ايڊيٽوريلنئون

وومين ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شرڪت

ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزبانيءَ ۾ اتان جي مختلف اسٽيڊيمز ۾ پهرين آڪٽوبر 2025 کان 2 نومبر 2025 تي وومين ورلڊ ڪپ جون رانديون کيڏيون پيون وڃن. ورلڊ وومين ڪرڪيٽ ڪلب 2025 ۾ جيڪي ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن، انهن ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان، انڊيا، نيوزيلينڊ، سائوٿ آفريقا، بنگلاديش، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه ٽيمون سڌو سنئون ڪواليفاءِ ٿيل آهن. پاڪستان وومين ٽيم پاڻ کي ڪواليفاءِ ڪرائڻ کانپوءِ هتي پهتي آهي. ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي پرڪشش راند رهي آهي.

اهوئي سبب آهي جو ڪرڪيٽ ٽيم جي مقابلن ۾ پاڪستان جي مردن جي ٽيم هميشه هر مقابلي ۾ ۽ هر ميدان تي نظر اچي ٿي، پر هاڻي گڏوگڏ اسان کي خوشقسمتيءَ سان عورتن جي ٽيم به ڪافي اڳڀري ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اهوئي سبب آهي ته جتي مردن جي لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جا انتظام موجود آهن، ساڳئي طرح ڇوڪرين کي به اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ همت افزائي ڪئي وڃي ٿي، پر اڃان تائين به ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي شعبي ۾ ڪجهه رڪاوٽون ۽ ڪجهه پابنديون نظر اچن ٿيون. وڏن وڏن شهرن ۾ ته ڪرڪيٽ کيڏڻ تي هاڻي ڪابه پابندي ناهي، پر خيبر پختونخواهه يا بلوچستان جهڙن علائقن ۾ اڃان به انهن کي وڌيڪ موقعن جي ضرورت آهي. اميد آهي ته سرڪاري سطح تي سڄي ملڪ ۾ راندين ذريعي هڪ نئين ثقافت جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن جي ذريعي اسان جي نوجوان ڇوڪرين کي اڳتي وڌي پنهنجي راندين جي صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

پاڪستان هڪ اهڙو ايشيائي ملڪ آهي جتي عورتون روزاني جي بنياد تي گهريلو تشدد، جنس جي بنياد تي عورت جي مٿان تشدد، ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ٿيڻ، زوري زبردستي شادي ڪرائڻ يا ننڍي عمر ۾ انهن جا رشتا اهڙين جاين تي طئي ڪرڻ جتي انهن جي ڪابه مرضي ۽ خواهش نه هجي اهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيون آهن. ان کان علاوه بنيادي سماجي مسئلا جن سان عورتون منهن ڏيئي رهيون آهن. عورت سان ڪيل زيادتين جي نتيجي ۾ انهن ڏوهارين کي سزا گهٽ ئي ملي ٿي. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ سڀني صوبن ۾ ڇوڪريءَ جي شاديءَ جي عمر 18 سال طئي ٿيل آهي، پر ان قانون کي نظرانداز ڪندي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادي ڪئي وڃي ٿي ۽ قانون حرڪت ۾ نٿو اچي. هن وقت پاڪستان جو سماج پنهنجي ارتقائي دور ۾ آهستگيءَ سان اڳتي وڌندي عورتن جي لاءِ ڪجهه موقعا ضرور پيدا ڪيا آهن. جنهن ۾ شهري زندگيءَ ۾ عورت جو پڙهي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ، پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن جاءِ تي نوڪري ڪرڻ، راندين ۾ حصو وٺڻ اهي سڀ حق عورت آهستي آهستي وٺي رهي آهي.

ان کان علاوه اسان کي هاڻي پاڪستان جي سماج ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ عورت ڊرائيونگ ڪندي به تمام گهڻي نظر اچي ٿي، پر اهي سڀئي سهولتون يا موقعا سڄي پاڪستان جي عورتن جي لاءِ اڃان به هڪ خواب بڻيل آهن. حڪومت جي ذميداري آهي ته عورتن جي تعليم کي 100 سيڪڙو لازمي قرار ڏنو وڃي. جيڪڏهن 100 سيڪڙو اسان جون عورتون پڙهي لکي ويون ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ 100 سيڪڙو مرد ازخود پڙهيل لکيل پيدا ٿيندا. ڇو ته ڪابه پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد کي اڻ پڙهيل ۽ اسڪول کان ٻاهر ڏسڻ نه چاهيندي. ان کان علاوه اسان وٽ اڄ به ڪيتريون ئي عورتون آهن جيڪي ننڍي عمر جي شاديءَ جي ڪري ننڍي عمر ۾ ماءُ بنجڻ جي صورت ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ شروعاتي صحت جو ڪيئر نه ملڻ سبب زچگيءَ دوران ڪيترن خطرن کي منهن ڏيندي يا ته پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻن ٿيون يا پوءِ ڪيترن ئي صحت جي مرضن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون. اهڙي سڄي صورتحال ۾ جتي عورت تي سماجي تشدد چاهي اهو جسماني هجي يا ذهني ڪڏهن سماج جي هٿان ته ڪڏهن پنهنجن خاندان جي هٿان عورت برداشت ڪندي رهي ٿي.  جنهن جي لاءِ قانون سازي به ٿيل هجي، پر عورت کي ان جو فائدو نه ٿيندو هجي، اهڙي وقت ۾ اسان جيڪڏهن ڏسون ته پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ 2025 ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ سريلنڪا ويل آهي، اها اسان جي لاءِ هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ان تي اسان جي سماج جون عورتون جيترو به فخر ڪري سگهن ٿيون اهو ٿورو آهي. ڇو ته اهو هڪ سماجي ۽ ثقافتي تبديليءَ جو اشارو آهي، جيڪو ڪيترين ئي سطحن تي عورتن جي مستقبل تي پنهنجا اثر ڇڏيندو. اسان جون ڪرڪيٽ ٽيم جون اڄ جون رانديگر نياڻيون سڀاڻي جي ڇوڪرين جي لاءِ آئيڊيل بڻجي وينديون جيئن ڪنهن وقت ۾ عمران خان، جاويد ميانداد، وسيم اڪرم جهڙا رانديگر پوري قوم جي نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل هئا.

فاطمه ثنا، منيبا علي، سيده عروب شاهه، عاليه رياض جهڙيون نياُڻيون به اسان جي نياڻين جي لاءِ رول ماڊل بڻجي وينديون ۽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ کيڏڻ جا خواب ڏسنديون ۽ ان ميدان ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪنديون. ڇو ته ورلڊ ڪپ جهڙا ايونٽ سڄي دنيا ۾ نمايان رپورٽ ٿين ٿا، جنهن سان عورتن جي حصي وٺڻ کي عام قبوليت ملي ٿي ۽ اهي سماج جيڪي عورتن جي ان حصي کي اڃان تائين قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن اهي به آهستي آهستي پنهنجي گهر جي نياڻين کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ راندين جي ميدان ۾ کيڏڻ لاءِ اجازت ڏيڻ تي راضي ٿي وڃن ٿا. اهي منظر جيڪي عورت جي همت ۽ بهادري جو مظهر هوندا آهن ته هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بين الاقوامي ڪميونٽي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي ٿي، ٻيون نياڻيون به ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن ٿيون ۽ والدين انهن کي رضا خوشيءَ سان ڇڏڻ تي راضي ٿين ٿا.

ڇو ته اهڙن ايونٽس جي ڪري سماجي رويا نرم ٿين ٿا ۽ ثقافتي دٻاءُ آهستي آهستي گهٽجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته صوبائي سطح کان ضلعي سطح تي ۽ ان کان هيٺ تعلقه سطح تي ڇوڪرين جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، جيڪو لڳي ٿو ته هن وقت نظر انداز ٿيل آهي. عورت جو تعليم يافته هجڻ ۽ راندين ۾ حصو وٺڻ پوري قوم جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. ڇو ته راندين ۾ حصو وٺڻ سان نه صرف مردن جي لاءِ بلڪه عورتن جي لاءِ ڪيترن ئي موقعن جا دروازا کلي وڃن ٿا ۽ ان کي مختلف راندين ۾ ڪٿي ڪوچ ٿيڻ جي، امپائر، ميڊيا رپورٽر، فزيو ٿراپٽس ۽ اسپورٽس اينڪر ٿيڻ جا موقعا ملن ٿا. اميد آهي ته اسان جون عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي قدم بقدم زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌنديون رهنديون. ورلڊ ڪپ ۾ اسان پنهنجي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا، اهي کٽين يا هارائين، پر اهي اسان جون نمائندا ڇوڪريون آهن جيڪي سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ پاڪستان جي عورتن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن.

***