ويجهڙ ۾ هڪ مهربان شخص هڪ پوسٽر موڪليو جنهن جو عنوان هو “موت برحق آهي، پر مرڻ تائين، جيترا جائز حق آهن اهي ڏيو.” توڙي جو هي نعرو دنيا جي 98 سيڪڙو ماڻهن جو آهي، جيڪي مظلوميت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. جڏهن ته رياستن جي مالڪن کان هڪ سوال ۽ دنياوي مطالبو آهي ته اسان کي بنيادي سهولتون گهرجن، جن ۾ سٺي صحت، سٺي تعليم، سٺو روزگار شامل آهي، جنهن تي ٻه سيڪڙو ماڻهو ناراض ٿي ويندا آهن ته توهان جا مطالبا جائز ناهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي صرف هڪ نعرو ناهي؛ اهو صدين کان هلندڙ استحصال، ناانصافي ۽ طبقاتي ظلم خلاف هڪ اجتماعي آواز آهي. هي انهن اربين ماڻهن جو آواز آهي جيڪي ڌرتيءَ تي رهن ٿا، پر پنهنجي زمين جي حقن کان محروم آهن؛ جيڪي ساهه کڻن ٿا، پر انهن کي زنده نٿو سمجهيو وڃي. هي سوال ڪنهن هڪ ملڪ، ڪنهن هڪ قوم يا ڪنهن هڪ نظام جي خلاف ناهي، پر پوري عالمي اسٽيبلشمينٽ، سرمائيدارانه اجارا داري، نسل پرست پاليسين ۽ استحصالي سياسي ڍانچي جي خلاف آهي. ھندو ازم جي ڀيٽ ۾ ٻڌ مذھب جي عقيدو آهي ته موت انساني وجود جي ھڪ اڻٽر حقيقت آهي جنھن کي تسليم ڪرڻ کپي. اسلام ۾ موت بعد ماڻھو جنت يا دوزخ جو مزو چکيندو. شھيدن کي ھڪدم جنت ۾ داخل ڪيو ٿو وڃي، جن لاءِ خاص انعام آھن. قيامت جي ڏينھن ماڻھن جا روح اٿي جسمن سان ٻيھر گڏجندا ۽ فيصلي کانپوءِ پنھنجي عملن مطابق اھي ھميشه لاءِ جنت يا وري دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندا.