بلاگنئون

خوابن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ، هڪ دماغي راز

خواب هڪ اهڙي پراسرار دنيا آهن جن ۾ اسان هر رات پنهنجي شعوري سوچ کان آزاد ٿي ڪري مختلف تجربن مان گذرندا آهيون، پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسان خوابن ۾ پڙهڻ يا لکڻ ڇو نٿا ڪري سگهون؟ هن مضمون ۾ ان سوال جي پيچيدگيءَ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جديد سائنسي تحقيق ۽ منطقي تجزيو ظاهر ڪن ٿا ته خوابن دوران دماغ جا مختلف حصا ڪيئن ڪم ڪن ٿا ۽ اهي حصا اسان جي زبان ۽ منطقي سوچ تي ڪهڙو اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ کان علاوه اسان واضح خواب(Lucid Dreaming)  جي حوالي سان به گفتگو ڪنداسين، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو خوابن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت حاصل ڪري سگهن ٿا.

خوابن دوران دماغ جي سرگرمي:

سائنسدانن جي تحقيق مطابق،REM (Rapid Eye Movement)  ننڊ خوابن جو مکيه دور آهي. هن دور ۾ دماغ جا تصويري ۽ جذباتي حصا جهڙوڪ: اوڪسيپيٽل ڪورٽيڪس وڌيڪ سرگرم ٿين ٿا. ان جي نتيجي ۾ اسان کي خوابن ۾ عجيب ۽ واضح تصويرون، رنگين جذبا ۽ منفرد منظر نظر اچن ٿا، پر ٻئي پاسي، دماغ جا اهي حصا جيڪي ٻولي جي پيداوار ۽ سمجھه سان لاڳاپيل آهن، جهڙوڪ: بروڪا ۽ ورنڪا جا علائقا،REM  ننڊ دوران گهٽ سرگرم ٿي پوندا آهن. هي گهٽ فعاليت سبب، خوابن ۾ لکيل لفظ اڪثر ڌندلا ۽ غير واضح نظر اچن ٿا، جنهن جي ڪري اسان انهن کي صحيح طرح پڙهي يا سمجھي نٿا سگهون.

دماغ جا منطقي ۽ تخليقي حصا:

دماغ هڪ طرف جتي تخليقيت ۽ جذبات جي دنيا کي جنم ڏئي ٿو، اتي ٻئي طرف منطقي سوچ ۽ زبان جي پروسيسنگ لاءِ مخصوص علائقا موجود آهن. جڏهن اسان جا تصويري حصا، جهڙوڪ اوڪسيپيٽل ڪورٽيڪس تيزي سان ڪم ڪن ٿا ته اسان جي تخليقيت اوچتو وڌي وڃي ٿي، پر زبان ۽ منطقي سوچ لاءِ ضروري حصا جهڙوڪ: پريفرنٽل ڪورٽيڪس،REM  ننڊ دوران گهٽ سرگرم هوندا آهن. ان سبب، خوابن دوران اسان کي ٻولي جي ضابطن ۽ قاعدن جو پورو احساس نٿو رهي. هي حالتون اسان جي ادراڪ تي اثر انداز ٿين ٿيون ۽ خوابن ۾ لکڻ يا پڙهڻ جهڙا پيچيده عمل انجام ڏيڻ کي ناممڪن بڻائين ٿيون.

واضح خواب: شعوري بيداري جو تجربو:

واضح خواب(Lucid Dreaming)  اهڙو هڪ تجربو آهي جنهن ۾ خواب ڏسندڙ کي اهو شعور هوندو آهي ته هو خواب ڏسي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي خوابن کي ڪنٽرول به ڪري سگهي ٿو. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته اهڙن خوابن دوران پري فرنٽل ڪورٽيڪس ۾ سرگرمي وڌي ويندي آهي، جيڪا عامREM  ننڊ ۾ گهٽ هوندي آهي. هي وڌيل سرگرمي واضح خواب ڏسڻ وارن کي ٻولي جي پروسيسنگ ۽ منطقي سوچ ۾ بهتر بڻائي ٿي. نتيجي طور، اهي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ لکيل لفظن کي صحيح طرح پڙهي سگهن ٿا يا پاڻ به ڪجهه لکڻ جا تجربا ڪري سگهن ٿا.

سائنس ۽ تحقيق جا پهلو:

جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي تهREM  ننڊ دوران دماغ جي سرگرمي هڪ مخصوص ترتيب تي هلندي آهي. هڪ تحقيق موجب، واضح خواب دوران دماغ ۾ 40 هرٽز جي فريڪوئنسي تي سرگرمي وڌي ويندي آهي، جيڪا آگاهي ۽ علمي ڪنٽرول سان لاڳاپيل سمجهي وڃي ٿي. هي اضافي سرگرمي ان وقت زبان جي پروسيسنگ کي بهتر بڻائي ٿي، جنهن سان واضح خواب ڏسڻ وارن کي خوابن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جو تجربو حاصل ٿي سگهي ٿو.

ان کان علاوه، ڪجهه محقق اهو به سمجھندا آهن ته خوابن دوران دماغ جي مخصوص نيورانل نيٽ ورڪ، جيڪي جذبات ۽ يادگيرين کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا، انهن جي سرگرمي کي سمجھڻ سان مستقبل ۾ خوابن جي وڌيڪ پيچيده عملن کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي. هي تحقيقون نه صرف خوابن جي پيچيدگيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون، پر اسان جي شعور ۽ غير شعوري سوچ جي وچ ۾ لاڳاپي کي به نئين سر واضح ڪن ٿيون.

ثقافتي ۽ نفسياتي تناظر:

ثقافتي لحاظ کان، خوابن کي هميشه هڪ پراسرار ۽ روحاني تجربو سمجهيو ويو آهي. ڪيترن ئي ثقافتن ۾ خوابن کي مستقبل جي پيشنگوئي يا اندروني نفسياتي حالتن جي عڪاسي طور ڏٺو ويندو آهي. نفسياتي تجزيو پڻ اهوئي چوڻ آهي ته خوابن ۾ پڙهڻ يا لکڻ جي صلاحيت جي گهٽتائي، اسان جي شعوري سوچ جي محدوديت ۽ دماغ جي مختلف حصن جي انفراديت کي ظاهر ڪري ٿي. اهو پڻ ظاهر ڪري ٿو ته اسان جو شعور ۽ غير شعوري ذهن ڪيترو مختلف نموني سان ڪم ڪندا آهن.

خوابن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت عام طور تي ان ڪري محدود آهي ڇاڪاڻ تهREM  ننڊ دوران ٻولي ۽ منطقي سوچ سان لاڳاپيل دماغي حصا گهٽ سرگرم ٿين ٿا. البته، واضح خواب ڏسڻ وارن جي حالت ۾، جتي پري فرنٽل ڪورٽيڪس جي سرگرمي وڌي ويندي آهي، اهي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ پڙهڻ يا لکڻ جي تجربن کي حاصل ڪري سگهن ٿا. هي ڳالهه نه صرف دماغي سائنس جي نون دريافتن کي ظاهر ڪري ٿي، پر اسان کي خوابن جي پيچيدگي ۽ انسان جي نفسياتي دنيا جي وسيع امڪانن تي پڻ غور ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.

***