آئون ڪنهن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ ڪجھ ڏينهن کان ڊيرا غازي خان پنجاب آهيان. منهنجي رهائش هڪڙي ننڍڙي اسٽاپ نما ڳوٺ ۾ آهي، سفيدن جا وڏا وڻ آهن ۽ پاسي مان ڊي جي ڪئنال گذري ٿو، منهنجي آفيس اڳيان سوارين کان ويندي پيدل ماڻهو جي آمدرفت دير تائين هوندي آهي، پر مون کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن، پر مون ڪابه ڇوڪري ناهي ڏٺي.
آئون ائين نٿو چوان ته مون حسين ڇوڪري ناهي ڏٺي، بلڪه آئون ائين چوان ٿو ته مون ڪا به ڇوڪري ناهي ڏٺي. ڄڻ هتي پيدا ئي جهور پوڙهيون ٿينديون آهن، سندن ٻاهرين لباس جي بناوٽ ڪجھ اهڙي آهي جو خبر ئي نٿي پئي ته ڇوڪري پئي اچي يا ڏوڪري؟
اڇي رنگ جو ڊگهو برقعو پاتل آهي جنهن جي مٿي جو شيپ، واڻ سان ٻڌل چئونري جي چوٽي جهڙو آهي. برقعي جي مٿئين چوٽي ڄڻ مٿي تي ابتو ٻُهارو ٻڌل هجي. اکين واري جڳھ تي صرف ڪجھ سنهڙا سنهڙا سوراخ آهن جن مان عورتون ٿڙنديون ٿاٻڙنديون دڦ تي هلنديون وڃن پيون. مطلب ته شٽل ڪاڪ برقعو آهي.
شام جي وقت رستي تي هلندي ڪا عورت سامهون ايندي آهي ته ڊڄي ويندو آهيان. ڄڻ اڇي ڪفن ۾ مردو قبر مان نڪري آيو هجي.
رات جي ٽائيم اگر وين ۾ ڇھ ست عورتون گڏ چڙيل هونديون آهن ته وين ۾ رومانٽڪ ماحول ٿيڻ بجاءِ هورر فلم وارو ٿي ويندو آهي.
منهنجي خيال ۾ هر ڇوڪريءَ جي اهائي خواهش هوندي آهي ته هوءَ هار سينگار ڪري خوبصورت ڪپڙا لٽا پائي ۽ پنهنجي سهيلن کي پنهنجن مٽن مائٽن کي ۽ پنهنجي ور کي يا وري پنهنجي محبوب کي دل لڀائيندڙ ادائون ناز ۽ نخرا ڏيکاري ۽ سندس راءِ وٺي سڪون حاصل ڪندي آهي، پر هتي ائين بلڪل به ناهي آهي، ڄڻ هتي سمورن ادائن تي بين لڳل هجي.
سچ پڇو ته انتهاپسند سماج ۾ هي سڀ لکندي به خوف پيو ٿئي ته ڪٿي مدرسن ۾ معصوم ٻارن سان زنا ڪندڙ بدبودار معاشري جا فتويٰ فروش فتويٰ ڏئي مون کي جيئري نه ساڙي ڇڏين. آئون سوچيندو آهيان ته هڪ خوبصورت منظر کي هڪ ٻئي خوبصورت منظر کي ڏسڻ جي خواهش ضرور هوندي اها حس اها نفسيات منجهن خدا ضرور رکي هوندي ۽ هڪ فطري سونهن هڪ ٻئي سونهن کي محسوس ڪرڻ جي ضرور تلاش ۾ هوندي. هي سمورا ويچار پڙھڻ کانپوءِ منهنجا ڪافي دوست مون کان سوال ڪندا ۽ وري اهو به چوندا ته پردو ئي ته آهي جيڪو برائين کي روڪي ٿو بي حيائي کي ٻنجو ڏئي ٿو ۽ پردو ئي ته آهي جيڪو حُسن ۾ ڪشش تڙپ ۽ تجسس پيدا ڪري ٿو، بلڪل دوستو ڪري ٿو، پر يار هڪڙي ڳالھ چوان ته اهو پردو ۽ ان جو تجسس ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ معاشرن ۾ وحشت جو روپ اختيار ڪري ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ عجيب فرسٽريشن پيدا ٿيندي آهي جيڪا، جيڪا ڳورهاري مائي سان اجتماعي ريپ کان ويندي معصوم ٻارڙن سان، جانورن سان ويندي قبر ۾ دفن ٿيل عورت کي به بخش ناهي ڪندي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته پردو عورت جي باحيا هجڻ جي علامت هجي يا نه به هجي، پر مردن جي بي حيا هجڻ جي نشاندهي ضرور ڪري ٿو. مصلحت ڪيل پردو عورت کان سوچڻ سمجهڻ ۽ سوال ڪرڻ جي سگھ ئي کسي وٺندو آهي ۽ مصلحت پسندي جي ڪري عورت پنهنجي خود اعتمادي وڃائي ويهندي آهي. منهنجي دماغ ۾ ڪافي سوال اڀري رهيا آهن ته فقط عورتون ئي پردو ڇو ڪنديون آهن؟
