پرڏيهي جوڙي جي ٽن ٻارڙن سميت بازيابي
2012 ۾ افغانستان مان اغوا ٿيل آمريڪي- ڪينيڊين جوڙو ۽ سندن ٽي ٻارڙا ڪوهاٽ مان دهشتگردن کان آزاد ڪرايا ويا. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز هن خاندان کي ڏکڻ اولهه جي علائقي ڪوهاٽ کان 15 ڪلو ميٽر ڏور نويڪلي مان آزاد ڪرائي ورتو. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (ISPR) جي ترجمان مطابق پرڏيهي جوڙي کي آمريڪي انٽيليجنس جي مدد سان آزاد ڪرايو ويو آهي. آمريڪي انٽيليجنس ايجنسيون مسلسل دهشتگردن کي مانيٽر ڪري رهيون هيون ۽ خاندان کي آزاد ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪرم ايجنسيءَ کان پاڪستان منتقل ڪرڻ جي آگاهي ڏني. ٽرمپ پاڪستان جي ان ڪوشش کي مثبت لمحو ليکيو آهي.