بلاگنئون

پاڪ سعودي امن معاهدو ڪهڙا نتيجا ڏيندو؟

قرآن پاڪ ۾ ارشاد باري آهي ته “اي ايمان وارو الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ ورهائجي نه وڃو.” اهڙي واضح پيغام جي باوجود دنيا اندر مسلمان ڇڙوڇڙ آهن ۽ دشمن مٿن غلبو حاصل ڪري ويٺل آهي. فلسطين، مسلمانن جو پهريون قبلو آهي، جنهن ۾ دشمن غزه جي مسلمانن جو رت وهايو. عراق ايران، لبنان، شام، افغانستان ۽ يمن سميت پوري اسلامي دنيا ۾ رتوڇاڻ ڪئي ان جي باوجود اسان اتحاد جي فضا کي قائم رکي نه سگهيا آهيون. تازو رياض ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تاريخي دفاعي معاهدي تي دستخط ڪيا ويا آهن. هن معاهدي ۾، اهو اتفاق ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب تي ڪوبه حملو ڪندو ته اهو پاڪستان تي حملو سمجهيو ويندو، ساڳي طرح جيڪڏهن پاڪستان تي حملو ٿيو ته سعودي عرب تي حملو سمجهيو ويندو. ان جو جواب باهمي طور تي ڏنو ويندو. هن معاهدي تي، سعودي عرب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان جو مقصد ٻطرفي دفاعي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. اهو معاهدو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي پنهنجي سيڪيورٽي کي وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو، ان جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاع ۽ سلامتي کي مضبوط ڪرڻ آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڳ ڀڳ اٺن ڏهاڪن تي مشتمل تاريخي ڀائيچارو قائم ٿيل آهي. هن معاهدي سان، پاڪستان هاڻي سعودي عرب جي خود مختياري ۽ سلامتيءَ جو دفاعي ساٿي بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته برادر اسلامي ملڪن جي وفدن جي موجودگيءَ ۾ هن اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ڪيترن ئي معاملن جو جائزو پڻ ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل، سيد عاصم منير، وزير دفاع خواجه محمد آصف ۽ ٻين وزيرن شرڪت ڪئي. سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي آمد تي شهر کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي جهنڊن سان سينگاريو ويو. ٻئي طرف، پاڪستان ۾ خير سگالي جي طور تي، وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي مکيه شاهراهن، انڊر پاسن، چوراهن ۽ شهر جي وچ ۾ جنڪشنن کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قومي جهنڊن ۽ برقي بتين سان سينگاريو ويو. اهو اتحاد اسرائيل پاران قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا تي اسرائيلي دهشتگرديءَ جي اوچتي حملي کانپوءِ ٿيو آهي. ان حملي کانپوءِ پوري اسلامي دنيا سمجهي چڪي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اسانجا دوست نٿا ٿي سگهن ۽ وقت بوقت ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي مسلم ملڪن تي حملا ڪندا رهندا. پاڪستان جو دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي هميشه عدم جارحيت ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي ٻڌل رهي آهي. گذريل مئي ۾ هندستان جي جارحاڻي ڪارروائين جي جواب ۾ پاڪستان پنهنجي دفاعي ۽ فوجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، ان سان عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد تمام گهڻو وڌيو آهي. ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت دوران به پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ هڪ موثر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا ۽ ايران ٻنهي کليل طور تي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو. ائين قطر خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪارروائي کانپوءِ، پاڪستان تمام دليري سان قطر سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسلامي تعاون تنظيم ۽ عرب ليگ جي سربراهي اجلاسن دوران اسرائيل جي توسيع پسند عزائم جي منصوبي کي نه رڳو پورو ڪرڻ لاءِ، پر انهن کي روڪڻ لاءِ پيش ڪيل ٺوس ۽ قابل عمل تجويزن، عرب دنيا جو پاڪستان تي اعتماد تمام گهڻو وڌايو. سربراهي اجلاس ۾ مسلمان ۽ عرب ملڪن جي گڏيل دفاعي حڪمت عملي جي تجويز عرب دنيا کي ويجهو آندو. هن ويجهڙائي جو هڪ مظهر پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل هي گڏيل دفاعي معاهدو آهي. هي معاهدو پاڪستان جي فوجي طاقت کي اڃان وڌائيندو، دفاعي صلاحيت ۽ سعودي عرب جي معاشي صورتحال خليج جي سيڪيورٽي استحڪام لاءِ باهمي سهڪار ذريعي دنيا ۾ هڪ نئون تصور اڀري آيو آهي، جيڪو عربن ۽ خاص طور تي علائقي جي مسلمان ملڪن ۾ سلامتي ۽ حفاظت جو احساس پيدا ڪندو. آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کان پاڪ سعودي دفاع معاهدو هضم نه ٿيندو، پر هي معاهدو انهن لاءِ نهايت اهميت جوڳو آهي. هن خطي ۾ سڀ کان وڏو آمريڪي فوجي اڏو قطر ۾ هو، پر آمريڪا اسرائيل کي قطر تي حملو ڪرڻ کان نه روڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسرائيل پهتو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ساڻس گڏ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته قطر کي حماس جي قيادت کي ملڪ مان ڪڍڻ گهرجي نه ته هو ٻيهر حملو ڪندو. هاڻي عرب آمريڪا ۽ اسرائيل جي منافقت کي سمجهي چڪا آهن. ان ڪري اهي هاڻي آمريڪا تي اعتبار نٿا ڪن. پاڪ- سعودي دفاعي معاهدي کانپوءِ جلد هڪ هڪ ٿي عرب ۽ ٻيا اسلامي ملڪ هن دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عربن کي بتدريج آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کان پنهنجو سرمايو ڪڍڻ گهرجي ۽ اسلامي ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ائين جيڪڏهن مسلمان هڪ ٻئي تي پنهنجو اعتماد وڌائيندا ته مستقبل ۾ پوري دنيا تي ماضيءَ وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمراني ڪندا.