آمريڪي واپار واري محڪمي جي انٽرنيشنل ٽريڊ ايڊمنسٽريشن ۽ آمريڪي پرڏيهي محڪمي ۽ پاڪستاني بحري وزارت جي گڏيل اشتراڪ سان هڪ ويبنار ۾ جنهن کي “گيٽ ويز ٽو گروٿ” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي سائوٿ ايشيا اپرچونٽيز سيريز جو حصو چيو وڃي ٿو. هن ويبنار ۾ 65 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين حصو ورتو، جيڪي پاڪستان جي بندرگاهن جي شعبي ۾ آمريڪي تجارتي ڪمپنيون سرمائيڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن.
هي ويبنار هڪ اسٽريٽيجڪ پليٽ فارم ثابت ٿيو، جنهن جي ذريعي آمريڪي ڪمپنين سڌو سنئون پاڪستاني بندرگاهن جي عملدارن ۽ نجي آپريٽرن سان رابطو ڪيو. ڪراچيءَ ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربوم چيو ته ماضيءَ ۾ به آمريڪي سرمائيڪارن پاڪستان جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ بندرگاهن جي شعبي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري گڏيل طور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.
آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي بندرگاهن تائين سيڙپڪاري ڪري مختلف خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون، انهن جي مکيه مقصدن ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي بندرگاهن کي استعمال ڪندي پنهنجي واپار کي تيز ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين سپلاءِ چين جا لاڳاپا قائم ڪن.
ان کان علاوه ڪيتريون ئي ڪمپنيون جيئن هيچيسن پورٽس پنهنجي موجوده ٽرمينلن کي جديد بنائڻ ۽ انهن ۾ آٽوميشن آڻڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن، ان ۾ ريموٽ قئي ڪرينز، آٽوميٽڊ آر ٽي جيز، برقي ٽرڪون ۽ ڊجيٽل گيٽ آپريشن شامل آهن، جيڪي ڪاروبار جي ڪارڪردگيءَ کي وڌائيندا. اهي ڪمپنيون روڊن جي سڌاري ۽ پارڪنگ جي سهولتن کي بهتر ڪرڻ تي به ڌيان ڏينديون ته جيئن سامان جي آمدرفت ۾ سهولت پيدا ٿي سگهي.
ان کان علاوه 52 هيڪٽرن تي هڪ لاجسٽڪ پارڪ ٺاهڻ جو منصوبو به جوڙڻ چاهين ٿيون. انهن ڪمپنين مان ڪيتريون ئي ڪمپنيون بندرگاهه جي ڊريجنگ (پاڻيءَ کي اونهو ڪرڻ)، جهازن جي پولنگ، سامونڊي خدمتن کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون. مطلب ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي بندرگاهن جي جديديت، ڪارڪردگي وڌائڻ ۽ عالمي واپار ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهين ٿيون. جنهن سان سامان جي آمدرفت تيز ٿيندي. بندرگاهن تي سامان جي لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ جو عمل تيز ٿيندو، جنهن سان جهازن جو وقت بچندو. جديد ٽيڪنالاجي ۽ آٽوميشن آپريٽنگ سسٽم سان اجايا خرچ بچي پوندا، وقت ضايع ٿيڻ کان بچي ويندو، جنهن جو سڌو سنئون فائدو معيشت کي پوندو. انهن سڀني سهولتن جي پيدا ٿيڻ سان بندرگاهن جي سڌاري کانپوءِ عالمي واپار لاءِ پاڪستاني بندرگاهون پرڪشش مرڪز بڻجي وينديون.
نه صرف ايترو بلڪه پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ بندرگاهن جي جديد ۽ وسيع ٿيڻ سان روزگار جا نوان ذريعا پيدا ٿيندا. ان جي لاءِ ماهر مزدورن جي ضرورت پوندي، ٽيڪنيشنز جي گهرج پوندي جنهن سان ملڪ ۾ تعليم ۽ تربيت جا موقعا پيدا ٿيندا. بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچڻ سان لاجسٽڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپلاءِ چين سان لاڳاپيل شعبن ۾ به ترقي ايندي. 65 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين جي دلچسپي ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان جي معيشت تي بين الاقوامي اعتماد وڌي رهيو آهي. ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپڪاري جي واڌ سان پاڪستان جي عالمي حيثيت مضبوط ٿيندي ۽ ملڪ هڪ اعتماد جوڳو واپاري ڀائيوار بڻجي سگهي ٿو.
بندرگاهون ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. انهن جو جديد انفرااسٽرڪچر ملڪ جي معيشت کي استحڪام ۽ ترقي بخشي ٿو، ان سان ملڪ جون پيدا ڪيل شيون ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ ۾ سهولتون پيدا ٿين ٿيون، جنهن سان ناڻي جا ذخيرا وڌن ٿا، واپاري خسارو گهٽ ٿئي ٿو. نه صرف ايترو، پر ٽيڪسن ذريعي حڪومت جي آمدني ۾ اضافو ٿئي ٿو. 65 آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاريءَ ۾ انفرااسٽرڪچر جي بهتري بنيادي حيثيت رکي ٿي، جنهن سان بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي، نوان روڊ رستا، گودام ۽ گوديون ٺهنديون.
اميد آهي ته اهي آمريڪي ڪمپنيون ڪاميابيءَ سان پاڪستان ۾ بندرگاهن جي اندر سيڙپڪاري جا پروگرام شروع ڪنديون ۽ حڪومت انهن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ترقيءَ جي لاءِ هڪ نئون موقعو فراهم ڪندي ته جيئن پاڪستان جي بندرگاهن کي بين الاقوامي واپار جي لاءِ وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي. ان ۾ هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ انتهائي ضروري آهي ته جيڪي روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ان ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏيئي انهن کي تربيت يافته بڻائي اوليت جي بنياد تي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.