آزاديءَ جي تحريڪ دهشتگردي ناهي: صائمه سليم

اقوام متحده ۾ پاڪستاني مشن جي نمائنده صائمه سليم ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي چيو آهي ته ڄمون ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن هو ۽ نه ڪڏهن ٿيندو. آزادي جي تحريڪ دهشتگردي ناهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير تي جبر سان قبضو ڪري ويٺو آهي، ڪشميرين جا دل پاڪستان سان گڏ ڌڙڪن ٿا. ڪائونسلر صائمه سليم جو چوڻ هو ته ڀارت جي غاصبانه قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جائز ۽ قانوني آهي. جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جوابده آهي. ڀارت دهشتگردي جو شڪار نه بلڪه ان جو اسپانسر آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments