4 سالن کانپوءِ پهريون خطبو، مير واعظ عمر فاروق جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا
4 سالن تائين گهر ۾ نظربند رهڻ واري حريت رهنما مير واعظ عمر فاروق کي رهائي ملڻ بعد هن سرينگر جي تاريخي جامعه مسجد ۾ پهريون دفعو جمعي جو خطبو پڙهيو ۽ امامت ڪئي، ان دوران هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. خيال رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت مقبوضه ڪشمير جي حريت رهمنا مير واعظ عمر فاروق کي 4 سالن کان وڌيڪ گهر ۾ نظربندي کانپوءِ رها ڪري ڇڏيو آهي.