جيڪڏھن اسان پاڪستان جي صوبن جي مقامي آبادين جو جائزو وٺون ته پنجاب ۾ 95 في سيڪڙو کان وڌيڪ پنجابي آباد آھن. اھي پاڻ کي جيڪي به سڏائڻ پسند ڪن، پر انھن سڀني جو واسطو ساڳي سر زمين سان آھي. انھيءَ ريت خيبر پختونخواهه ۾ مختلف ٻولين ڳالھائڻ وارا نوي في سيڪڙو مقامي ماڻھو ئي آھن. بلوچستان ۾ به 90 في سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي مقامي آھي، پر جڏھن سنڌ ڏانھن نھارجي ٿو ته اتي مقامي ماڻھن جي آبادي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نظر اچي ٿي جيڪا اٽڪل 80 في سيڪڙو آھي. جيتوڻيڪ اھا ڪا خاص ڳڻتي جھڙي ڳالھ نه آھي، پر ڳڻتي جي ڳالھ اھو ڌمچر آھي جيڪو صوبي ۾ مقامي ۽ غير مقامي نالي ۾ مختلف نسل پرست ڌرين مچائي ڏنو آھي.
منھنجي معلومات موجب، سنڌ کانسواءِ پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ ڪڏهن به مقامي ماڻهن کي رد ڪري ڪو محاذ، اتحاد، تنظيم يا تحريڪ قائم نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ان جي سرپرستي ڪئي وئي، نه ئي ڪنهن نسل پرست گروپ ڪنهن کي سندس صوبائي گاديءَ جي ھنڌ سان تعلق کي پاڪستان سان تعلق سان مشروط ڪيو، اسان نٿا سمجهون ته پاڪستان جي آئيني صوبن ۽ خاص طور پاڪستان جي ٺھراءُ واري صوبي سنڌ کي، جيڪو انگريزن جي دور کان اڳ هڪ الڳ ملڪ پڻ هو، ڪنهن فرد يا اداري کي اهڙي قسم جي چئلينج جي جرئت ھئڻ گهرجي. اهڙين حرڪتن جي انتها اها آهي ته هڪ دور ۾ ڪجهه لساني تنظيمن ۽ نسل پرست گروهن پاڻ کي سنڌين کان ڌار قرار ڏئي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي آباديءَ جو تناسب 60 ۽ 40 سيڪڙو يعني مڪمل سئو سيڪڙو هجڻ جو دعويٰ به ڪري ڇڏي. تڏهن اسان پنھنجي پاڻ کان پڇيو ته جيڪڏهن هر طرف اوهين ئي آهيو ته پوءِ اسين ڪٿي آهيون؟
ھڪ ٻيو لطيفو اھو آھي ته سنڌ واحد خطو آھي جتي “سنڌو ديش” جا نعرا ته ٻڌبا ئي آھن، پر پختونستان، آزاد بلوچستان، ھزارہ صوبي ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا اوپرا ۽ انوکا نعرا پيا گونجندا آھن. منھنجي علم ۾ ته نه آھي ته پاڪستان جي ٻئي ڪنھن به صوبي ۾ سنڌو ديش جي نعري يا سنڌ جي حقن جي چاڪنگ يا گونج جي گنجائش ھوندي؟
انهيءَ پسمنظر ۾ عرض آهي ته سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي، جيڪو پاڪستان جو معاشي ڪرنگهو، گهڻ رخي ثقافت جو ھندورو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي متحرڪ سڃاڻپ لاءِ مشهور آهي، هڪ ڳوڙھي سياسي بحران ۾ ورتل آهي. اھو بحران شهر جي ترقي ۽ قومي اتحاد ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. بحران جي پاڙ هڪ بنيادي تضاد ۾ آهي: متحدہ قومي مووومينٽ (ايم ڪيو ايم)، جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جيڪي پاڻ کي “مها پاڪستاني” قرار ڏين ٿيون، هڪ پاسي “اندرين سنڌ” يعني ٻھراڙين جي رهواسين کي “غير مقامي” قرار ڏئي انهن جي حقن ۽ وجود جي نفي ڪن ٿيون ته ٻئي پاسي غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن کي پنهنجي ووٽر بيس طور قبول ڪن ٿيون، سندن تڪراري قانوني حيثيت تي ماٺ ڌارين ٿيون. اھو رويو نه رڳو سياسي اخلاقيات جي ڀڃڪڙي آهي، پر پاڪستان جي آئين جي روح کي به ڇيھو رسائي ٿو، جيڪو سڀني شهرين کي مساوي حقن جي ضمانت ٿو ڏئي.
اھڙو رويو تاريخي تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اڄ به “غير مقامي” جو ليبل سنڌين تي لڳائي اهي جماعتون پنهنجي سياسي طاقت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر اھو بيانيو ان وقت اڃان ئي پيچيده ٿي وڃي ٿو جڏهن اسين انهن جي غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن بابت رويي ڏانھن نھاريون ٿا.
