بلاگنئون

حيدرآباد جي او آر ڪالوني ۽ وحدت ڪالوني

حيدرآباد شهر جي ٿڌي سڙڪ تي موجود جي او آر ڪالوني سرڪاري آفيسرن جي رهائشي ڪالوني جتي هزار گز جا بنگلا پنهنجي زوال جو منظر  پيش ڪري رهيا آهن. آفيسر جن جي ڪارڪردگي هن وقت اهڙي آهي جو عوام مطمئن نظر نٿو اچي، پر کين سرڪاري ڪشادي رهائشگاهه مليل آهي، جي او آر ڪالوني سرڪاري آفيسرن جي اعليٰ رهائش جو نمونو آهي، جنهن جو ڪجھ حصو، هاڻي آثار قديمه جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

جي او آر ڪالوني بابت تفصيل نه ملڻ ڪري خبر نٿي پوي ته هيءَ ڪالوني ڪيترن ايڪڙن جي ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ ڪڏھن تعمير ٿي. هن جي بنگلن جي ايراضي ۽ الاٽمينٽ جو ڪهڙو طريقڪار موجود آهي. ڪهڙا آفيسر ڪيتري عرصي کان رهائش پذير آهن، رٽائرڊ آفيسر رهائش کانپوءِ وقت تي قبضو ڇڏين ٿا يا نه ڪا خبر ناھي. ضلعي آفيسر معلومات ڏيڻ ۾ ڪوبه تعاون نٿا ڪن.

 ڊي سي حيدرآباد هائوس جيڪو اندازي مطابق چئن ايڪڙن تي ٻڌل آهي، جنهن جي ڪارڪردگي پڻ هن وقت مايوس ڪندڙ آهي. جي او آر ڪالوني انگريزي سرڪار جي پروٽوڪول مطابق آفيسرن جي اعليٰ مرتبي، رعب تاب جي جهلڪ طور تعمير ٿيل آهي، جنهن کي هاڻي عوامي خدمت گذار يا نوڪر طور ٻيهر تعمير ٿيڻ گهرجي.

وحدت ڪالوني سرڪاري ننڍن ملازمن جي رهائشي ڪالوني آهي، جيڪا پڻ زبون حاليءَ جو شڪار بڻيل آهي. سنڌ حڪومت هنن ٻنهي ڪالونين کي نئين سر تعمير ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ ڪشاده گهرن جي جاءِ تي ننڍا رهائشي يونٽ تعمير ڪري گهرن جو تعداد وڌائي سگهي ٿي. شھباز بلڊنگ ۽ جي او او آر ڪالوني  به برسات ۾ ٻڏل رهن ٿا، جيڪا ڳالھ آفيسر طبقي لاءِ شرمساري جو سبب بڻيل آهي.

جيڪا انتظاميه پنهنجي دفترن ۽ رهائشي ڪالونين کي به برساتي پاڻي نيڪال جو جوڳو بندوبست نٿي ڪري سگهي، ان کي کاتي جي اعليٰ اختيارين طرفان پڇاڻو ڪرڻ يا سزا ملڻ کپي، پر افسوس جو خراب ڪارڪردگي ۽ خراب ريپوٽيشن جي باوجود انهن کي ترقيون ملنديون رهن ٿيون، جيڪا ڳالهه ناقابل قبول آهي.

ضلعي انتظاميه ۽ ادارن جا انجنيئر مڪمل طور نااهل ۽ ناڪام ثابت ٿيا آهن. شهر جي انفرااسٽرڪچر جي تباهي هنن جي ناڪامي جو ثبوت آهي. تازو برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال تي ڊيزل انجڻ جي جنريٽر جي استعمال تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ پمپنگ اسٽيشن جي بجليءَ جي موٽرن جي استعمال سان پڻ ڪروڙين رپين جا بل وصول ڪيا ويا آهن، شهر جي ڊرينيج جو مستقل حل نه هجڻ سبب هر دفعي عارضي طور پاڻيءَ جي نيڪال تي ايترو خرچ برداشت ڪرڻ انتظاميا جي نااهلي آهي.

هر طرف آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ تي هڪ سواليه نشان لڳل آهي ته ٻئي پاسي آفيسرن جي آفيسن، رهائشن ۽ گاڏين جا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي، جيڪو عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي. سنڌ حڪومت کي آفيسرن جي پگهارن، سهولتن، مراعتن کي سندن ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ گهرجي. جن آفيسرن کي جي او آر ڪالوني ۾ بنگلا الاٽ ٿيل آهن، انهن جي ڪارڪردگي ڏسي ان سهولت کي مهيا ڪرڻ يا رد ڪرڻ  جو فيصلو ڪرڻ کپي.