڪ سگهارو آواز ڏسڻ وٽان ملي ٿو ۽ ڳوٺ کان ٿيندي شهر جي لبرل عورت طور اڳيان اچي ٿي، ڳوٺ کان ويندي جيل تائين هوءَ شڪار ئي بڻيل آهي، انهن گناهن جي سزا ڪاٽي ٿي جيڪي هن ڪيا ئي نه هئا.
وقار ڌاڙيل هو، پر هڪ اجنبي مرد کي دوستن جي چوڻ تي ڪيئن ٿو گهر رهائي؟ هن جو گهر مان پوليس سان مقابلو ڪرڻ، ڌاڙيلن کي پاڻ سان گڏ رهائي پوليس سان گهران مسلسل وڙهڻ پڻ سوال آهي؟ جڏهن ته گهر ۾ زال سان گڏ ٻه ننڍڙا ٻار به آهن. حور پڙهيل لکيل نه هئي ۽ موبائيل نه هلائڻ ايندي هئس ته پوءِ اغوا ڪري آيل فرد جنهن کي وقار گهر ۾ رکي ٿو ان مهل هوءَ ”فون مان هن جو ڊائل ڪيل نمبر ڪٽي ڇڏيو.“ يعني مڙس جي فون تان اغوا ٿيل شخص کي ڳالهرائي نمبر ڪٽي ٿي. وري جڏهن ميرل جي قيد ۾ حيدر هن کي پوليس جو نمبر ڏئي ٿو ته هوءَ ياد ڪيئن ٿي ڪري اهو نمبر، انگ ڪيئن ٿي سڃاڻي ”هوءَ پنهنجي جهوپي کان ٻاهر اچي نمبر کي رٽڻ لڳي.“
جڏهن ميرل هڪ انگريز کي قيد ڪري رکيو، هو حور سان ڳالهائي ٿو، پر انگريزي ٻولي هئڻ ڪري نٿي سمجهي سگهي، پوءِ هو ڪيئن آزادي وقت پوليس اڳيان چئي ٿو ”مان يرغمالي آهيان، مان يرغمالي آهيان“ جڏهن ته کيس سنڌي نه ايندي هئي، ليکڪ کي لکڻ گهرجي ها ته انگريزي ۾ ان اهي جملا چيا. اُن کان علاوه ميرل نامي گرامي ڌاڙيل هو، ماڻهو اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ هن جو معمول هو، هو اهڙي بيوقوفي ڪيئن ٿو ڪري سگهي جو اغوا ڪيل انگريز جي سودي وقت حور کي پڻ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو ته بقول ميرل جي ”حور ۽ انهيءَ جي ٻارن کي وٺي ويندس جيئن خبر پئي فيملي اٿن“ هن جون چار شاديون ٿيل هيون، حور پڻ اغوا ٿيل هئي ته هو پراڻي زال کي وٺي وڃڻ بدران اغوا ٿيل کي ڪيئن ٿو وٺي ايڏي خطري ۾ پاڻ کي وجهي؟ انهيءَ سفر ۾ ميرل پوليس مقابلي ۾ مارجي ٿو باقي ٽولي بابت ڪا به چُرپر ناهي ڏيکاريل؟ هتي ميرل جي ساٿين تي پوليس جي چڙهائي پڻ ڏيکاريل هجي ها، ٻي صورت ۾ ميرل سان پوليس جو جهيڙو هن جي ظلم جي ڪري نه، پر صرف مقصد انگريز کي ڇڏائڻ هو، مطلب ميرل جو موت پڻ اتفاقي بڻيل آهي ان صورتحال ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف رويو ساڳيو همدردي وارو ئي جڙيل نظر ايندو. وڏيراشاهي جي ظلم، ڌاڙيلن جي جبر، ڪُڌين جرڳن جهڙين رسمن، مرداڻي سماج ۾ عورت جي گهٽيل حيثيت کي ڏسي اتي اسانNative American Renaissance جا ڪجھ پهلو اپلائي ڪري سگهون ٿا. جيڪا ويهين صديءَ ۾civil rights movement and activism for cultural diversity جهڙين تحريڪن وقت شروع ٿي هئي، جنهن ۾ روايتي ڪهاڻين، فرد جي انفرادي سُڃاڻپ ۽ حال جي پيچيدگين کي جن ليکڪن ادب ۾ بيان ڪيون تن ۾N. Scott Momaday, Leslie Marmon Silko, Louise Erdrich, and Joy Harjo شامل آهن. اُنهيءَ حوالي سان هاڻي اسان هن ناول ۾ ڏسون ته سنڌي سماج ۾ پڻ ادب طئي ٿيل ”اسٽيروٽائيپس“ جي خلاف اُمنگ پيدا ڪري ٿو، تاريخي ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ همٿائي ٿو، جيئن حور جيل ۾ سوشل ميڊيا ڊائري لکي ۽ جبران هن تي ڪهاڻي لکي شايع ڪئي، جنهن عورتن جي نئين لهر کي جنم ڏنو، اُن سان گڏ مُذمت ۽ مزاحمت، جيئن نيٽِو آمريڪا ۾ ادب as a tool for resistance in the face of social, political, or cultural challenges )سماج جي سياسي، ثقافتي هيجموني خلاف هٿيار طور ڪم ڪيو( کي للڪاريو، انهيءَ تناظر ۾ هن ناول ۾ پڻ نظر اچي ٿو، ميڊيا جو اثر جيڪو حور جي ڪهاڻي شايع ٿيڻ کان پوءِ يا جيل ۾ ٿيٽر پلي ڪرڻ کان پوءِ واضح آهي.Native American Renaissance جن ڳالهين تي روشني وجهي ٿو، تن ۾ اظهار جو منفرد انداز معاشري سان جُڙيل داستان، مختلف سماجي مسئلا اهي ڳالهيون ناول ۾ پڻ واضح آهن، هتي صرف ان جي مخصوص نقطن کي ناول جي تناظر ۾ ترجيح هيٺ رکيو ويو آهي. ڪافي پهلوئن کان هي ناول نواڻ سان گڏ تجرباتي به چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بيانيا انداز سان گڏ، ڊائيلاگ ڊليوري ۽ ڪردار جي آتم ڪٿا پڻ ان جي زباني بيان ڪري ٿو، ناول کي پڙهڻ کان پوءِ مختلف خيال، جذبن ۾ پيدا ٿيندڙ لهر، ڪردار سان همدردي، سماج جي ڪڌين ريتن ۽ رسمن سان نفرت، ڄاڻ سان گڏ خودمختياري جهڙا سوال پڻ ذهن ۾ اُٿاري ٿو. هي ناول معاشري جي جوڙيل حدبندين کي پڻ للڪاري ٿو، ان سان گڏ معاشري جي ريتن رسمن ۽ سياست بابت پڻ پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو، جنهن مان مڪمل ته نه، پرAvant-Garde )فيشن ايبل برينڊ( ناول جو تاثر ضرور ملي ٿو.
***