ڪراچيءَ ۾ لکين ڏيھ تياڳيندڙ رهن ٿا، جن جي قانوني حيثيت تڪراري آهي. اهي گروهه، جيڪي آئيني طور پاڪستاني شهري به نه آھن ۽ ووٽنگ جا حقدار نه ھئڻ گهرجن، انهن جماعتن طرفان نه رڳو قبول ڪيا وڃن ٿا، پر ووٽ بينڪ طور استعمال ٿين ٿا. شاھديون موجود آهن ته ڪجهه جماعتون سندن شهريت ۽ ٻين فائدن جون سهولتڪار آهن، جيڪا ڳالهه تضاد کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿي.
2024 ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ بهارين کي “غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙ” سڏيو ته ايم ڪيو ايم سخت احتجاج ڪيو، دعويٰ ڪندي ته اھو انهن جي ووٽر بيس تي حملو آهي. تضاد واضح آهي: جيڪڏهن ٻھراڙين وارا سنڌي “غير مقامي” آهن ته بهاري جيڪي ٽيڪنيڪل طور تي پرڏيھي آهن، ڪيئن ڪراچيءَ جا “مقامي” ووٽر بڻجي وڃن ٿا؟
راقم هتي هڪ اهم نقطو اٿارڻ ٿو چاھي. پاڪستاني اشرافيه ۽ اختياريون “پاڪستانيت”، “پاڪستان جي نظرياتي سرحدن” ۽ “اسلام جي قلعي” وغيره جا پڙھا ڏيندڙ آهن. جيڪڏهن اھي دعوائون اصولي ۽ اخلاص تي ٻڌل هجن ها ته اوڀر پاڪستان جي عليحدگيءَ جي باوجود اسان جي ڪرنسي نوٽن تي اڄ به بنگالي ٻولي موجود هجي ها ۽ بهارين کي بنگلاديش ۾ ئي “نظرياتي سرحدن” جي تحفظ لاءِ آباد رهڻ کپي ها، اھو تضاد سياسي ۽ نظرياتي منافقت کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪراچيءَ جي علائقن جهڙوڪ: ڪورنگي، اورنگي ٽائون ۽ لياري ۾ روھنگيا پرڏيھين جو وڏو تعداد رهي ٿو. اھو گروهه، جيڪو ميانمار جي “ظلمن” کانپوءِ ڪيترين ئي سرحدن کي اڪري سنڌ پهتو آهي، اتي اھو به سوال آھي ته آخر انھن ڏيھي پرڏيھي سرحدن جا محافظ اتي ڪنھن جي تحفظ لاءِ بيٺل آھن؟ جماعت اسلاميءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي پاليسي مهاجر حامي پاليسي ڏانهن لاڙو رکي ٿي. جماعت اسلامي روھنگيا جي انساني حقن جي وڪالت ڪئي آهي، پر جڏهن سنڌ حڪومت انهن جي ملڪ بدريءَ جي رٿ پيش ڪئي ته انهن جماعتن مخالفت ڪئي. اھو رويو واضح ڪري ٿو ته روھنگيا انهن جي ووٽر بيس جو حصو آهن، انهن جي شڪي شهريت جي باوجود انهن کي سپورٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌين کي غاصب سڏڻ اھو ٻٽو معيار آهي.
ڪراچيءَ ۾ لکين افغان ڏيھ تياڳيندڙ رهن ٿا، جيڪي 1980ع جي سوويت- افغان جنگ کانپوءِ آيا. اھي افغاني اسان کي خبر آهي ته پاڪستاني شهري نه آهن ۽ کين ووٽنگ کان محروم هجڻ گهرجي، پر الزام آهن ته جعلي نادرا ڪارڊن جي ذريعي انهن جا ووٽ استعمال ٿين ٿا. ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن جي ملڪ بدريءَ جي پيپلز پارٽيءَ جي قرارداد جي مخالفت ڪئي، ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو. پي ٽي آءِ جي “تبديلي” مهم ۾ ڏيھ تياڳيندڙن جا حق شامل آهن، پر ساڳي ئي پي ٽي آءِ ٻھراڙي جي سنڌين تي “جعلي ووٽن” جو الزام لڳائي ٿي. سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته اھڙو تضاد سياسي فائدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
اھو تضاد اتفاقي ناهي، پر شعوري حڪمت عملي جو نتيجو آهي. ڪراچيءَ جي آباديءَ جو پنجاهه سيڪڙو غير سنڌي آهي، جنهن ۾ مهاجر، پٺاڻ، پنجابي ۽ ڏيھ تياڳيندڙ شامل آهن. ايم ڪيو ايم مهاجر سڃاڻپ تي ڀاڙي ٿي، جماعت اسلامي مذهبي اپيل سان روھنگيا کي ھرکائي ٿي ۽ پي ٽي آءِ “انساني حقن” جي مهم سان افغانن کي اپيل ڪري ٿي. اهي جماعتون ووٽر بيس وڌائڻ لاءِ انهن کي قبول ڪن ٿيون، جيڪي ڌرتيءَ ڄاوا ناهن، پر سنڌي جيڪي پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر آهن، انهن کي “غير مقامي” قرار ڏين ٿيون. ڄڻ ته اهي نه انسان آهن ۽ نه ئي انهن جا هن شهر تي ڪي حق آهن!
اھا حڪمت عملي “وڙهو ۽ حڪومت ڪريو” جي اصول جو اولڙو آھي. سول سوسائٽي ۽ سنڌي قوم پرست جهڙوڪ: جيئي سنڌ اھڙي تضاد کي اجاڳر ڪن ٿا ۽ اهي جماعتون سنڌين جي حقن جي لتاڙ ڪن ٿيون جڏهن ته پرڏيھي ڏيھ تياڳيندڙن کي ترجيح ڏين ٿيون. سنڌ اسيمبليءَ جي تازن بحثن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ملڪ بدريءَ جي قرارداد کي ايم ڪيو ايم “مهاجر دشمني” قرار ڏنو، جيتوڻيڪ اها غير قانوني شهريت رکندڙن بابت هئي.
انهيءَ حڪمت عملي جو هڪ ٻيو پاسو نادرا ڪارڊن ۽ ووٽنگ نظام جي خرابين سان آهي. الزام آهن ته غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙ جعلي دستاويزن سان ووٽ ڏين ٿا. 2024 جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ فارم-45 ذريعي ڌانڌلي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تڏھن به ان غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن جي ووٽن جي جاچ تي زور نه ڏنو. اھو ٻٽو معيار ووٽ بينڪ کي ترجيح ڏئي ٿو.
انھيءَ تضاد جا نتيجا رڳو سنڌ لاءِ نه، پر ان جي گاديءَ جي شهر ڪراچي ۽ سڄي پاڪستان لاءِ اگرا آهن. حل سياسي سڌارن ۽ قومي مڪالمي ۾ آهي. سڀ کان پهرين، انهن جماعتن کي پنهنجن منافقاڻين پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ “مقامي” جي تعريف آئيني بنيادن تي قائم ڪرڻ گهرجي. غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن جي شهريت جي جاچ شفاف هجي ۽ افغان ڏيھ تياڳيندڙن سميت سڀني جي عزت سان واپسي ممڪن بڻائي وڃي.
ٻيو، عوام کي سنڌ جي حڪومتن تي زور ڏيڻ گهرجي ته اھي شهر ۽ صوبي جا مسئلا پاڻي، بجلي، سيڪيورٽي ۽ نوڪريون ترجيحي بنيادن تي حل ڪري. واضح رھي ته هاڻي سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪا به پارٽي اقتدار لاءِ عوام ڏانهن نٿي ڏسي، پر حڪومت سازي لاءِ ٻين ذريعن تي ڀاڙي ٿي. ان ڏس ۾ مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ انهن جي مينڊيٽ ۽ قيادت جي حشر جا مثال سڀني جي سامهون آهن.
ٽيون، قومي سطح تي مڪالمو ضروري آهي جيڪو سڀني لاڳاپيل برادرين کي شامل ڪري، جيڪا ڪراچيءَ جي گهڻ رخي طاقت آهي، ان کي اتحاد لاءِ استعمال ڪيو وڃي نه ڪي سياسي راند لاءِ. جماعتون نسلي يا مذهبي ڪارڊن جي بدران ترقي ۽ انصاف تي ڌيان ڏين.
آخر ۾، آئون سنڌين کي چوندس ته ڪنهن کي به سنڌ مان ڪڍڻ ناممڪن آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جنھن کي ڀڄڻ جي ڪا واھ ملندي ته سنڌ ته ڇا، پاڪستان ۾ ڪٿي به نه ٽڪندو. سنڌ جي ٻين مستقل رھواسين کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌين کي غير مقامي قرار ڏيندڙ غير قانوني ڏيھ تياڳيندڙن جي سلسلي ۾ ڇو خاموش آهن؟ ٻين صوبن جي ماڻهن کي درخواست آهي ته مولانا طارق جميل جي آسٽريليا يا ڪئناڊا جي پاڪستانين کي نصيحت ياد رکن: “هاڻي اوهين هتي جا شهري آهيو ۽ ھتان جا وفادار رهو.” جيڪڏهن سنڌ ۾ رهي سنڌ جي ثقافت ۽ مفادن کان لنوائيندا ته پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي هڻندا. پرڏيھين کي چوندس ته اوهان جون مجبوريون پنهنجي جاءِ تي، پر غور ڪريو: ڇا اوهان جو سنڌ ۽ سنڌين ڏانھن رويو اهڙو آهي جو ڪوبه مھذب ملڪ اوهان کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي سگهي؟