مرد پردو ڇو ناهن ڪندا؟ پردو ڪنهن جي ايجاد آهي؟
جيڪڏهن رڳو مرد ئي پردو ڪن ها ۽ پنهنجي ڪنڌ سان گڏ نظرون به جهڪائي هلن ها ته يقينن اڄ عورت کي برقعي پائڻ جي ضرورت ئي نه پئجي ها، اهو قانون ٺاهيندڙ ۽ لاڳو ڪندڙ ڪير آهي؟ مرد آهي يا عورت؟ اهو رواج اها رسم اهو قانون ڪڏهن شروع ٿيو؟
سڀ کان پهرين هن ڪائنات ۾ ان پردي جي ايجاد ڪنهن ڪئي؟ ۽ ڇو ڪئي؟ آئون پردي جو انڪاري ناهيان، تمام مذهبن پردي جو چيو آهي، پر اهو پردو ظاهري يا باطني ڪهڙو پردو؟
پردي جي نفسيات ڇا آهي؟ هڪڙو اهو پردو جيڪو اوهان پنهنجين عورتن تي زوري مڙهي ۽ مصلحت ڪندا آهيو، ان پردي جي عمر وڏي ناهي هوندي، ڇو ته اهو پردو اوهان پڄاڻان لهندي دير نه ڪندو. ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان مصلحت ڪيل پردو تيسين رهندو جيسين تائين عورت اوهان جي غلام آهي. جيسين تائين توهان گڏ هوندا، پر جڏهن توهان گڏ نه هوندا ته اهو پردو اوهان جي ڌيءَ، اوهان جي ڀيڻ ۽ اوهان جي زال لاهيندي ۽ اڇلائيندي دير نه ڪندي، پر جيڪو پرورش دوران اوهان پنهنجي خاندان جي عورت کي اخلاقيات جو سبق ڏيندئو اهو اوهان جي مرڻ کانپوءِ به زنده جاويد رهندو.
عورت کي پتو پئجي ويندو آهي ته برائي ڇا آهي ۽ ڀلائي ڇا آهي. اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته پينٽ شرٽ ۾ گهمندڙ يا بنا برقعي جي هلندڙ عورت بي حيا آهي، پر ائين بلڪل به ناهي، اهو سوچڻ ئي غلط آهي.
باشعور عورت کي خبر آهي ته هوءَ پنهنجي حفاظت ڪيئن ڪري ۽ کيس سيلف ڊفينس لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ ڪنهن سان ڪيتري دوري ۽ ويجهڙائي رکڻي آهي! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته اوهان پنهنجي اولاد ۾، عورتن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪيو هو به اوهان وانگي ئي سوچين ته اخلاقيات، حيا شرم ۽ لڄ ڇا آهي؟
حيا ۽ شرم جي ذميداري هنن کي پاڻ کي ڏيو اها ذميداري مرد نه کڻي ۽ کيس کڻڻ به نه گهرجي. جيڪڏهن اوهان جي عورت خود مختيار خود اعتماد ۽ خود ڪفيل هوندي ته کيس ڪا پرواهه نه هوندي. اوهان جي ڌيءَ يا ڀيڻ جينز پينٽ شرٽ ۾ ڇو نه هجي! يا کڻي ڇوڪرن جي هجوم ۾ نوڪري ڇو نه ڪندي هجي يا پڙهندي ڇو نه هجي!
هوءَ اخلاقيات جو ليڪو نه لتاڙيندي، هوءَ اوهان جي لڄ رکندي، ڇو ته کيس پرورش دوران ئي سيکاريو ويو آهي ته لوئي جي لڄ ڇا ٿيندي آهي! هوءَ نفسياتي طور هر مرداڻي وار لاءِ تيار هوندي ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي! ۽ ڇا ناهي ڪرڻو. عورت تي اعتماد ڪيو، هوءَ مرد جي ڀيٽ ۾ گهڻي محتاط ۽ ذميدار آهي.