بلاگ

عمران جي نااهلي ۽ گرفتاريءَ وارو سوال…؟!  

ملڪ

 جي سياسي منظرنامي ۾ ان وقت موڙ آيو، جڏهن عمران خان کي سياسي ميدان ۾ لاٿو ويو. شهيد بينظير ڀٽو، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي رهنمائن سياسي نظم و ضبط کي برقرار رکيو ۽ مثبت ۽ ميچوئر سياست ڪئي. عمران خان جي سياسي ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ سياست ۾ ڪيترائي ناڪاري پهلو سامهون اڀريا، گارين جو طوفان برپا ڪيو ويو. سياسي ماحول کي خراب ڪري ملڪ ۾ هڪ هيجان واري ڪيفيت پيدا ڪئي وئي، ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام کي قانون کان بالاتر عملن تي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ اسٽئرنگ سنڀالي نه سگهيو ۽ اسٽيبلشمينٽ کيس سياست ۽ حڪومت هلائڻ جا داءَ پيچ سيکاريندي رهي. بهرحال عمران کي جيئن تيئن ڪري هلايو ويو. عمران جي پهرين ملاقات، ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿي هئي جڏهن هي نئون وزيراعظم ٿيو هو، ان ملاقات ملڪ جي سياست ۾ وڏي هلچل پيدا ڪري ڇڏي. عمران- ٽرمپ ملاقات ٿيڻ کانپوءِ نظر اهو آيو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون، هڪڙو عام تاثر اهو اڀريو ته ان سڄي صورتحال کي پيدا ڪرڻ لاءِ شايد عمران حڪومت کي فنڊنگ ڪئي وئي. نه رڳو ايترو پر اڪبر ايس. بابر اٺن سالن کان فارن فنڊنگ ڪيس وڙهندو رهيو. جنهن ۾ آخرڪار اها ڳالهه سامهون آئي ته پي ٽي آءِ کي اسرائيل ۽ ڀارت جي ڪيترين ئي ڪمپنين کان فنڊنگ ٿيندي رهي، جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي کي وٺڻ جي اجازت ناهي. خان ۽ ٽرمپ جي ملاقات کانپوءِ مودي سرڪار ڪشمير ۾ لڳل آرٽيڪل 370 کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪشمير کي انڊيا جو حصو قرار ڏيئي ڇڏيو جنهن تي عمران خان جي حڪومت ڪو گهڻو رد عمل نه ڏيکاريو. ان کان علاوه پي ٽي آءِ حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان مختلف موقعن تي ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪو اعتماد جو رشتو هو ان ۾ وڏو ڏار پيدا ٿي پيو ۽ پوءِ جلد ئي سڀني ڏٺو ته مخالف ڌرين گڏجي پي ٽي آءِ حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي وئي ۽ اها ڪامياب به ٿي وئي. جنهن کانپوءِ عمران خان جو آمريڪا مخالف بيانيو سامهون آيو. جنهن کي ڪجهه ڏينهن تائين ڪاميابيءَ سان هلايو ويو، پر پوءِ ڪي پي ڪي حڪومت کي جڏهن آمريڪا جي طرفان 36 ايمبولينسون امداد ۾ مليون ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان جڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان بيانيي خلاف پي ٽي آءِ مٿان سوال اٿڻ لڳا ۽ آمريڪي بيانيو پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو.

فارن فنڊنگ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي مهم جوئي ڪئي وئي. لسٻيلا واقعي ۾ شهيد آفيسرن تي چٿرايون ڪيون ويون. ادارا جڏهن اهڙي خطرناڪ مهم خلاف حرڪت  ۾ آيا ته ڪيترن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پڪڙيو ويو، جن ميڊيا تي اچي معافيون ورتيون ۽ توبهه تائب ٿيا. جاچ ڪندڙ ادارن کي اهي پڪا ثبوت به مليا ته ان مهم ۾ پي ٽي آءِ قيادت، سندن سوشل ميڊيا ڪارڪن ۽ ڀارتي سوشل ميڊيا ڪارڪنن سان گڏجي مهم هلائي رهيا هئا. شهباز گِل هڪ خانگي ٽي وي کي فوج خلاف هڪ منظم انداز ۾ انٽرويو ڏنو، اهو انٽرويو ڪنهن جي چوڻ تي ڏنو ويو، اسڪرپٽ ڪنهن لکيو، اڃان ان ڪردار جي ڳولها جاري آهي. ادارا ان ڪردار جي تقريبن ويجهو پهچي چڪا آهن، ان شخص جي گرفتاري موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ تمام گهڻي اهم چئي پئي وڃي.

شهباز گِل ان شخص جي باري ۾ اعتراف ڪري چڪو، وڊيو بيان به ٿي چڪو. شهباز گِل جي اعترافي بيان بعد پارليامينٽ لاجز مان هٿ آيل سيٽلائيٽ فون، دستاويز ۽ ٻيو سامان مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته وڌيڪ ثبوت مليا آهن. ان سيٽلائيٽ فون جي فارنزڪ بعد پتو پوندو ته ڪهڙن ملڪن ۽ ڪهڙن ماڻهن سان شهباز گِل ۽ پي ٽي آءِ قيادت جا رابطا هئا. اهو واضح آهي ته عمران خان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، بني گالا ۾ اجلاسن مٿان اجلاس ٿي رهيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ مونس الاهي عمران خان سان ملاقات ڪري خاطري ڪرائي آهي ته گرفتاري جي صورت ۾ پنجاب سرڪار سندس ڀرپور سپورٽ ۽ بچاءُ ڪندي ۽ بني گالا کي وزيراعليٰ هائوس جو درجو ڏيئي ٻنهي صوبن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي سپورٽ ورتي ويندي. ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال دوران اهڙي ته ڀرپور مزاحمت ڪبي جو اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران ان مزاحمت آڏو بيهي نه سگهندا ۽ ٻنهي صوبن جو عوام گڏ ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو.

