بلاگنئون

آمريڪا ايران جنگ ۾ پاڪستان حڪومت جي حڪمت عملي

ھڪ سال جي مختصر عرصي دوران  ٻيون دفعو اسرائيل، ايران جي مٿان حملا ڪيا آھن. پوئين دفعي جون 2025 ۾ اسرائيل، ايران خلاف 12 ڏينهن فوجي آپريشن ڪئي. بعد ۾ ھن جنگ ۾ آمريڪا به اسرائيل جي مدد لاءِ شامل ٿيو ۽ ايران مٿان سڌا فضائي حملا ڪيا. آمريڪا آپريشن “مڊ نائيٽ هيمر” جي نالي سان ڪارروائي ڪري، نطنز، فورڊو ۽ اصفهان شهرن ۾ ايراني ايٽمي تنصيبن کي بنڪر بسٽر بمن سان نشانو بڻايو، جنھن جو مقصد ايران جي مٿان “وڌ کان وڌ دٻاءُ” وجھي ايٽمي پاليسين تي ڳالھين لاءِ تيار ڪرڻ ۽ ايٽمي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ هو. جواب ۾ ايران قطر ۾ آمريڪي اڏن تي جوابي ڪارروائي ڪئي. ايران اسرائيل جي حملن جو ڀرپور جواب ڏيندي، اسرائيل جي ڪيترن  ئي شھرن ۽ ٺڪاڻن کي هدف بڻايو ۽ اسرائيل جي اندر وڏي تباھي مچائي. آخرڪار ٻنھي ڌرين پاران ٻارھن ڏينھن جي شديد جنگي ڪاررواين کانپوءِ آمريڪا جي ثالثي ۾ 24 جون 2025 تي جنگ بندي عمل ۾ آئي، جنهن ۾ ھڪٻئي تي مزيد حملن کي روڪيو ويو.

ايران اسرائيل جنگ بندي گھڻو عرصو قائم نه رھي سگھي. وري ھن سال 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران مٿان حملا ڪيا، جيڪي اڃان تائين جاري آهن. هن جنگ ۾ ايران جي جوهري ۽ ميزائل انفرااسٽرڪچر کي ختم ڪرڻ کانسواءِ، آمريڪا، تهران ۾ حڪومت جي تبديلي جو عزم پڻ ڪيوآھي. جنھن جو کليل اظھار آمريڪي صدر ٽرمپ، جنگ شروع ڪرڻ واري ڏينھن، هڪ مختصر وڊيو بيان ۾ ڪري چڪو آھي. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان وڏي پيماني تي جارحيت کانپوءِ ايران انهن حملن جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏيندي اسرائيل کانسواءِ قطر، بحرين، ڪوويت، اردن، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب سميت خليجي رياستن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل فائر ڪيا. حملي جي ٻئي ڏينهن، صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي عملدارن تصديق ڪئي ته تهران تي ٿيل حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي شهيد ٿي ويا آهن. ايران جي حڪومت ۽ پاسدارانِ انقلاب پنهنجي سپريم ليڊر جي قتل جو بدلو وٺڻ جو عهد ڪيو ۽ آچر تي وچ اوڀر ۽ خليج جي سڄي خطي ۾ حملن جي هڪ ٻي لهر شروع ڪري ڇڏي.

سعودي پاڪستاني اسٽريٽيجڪ ميوچل ڊفينس ايگريمينٽ: ٻنھي جنگين جي درميان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن 17 سيپٽمبر 2025 تي سعودي پاڪستاني اسٽريٽيجڪ ميوچل ڊفينس ايگريمينٽ (SMDA)، نالي هڪ تاريخي سيڪيورٽي معاهدو ڪري ڇڏيو.  جنھن ۾ ٻنهي ملڪن، هڪ خلاف ڪنهن به جارحيت کي ٻنهي خلاف حملي طور سمجهڻ جو معاهدو ڪيو آهي. ھن معاهدي جي اهم تفصيلن ۾ گڏيل فوجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ پاڪستان جي ايٽمي ڊيٽرنٽ ذريعي سعودي عرب جي سيڪيورٽي کي ممڪن طور تي مضبوط ڪرڻ شامل آهن. جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ پاڪستان وقت بوقت باھمي لاڳاپن جي بنياد تي، سعودي حڪمرانن جي فوجي مدد ڪندو رھيو آھي، پر هي معاهدو علاقائي جيوپولٽيڪس ۾ هڪ اهم تبديلي آهي.

آمريڪا ايران جنگ بعد پاڪستان حڪومت جو فوري رد عمل:  جيئن ته پاڪستان هڪ سني مسلم اڪثريتي ملڪ آهي، جنهن جي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جتي شيعه مسلمان ڪُل آبادي جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آباد آهن. پاڪستان جي ايران سان 900 ڪلو ميٽر (559 ميل) کان وڌيڪ ڊگهي سرحد آهي ۽ ٻنھي  پاڙيسري ملڪن جا پاڻ ۾ واپار، سفر ۽ توانائي جا لاڳاپا به برقرار آهن. ٻئي طرف پاڪستان جا وچ اوڀر جي عرب رياستن  سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ ان جي معيشت گهڻو ڪري انهن جي تيل، واپار ۽ انهن ملڪن مان ايندڙ پرڏيهي ناڻي تي دارومدار رکي ٿي. پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڊپازٽن جي ذريعي برقرار رکيا پيا وڃن. جيئن ئي آمريڪا ايران تڪرار شروع ٿيو، تيئن ئي سڄو علائقو جنگ جي باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ايران نه رڳو عرب رياستن ۾ آمريڪي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، پر سول آبادي، توانائي جي بنيادي ڍانچي، هوائي اڏن ۽ ٻين تنصيبن کي به نشانو بڻايو آهي. عرب رياستن جو موقف آهي ته ايران انهن جي خود مختياري تي حملو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ عرب رياستن جون فوجون اڃان تائين ايران سان سڌي جنگ ۾ شامل نه ٿيون آهن، پر جيڪڏهن ايران عرب ملڪن جي اقتصادي ۽ اسٽريٽيجڪ هنڌن ۽ شهري آبادي تي حملا جاري رکيا ته پوءِ عرب ملڪن ۽ ايران جي فوجن جو سڌو تڪرار به ٿي  سگھي ٿو. اھڙي مشڪل صورتحال پاڪستان ڪڏھن به نه چاھييندو، خاص طور تي اھڙي وقت جڏهن هو اڳ ۾ ئي افغانستان ۾ طالبان حڪومت سان تڪرار ۾ ڦاٿل آهي. پاڪستان شروع کان ئي هن تڪرار کي گهري تشويش ۽ بيچيني سان ڏسي رهيو آهي. ھن وقت پاڪستان جي ٻنھي اوڀر وارين سرحدن تي تڪرار ھلي رھيا آهن، تنهنڪري شھباز شريف جي حڪومت، ايران ۽ ان جي پاڙيسري عرب رياستن جي وچ ۾تڪرار گهٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ساڳئي وقت آمريڪا کي به حملا روڪڻ ۽ سفارتي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

جنگ جي شروعات ۾ ئي پاڪستان جي پرڏيھي وزارت 28 فيبروري تي جاري ڪيل پريس بيان ۾اسلامي جمهوريه ايران خلاف بلا جواز حملن جي مذمت ڪئي. ساڳئي بيان ۾ “پاڪستان سعودي عرب، بحرين، اردن، ڪوويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات جهڙن برادر ملڪن خلاف ايران جي حملن جي به سخت مذمت ڪئي ۽ انهن سڀني ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌ کان وڌ تحمل جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان ۾ اھو به واضح ڪيو ته اهي بلا اشتعال حملا برادر خليجي رياستن جي خود مختياري جي واضح خلاف ورزي آهن.  پاڪستان بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي پاسداري تي زور ڏيندي سڀني ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو ٻيھر سفارتڪاري شروع ڪن ۽ بحران جو پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل ڳولھين. وزيراعظم شهباز شريف جنگ جي ٻئي ڏينهن تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شهادت تي ايراني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هن حملي کي بين الاقوامي قانون جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري پڻ آيت الله علي خامنائي ۽ ٻين سينيئر ايراني اڳواڻن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪئي. اھڙي موقعي تي وزير دفاع خواجه آصف چيو ته پاڪستان سڀني ممڪن سفارتي ۽ اخلاقي ذريعن سان ايران جي حمايت ڪئي آهي ۽ گڏيل قومن ۾ ايران خلاف حملي جي واضح مذمت ڪئي آهي.

ايران آمريڪا جنگ متعلق پاڪستاني حڪومت جي پاليسي: پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ھلندڙ محدود جنگ، ملڪ جي سرحدي ۽ اندروني سلامتي بابت سنگين خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اھڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي حڪومت ٻنهي مغربي سرحدن تي هڪ ئي وقت بدامني برداشت نٿي ڪري سگهي. ڪجھه ڏينھن پھريائين پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن سعودي عرب سان پاڪستان جي گڏيل دفاعي معاهدي جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران کي پنهنجي ۽ سعودي عرب جي گڏيل معاهدي بابت مطلع ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته تهران ان ڳالهه جي پڪ گهري ٿو ته سعودي سر زمين ايران خلاف استعمال نه ٿيندي، جنهن تي کين يقين ڏياريو ويو آهي.

خليجي تڪرار ۾ پاڪستان جي شموليت جو امڪان:  جيڪڏهن سڀ ڪجهه نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اميدن مطابق ٿيو ته اهو پاڪستان ۽ سڄي خطي لاءِ خوش آئند هوندو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن سعودي عرب تي ايران وڌيڪ حملا ڪيا ۽ سعودي عرب پاڪستان سان دفاعي معاهدو فعال ڪرڻ تي مجبور ٿيو ته پاڪستان هن تڪرار جو حصو بڻجڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال کان پاڪستاني حڪومت هر قيمت تي بچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. ھن وقت تائين پاڪستان جي حڪومت، آمريڪا، ترڪي، سعودي عرب، ايران ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن سان سفارتي لاڳاپا استعمال ڪندي جنگ جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رھي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت جو ايران ۽ سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان مسلسل رابطو ھلي رھيو آھي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهايون ھلي رھيون آهن. پاڪستان جي ھيل تائين جي بھتر سفارتي پاليسين جي ڪري، ملڪ اندر آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف پرتشدد وڳوڙ ۽ عوام جو غم ۽ غصو به ڪنٽرول ھيٺ آھن ته ٻئي طرف ٻنھي جھيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ توازن برقرار رکندي امن جون ڪوششون به ھلي رھيون آھن. اميد ھميشه سٺي رکجي، پاڪستان جي انھن ڪوششن جي ڪري جنگ جو جلد از جلد خاتمو ٿئي ٿو ته سڀ لاءِ ڀلو آھي.