بلاگنئون

آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ حڪومت پاڪستان کان وڏن منصوبن جي انشورنس جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ترقي يافته ملڪن ۾ انشورنس وٺڻ ۽ ننڍين ننڍين شين کي انشورنس ڪمپنين کان محفوظ ڪرائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. هاڻي اتي انشورنس جو رجحان ايترو ته وڌي ويو آهي جو ماڻهو پنهنجي جسماني عضون جي به ڌار ڌار انشورنس وٺن ٿا. جيئن پرفيوم جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي سونگهڻ جي سگهه تمام سٺي هجڻ جي ڪري اهي پنهنجي نڪ جي انشورنس ڪرائين ٿا. ماڻهو پنهنجي هٿن، ٽنگن، ٻانهن، پيرن ۽ اکين جي ڌار ڌار انشورنس وٺن ٿا.

جيئن ته پاڪستان هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ اسان جي معيشت اڃان ان انداز سان وڌي ۽ ويجهي ناهي، ان ڪري اسان وٽ انشورنس جو رجحان تمام گهٽ آهي ۽ انشورنس جا ادارا اڃان اها ترقي نه ڪري سگهيا آهن جيڪي ترقي يافته ملڪن ۾ ڪري چڪا آهن. انشورنس هڪ حفاظت جو معاهدو هوندو آهي جيڪو ڪنهن فرد يا اداري جو انشورنس ڪمپنيءَ سان ٿيندو آهي ۽ پوءِ ان معاهدي تحت ساليانو هڪ خاص رقم (پريميئم) ادا ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو هڪ مخصوص عرصو هوندو آهي، جنهن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن فرد، ڪمپني يا اداري کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته ان جي ڀرپائي انشورنس ڪمپني ڪندي آهي، پر جيڪڏهن ان مدت تائين ڪو نقصان نٿو ٿئي ته اها رقم هڪ مخصوص طئي ٿيل عرصي کانپوءِ ان فرد يا اداري کي ٻيڻي ٿي ملي ويندي آهي.

جيئن ته پاڪستان هن وقت قدرتي آفتن، ٻوڏن ۽ وڌندڙ موسمي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جهڙن ادارن قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مالي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته اهي آفتن جو خطرو گهٽائڻ لاءِ انشورنس پاليسيون اختيار ڪن. بدلجندڙ موسمي حالتن جي اثر هيٺ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ، زلزلا ۽ خشڪي جهڙيون خطرناڪ آفتون سامهون اچن ٿيون، جنهن سبب ملڪ، عوام ۽ معيشت جو تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. ان لاءِ آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ چاهي ٿي ته پاڪستان پنهنجن شهرين خاص طور تي هارين ۽ ننڍن ڪاروبارين کي آفتن جي حوالي سان انشورنس ڪور ڏئي ته ان سان بحاليءَ جو عمل تيز ۽ وڌيڪ ڪارائتو ٿي سگهي.

انشورنس هجڻ جي صورت ۾ حڪومت کي هڪ ئي وقت وڏا وڏا فنڊ خرچ ڪرڻ بدران ننڍين قسطن ۾ انشورنس ڪمپنين کي پئسا ڏيڻا پون ٿا جيڪي آفتن جي صورت ۾ وڏيون رقمون ادا ڪنديون. مٿي ڄاڻايل ٻنهي ادارن جو خيال آهي ته پاڪستان کي صرف امداد تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي پاليسي جوڙڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ آفتن جو مقابلو پنهنجي سر پاڻ ڪري سگهي.

هن وقت پاڪستان کي جيڪڏهن ڪابه اهڙي صورتحال سامهون اچي ٿي جنهن ۾ تمام گهڻو مالي نقصان ٿئي ٿو ته ان جي لاءِ هڪ ئي وقت تمام گهڻن فنڊن کي خرچ ڪري انهن منصوبن کي ٻيهر تعمير ڪرڻو پوي ٿو يا بين الاقوامي مدد تي ڀاڙڻو پوي ٿو، پر جيئن ته انشورنس جو نظام سڄي دنيا ۾ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، ان سان پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به آفتن واري صورتحال کانپوءِ اسان کي بين الاقوامي امداد تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجي پاليسي مان مدد ملي ويندي. ان سان سرمائيدارن، آبادگارن ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن کي تحفظ جو احساس محسوس ٿيندو.

اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته اها انشورنس پاليسي ڪير وٺندو، ان جا ڪهڙا طريقا ٿي سگهن ٿا، هڪ ته حڪومت وڏي سطح تي انشورنس اسڪيم شروع ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي رقم پاڻ ئي ادا ڪندي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو بجيٽ ۾ مخصوص ڪيو ويندو ۽ نقصان جي صورت ۾ انشورنس ڪمپني ان جي تلافي ڪندي. ان جو ٻيو ماڊل اهو ٿي سگهي ٿو ته انشورنس پريميئم جو هڪ حصو حڪومت ادا ڪري ۽ ٻيو حصو اهي ماڻهو ادا ڪن جن کي انشورنس جو فائدو وٺڻو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي انشورنس ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ماڻهن کي مختلف مد ۾ انشورنس ڏئي کين زندگي، ٻارن جي تعليم، گاڏين يا سندن زرعي پيداوار جي انشورنس فراهم ڪن ٿيون.

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پاڪستان هڪ پٺتي پيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪ آهي. پاڪستان کي ترقي ڪرڻ جي لاءِ سٺي منصوبابندي ۽ گورننس جي ضرورت آهي. اهڙي وقت ۾ آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هيءَ تجويز ڪارائتي نظر اچي ٿي. ڇو ته آفتن جي نتيجي ۾ حڪومت جا اهم منصوبا جهڙوڪ: روڊ، پليون، اسڪول، اسپتال، ڊيم ۽ بجلي گهر تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا، انهن جي متاثر ٿيڻ جو مطلب سنئون سڌو عوام جي زندگيءَ جو معيار متاثر ٿيڻ آهي.

اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ عوام اڃان تائين هڪ معياري زندگي حاصل نه ڪري سگهي آهي، امير ۽ غريب جو فرق تمام گهڻو وڌي رهيو آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت وٽ پنهنجي منصوبابنديءَ سان هڪ اهڙو بچت جو نظام موجود هجي جنهن ۾ نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ هڪدم اهو پئسو حڪومت کي ملي وڃي جيڪو قانوني طور تي حڪومت پريميئم جي صورت ۾ هڪ انشورنس ڪمپني وٽ جمع ڪيو آهي ته جيئن اهي پنهنجا نقصان پورا ڪري عوام جي زندگين کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهي. ان ڳالهه جو به اسان کي خيال رکڻو پوندو ته جتي انشورنس ڪرائڻ جا فائدا آهن اتي انشورنس جا ڪجهه نقصان به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏو نقصان ڪنهن فرد کان وٺي حڪومت تائين پريميئم جو خرچ ادا ڪرڻ کان شروع ٿئي ٿو.

ان کان علاوه جڏهن نقصان ٿي وڃي ٿو ته انشورنس جو عمل اڪثر ڪري ڪمپنيون پيچيده بڻائي ڇڏينديون آهن. نقصان جي صورت ۾ ڪليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ دستاويزن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن فرد يا ادارا يا حڪومتون انشورنس هجڻ جي ڪري وڌيڪ لاپرواهه ٿي وينديون آهن ۽ ڪوبه احتياطي اپاءَ وٺڻ ۾ سنجيده نه رهنديون آهن. ان کان علاوه انشورنس ڪمپنين ۾ جلعسازي ۽ فراڊ جو خطرو به رهندو آهي. ڇو ته ڪي ماڻهو غلط معلومات ڏئي يا مصنوعي نقصان ڏيکاري ڪليم وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مطلب ته انشورنس هڪ تلوار آهي جنهن جا ٻئي پاسا آهن، جنهن جا فائدا نقصانن کان وڌيڪ آهن، پر جيڪڏهن ان کي صحيح نموني لاڳو نه ڪيو ويو ته مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اميد آهي ته جيڪڏهن حڪومتِ پاڪستان (IMF & ADB) جي چوڻ تي انشورنس جو مطالبو پورو ڪري ٿي ته ان جا تفصيل پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آندا ويندا، ان جي فائدي ۽ نقصانن کي جاچيو ويندو ۽ ان کانپوءِ انتهائي احتياط سان ان پاسي عملي قدم کنيو ويندو.