مزي جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جن نامور صحافين خلاف ڳالهائيندو رهيو، انهن کي پاڻ تي آيل ڏکئي وقت ۾ بني گالا گهرائي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. سوال اهو آهي ته عمران خان کي انهن صحافين جي ضرورت ڇو پيش آئي، جن کي هو پسند نه ڪندو هو؟ سينئر صحافي حامد مير کي ته عمران خان پنهنجي اقتدار واري دور دوران ڪنهن به اجلاس ۾ مدعو نه ڪيو، کوڙ صحافي هئا، جيڪي پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندا هئا ۽ سندن پروگرامن کي ٽي وي چئنلن تي بند ڪرايو ويو، اڄ عمران کي اهي ميڊيا پرسن ياد آيا ۽ انهن کان پيدا ٿيل ٽڪراءَ واري صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. صحافين سان ملاقات کانپوءِ هڪ صحافي ٻڌايو ته عمران خان ڀرپور مزاحمت جي موڊ ۾ آهي، هو هر وقت سرگرم آهي ۽ هو پنهنجي بيانيي تي مضبوط بيٺل آهي. جيڪڏهن موجوده حڪومت بني گالا طرف چڙهائي ڪري ٿي ته اتي موجود هر شخص توڙي پي ٽي آءِ ڪارڪن ويڙهه لاءِ تيار آهن، بني گالا جي سيڪيورٽي به سخت آهي. عمران خان تي هڪ خاتون سيشن جج ۽ ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي پوليس اسلام آباد کي نالا کڻي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، شيرين مزاري، مراد سعيد، بابر اعواڻ، شبلي فراز، اسد عمر ۽ ٻيا عمران جي بيانيي کي ڀرپور نموني اڳتي وڌائيندي گڏيل حڪومت خلاف جنگ جوٽيو ويٺا آهن ۽ لڪل لفظن ۾ ادارن تي الزام هڻي باهه تي وڌيڪ پيٽرول هاري ان کي ڀڙڪائي رهيا آهن. عمران خان کي ته اها خبر ناهي ته ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ فواد چوڌري، شيخ رشيد، بابر اعواڻ، شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي ڪنهن جا ماڻهو آهن، اهي سڀ لوٽا سڀني لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن، پوءِ چاهي اهو پرويز مشرف جو دور هجي يا ڪنهن ٻئي ڊڪٽيٽر جو، انهن سڀني پنهنجي مفاد ۽ ڪرسي خاطر ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي وري عمران جي اندر جون ڳالهيون ۽ حڪمت عمليون اڳتي پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه پيا ڇڏين.

سيپٽمبر جو مهينو ملڪي سياست ۾ گهڻو اهم آهي. گهڻيون سياسي تبديليون اچي سگهن ٿيون. ملڪي سياست ۾ هڪ نئون موڙ اچي سگهي ٿو، عمران جي نااهلي ۽ گرفتاري ٿي سگهي ٿي. نواز شريف ملڪ واپس اچڻ لاءِ بي چين آهي، پر ڪيس سندس راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، جن جي خاتمي لاءِ مسلم ليگ نواز ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نواز شريف جو واضح موقف هو ته فتنه خان مان اڳ ۾ جان ڇڏائجي پوءِ ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪجي. مسلم ليگ نواز جي قيادت جو خيال آهي ته عمران پاران ملڪ ۾ انتشار واري سياست ۽ قومي ادارن خلاف ناڪاري مهم سان معيشت کي چئيلنجز درپيش آهن ۽  معاشي حالتون ٺيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ خرابي طرف وڃي رهيون آهن، ان لاءِ عمران خان جي گرفتاري ضروري آهي. مولانا فضل الرحمان به نواز شريف جي ان ڳالهه جي حمايت ڪري رهيو آهي، باقي آصف زرداري عمران جي گرفتاري جي مخالفت ڪري رهيو آهي.

تازو وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد  باجوه سوڌو پنهنجي وفد سان قطر جو دورو ڪيو ته عمران خان ان کي 40 چورن جو ٽولو قرار ڏنو ۽ سخت تنقيد ڪئي ته چورن کي ڪير پئسا ڏيندو. بهرحال قطر 3 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي عرب به 3 ارب ڊالر ري شيڊيول ڪيا آهن، اهڙي طرح چين به پاڪستان جي مدد ڪندو. يو اي اِي وارا اڳ ۾ ئي پاڪستان کي مدد جي خاطري ڪرائي چڪا آهن. عمران خان انهن ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا هئا، جيڪڏهن اهي ملڪ جي مدد ڪري رهيا آهن ته ان عمل جي عمران خان کي آجيان ڪرڻ گهرجي ها نه ڪي تنقيد. بهرحال عمران ته سڌو سنئون ادارن کي للڪاري رهيو آهي جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن ته انهن کي سوچڻ گهرجي، ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻايو پيو وڃي. ٻئي طرف آرمي چيف جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ويچاريو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. عمران خان تي هڪ خاتون سيشن جج ۽ اسلام آباد جي پوليس آفيسرن ۽ بيوروڪريٽن کي ڌمڪائڻ جو ڪيس داخل آهي، جنهن ۾ کيس ڪجهه ڏينهن جي وڌيڪ ضمانت ڏني وئي ۽ سندس گرفتاري جو معاملو في الحال ٽري ويو آهي، پر سيپٽمبر جو مهينو عمران خان لاءِ ڳرو ثابت ٿي سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان گرفتار ٿيندو يا صرف نااهل ٿيندو…؟