بلاگنئون

جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز بند ڪيو ته دنيا تي ان جا ڪهڙا اثر ٿيندا؟

آبناءِ هرمز دنيا جو اهم ترين سامونڊي واپاري رستو آهي. هيءَ رستو خليج فارس کي خليج عمان سان ملائي ٿو ۽ روزانو لکين بيرل تيل هن رستي مان گذري ٿو. عالمي معيشت لاءِ ان جي اهميت انتهائي وڏي آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جو وڏو حصو هن تيل تي ڀاڙي ٿو، پر تازو ڏينهن ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ڪري ميڊيا ۾ بار بار ان جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. ايران ڪيترائي ڀيرا ڌمڪي ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته هو آبناءِ هرمز کي بند ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جا ڪهڙا اثر ٿي سگهن ٿا؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

“معاشي اثرات” تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهائڻ لڳنديون:

جيڪڏهن آبناءِ هرمز بند ٿي وڃي ٿي ته سڀ کان وڏو ڌڪ عالمي تيل جي فراهمي کي لڳندو. ماهرن جو اندازو آهي ته تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان به وڌيڪ ٿي  سگهن ٿيون. هي واڌ خاص طور تي انهن ملڪن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي جيڪي خليج مان تيل درآمد ڪن ٿا. جهڙوڪ: چين، ڀارت، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا. تيل جي ترسيل ۾ دير ٿيڻ سان نه رڳو شپنگ جا خرچ وڌندا، پر فراهمي ۾ دير به ٿيندي. نتيجي طور، صنعتون متاثر ٿينديون ۽ عام ماڻهو به مهانگائي جو شڪار ٿيندو. گاڏين جي ٻارڻ کان وٺي روز مره جي شين تائين، هر شيءِ مهانگي ٿي سگهي ٿي. عالمي معيشت، جيڪا اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، وڌيڪ سست ٿي سگهي ٿي.

“جاگرافيائي سياسي تڪرار” نئون طوفان جنم وٺي سگهي ٿو:

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته اهو هڪ انتقامي هٿيار طور ڪم ڪري سگهي ٿو. ان سان نه رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي، پر عالمي طاقتون به هن تڪرار ۾ وڪوڙجي سگهن ٿيون. خليجي ملڪ، جيڪي تيل جي پيداوار ۽ ترسيل جا مرڪز آهن ۽ آمريڪا، جيڪو پنهنجي اتحادين جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿو، هن صورتحال تي خاموش نه ويهندو. فوجي رد عمل جو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي، جيڪو علاقائي استحڪام لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هي جهيڙو صرف خليج تائين محدود نه رهندو، پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پئجي سگهن ٿا.

“متبادل رستا”  اميد گهٽ، چئلينج وڌيڪ:

هاڻ سوال هي آهي ته جيڪڏهن آبناءِ هرمز بند ٿي وڃي ته ڇا تيل جي فراهمي ٻين متبادل رستن سان ممڪن ٿيندي؟ بدقسمتي سان، موجوده پائپ لائينن جي گنجائش تمام محدود آهي. سعودي عرب جي اوڀر، اولهه پائپ لائين روزانو 5 ملين بيرل تيل منتقل ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته گڏيل عرب امارات جي فجيره پائپ لائين جي گنجائش 1.5 ملين بيرل روزانو آهي. ايران جي گوهر جاسڪ پائپ لائين جي گنجائش 0.3 ملين بيرل آهي، پر اها هن وقت استعمال ۾ ناهي. ايتري تائين جو جيڪڏهن سڀ غير استعمال ٿيل گنجائشون گڏ ڪجن ته به اها رڳو 3.5 ملين بيرل روزانو بڻجي ٿي، جيڪا عالمي ضرورتن جو تمام ننڍو حصو آهي. يعني متبادل رستن سان مڪمل فراهمي کي سنڀالڻ تقريبن ناممڪن آهي.

عالمي برادري لاءِ هڪ سنجيده تنبيهه:

آبناءِ هرمز جي بندش رڳو تيل جي کوٽ يا قيمتن جي واڌ جو مسئلو ناهي، پر اها عالمي معيشت ۽ استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. هيءَ صورتحال نه رڳو معاشي ڏکيائين جو سبب بڻجندي، پر سياسي ڇڪتاڻ کي به هوا ڏيندي. ان کان بچڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو ته جيئن هي اهم سامونڊي رستو کليل رهي ۽ دنيا کي توانائي جي بحران کي منهن نه ڏيڻو پوي.

هي وقت آهي ته دنيا جا حڪمران امڪاني خطرن کي سنجيدگيءَ سان وٺن ۽ ان جا اثر روڪڻ لاءِ حڪمتِ عملي جوڙين. آبناءِ هرمز رڳو هڪ گذرگاهه ناهي، پر عالمي معيشت جي شھه رڳ پڻ آهي، ان کي بند ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عالمي طاقتن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ جنگ واري ماحول کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ گهرجن.