سنڌ جي جياپي وحدت ۽ وجود کي بچائڻ لاءِ جهڙي طرح سنڌ جي بھادر غيرت مند باشعور دلير وڪيل برادري پنهنجا گهر ٻار ٻچا ۽ آسائشون ڇڏي ڪري سنڌ جي شديد ترين گرمي جتي گرمي پد تقريبن 48 هجي اهڙي قهر جهڙي لڱ ڪانڊاريندڙ گرميءَ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ جي سڏ تي پوري سنڌ جا وڪيل نٽھڻ اس ڪاڙهي جهڙي گرميءَ ۾ پرامن احتجاجي ڌرڻو لڳائي ويٺا آهن، انهن جي جرئت بهادري، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان بي انتها محبت جو کليل ثبوت آهي. سنڌ جي وڪيل برادري کانپوءِ ته هاڻي سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ جي احتجاجي ڌرڻي ۾ قومپرست، سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي، ساڃاهه وند ڌريون ڀرپور نموني شرڪت ڪري رهيون آهن. ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هڪ وڏي خاصيت ۽ خوبي ڏٺي وئي آهي ته هتي ڪنهن به ذات پات، رنگ نسل، زبان ٻولي، قوميت جو ڪوبه فرق نه ڏٺو وڃي ٿو هتي سڀ جو سڀ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کي روڪڻ، سنڌ صوبي کي گيس، بجلي، پئٽرول، ڪوئلي وغيره پنهنجا وسيلا پنهنجي سنڌ کي ڏيڻ لاءِ جاکوڙ جدوجهد ۽ تحريڪ جي هلچل ڏٺي وئي، بظاهر قانون جي پاسداري ڪندڙ قانوندانن ايڊووڪيٽ وڪيل برادري جو عظيم تر ميڙاڪو اجتماع منعقد ٿيندڙ تاريخ ساز احتجاجي ڌرڻو جاري آهي،
پر انهيءَ احتجاجي ڌرڻي ۾ ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ جي سڏ تي پوري سنڌ جا وڪيل ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، سرفراز ميتلو، ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر، عبدالستار هليو، احسان علي عباسي، سهيل ميمڻ، اسرار شاهه، محمد اسلم لغاري، مير افتخار لنڊ، مير ظفر خان بروهي، محمد رضا سومرو، فياض خميساڻي، طارق حسين کوسو، ولي محمد مستوئي، وقار مستوئي، ايڊووڪيٽ ماروي چانڊيو، ڄام عبدالفتاح سميجو، ايڊووڪيٽ عقيل احمد ڀٽو، ايڊووڪيٽ شڪيل احمد ڀٽو، ايڊووڪيٽ احمد علي تنيو، ايڊووڪيٽ ارسلان علي عباسي، ايڊووڪيٽ واحد بخش ابڙو عطاري، ايڊووڪيٽ قدر بخش ڀٽي، ايڊووڪيٽ محبوب علي ڀٽي، ايڊووڪيٽ منور علي ڀٽو، ايڊووڪيٽ عبدالنبي ساريو، ايڊووڪيٽ ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر، مير ظفر خان بروهي، بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، ايڊووڪيٽ بلال رضا عباسي، ايڊووڪيٽ امتياز علي عباسي، ايڊووڪيٽ منير احمد بلوچ، ايڊووڪيٽ عاشق علي عباسي، ايڊووڪيٽ ساجد علي پيرزادو سميت بيشمار اڻ ڳڻيا نالا وڪيلن جا آهن جيڪي ميدان عمل ۾ ٻٻرلوءِ جي تتل نٽھڻ اس ۽ گرمي ۾ حوصلا بلند ڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ سنڌ سان نينهن نڀائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، انهن سنڌ جي بھادر وڪيلن جي جذبي جوش ولولي جاکوڙ ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ هلچل کي لک ڪروڙ سلام آهن، جيڪي ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين وستي وستي نگر نگر پنهنجي سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي جي چوري ۾ ملوث رهزنن جو پيرو کڻي نروار ٿيا آهن. يقينن سنڌ جي هنن باشعور، باغيرت ۽ باضمير وڪيل برادري جي ذهنن ۾ هڪ ڳالهه سمايل آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي ڪينال نڪرڻ بعد پاڻي بند ڪيو ويو ته نه رڳو زمينن جي آباد ڪاري، ٻني ٻارا، پر سنڌو درياءَ جي مٿان ڪينال ڪڍڻ سان اسان جي پوري سنڌ جي نلڪن واٽر پمپن مان پاڻي اچڻ محال بڻجي ويندو ۽ نلڪا پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏيندا، اها اڪثر ماڻهن کي خبر ئي ڪونهي.
اڪثر ماڻهو الائي ڪهڙي خيال ۽ تصور ۾ آهن ته هي سنڌو درياءَ جي ڪينال وارو مامرو رڳو زميندارن آبادگارن جو ئي آهي نه نه قطعي به نه هي نج معاملو پوري سنڌ جي گهر گهر جو آهي، سنڌ جي وحدت، وجود ۽ بقاء جو آهي، سنڌ هزارين سالن ۽ صدين کان سنڌو درياءَ جي ڇولين وهڪرن سان خوشبودار جوڀن ۽ جمال سان مهڪندي پئي اچي. هن سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ نه ترخانن، ارغونن، مغلن نه ئي وري انگريز سامراج مداخلت ڪئي، ٻيو ته ٺهيو پر نه ئي موجوده 78 سالا تاريخ ۾ ڪنهن به اهڙي گستاخي بي ادبي ۽ يزيدي دور ورجايو جهڙو موجوده فاسشٽ فرعونيت وارن ورجايو آهي. ايتري قدر جو انهن چولستان جي ويران زمين کي سائو چولستان جي نالي ۾ زور شور سان ترقياتي ڪم به شروع ڪرائي ڇڏيو آهي، اهڙي بي داد نگري چرٻٽ راجا واري ڪهاڻي ورجائي پئي وڃي. سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي اهميت افاديت کي سمجهيو ئي نٿو وڃي، چيو وڃي ٿو ته مريم نواز شريف چئي ٿي ته هاڻي ته سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍي چولستان کي ضرور آباد ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان جي عزت ۽ انا جو مسئلو آهي، هڪ پاسي ست ڪروڙ سنڌ جي عوام جي زنده رهڻ جياپي جو مسئلو ٻئي پاسي هن مريم نواز شريف جي انا جو مسئلو آهي، سمجهه ۾ ڳالھه اچيو ٿي؟ وري ٿو ڪو وفاقي وزير مصدق ملڪ چوي ته سنڌو درياءَ مان هڪ ڪينال ڪڍي ويران چولستان ٺاهي ڏنوسين ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي اڳ ۾ ته توهان گيس به ڏني اتي ته خاموش هئا، هاڻي توهان کي ڇا ٿي ويو آهي ٿوري دل وڏي ڪيو، هنن ڪرائي جي ماڻهن کي خبر ناهي ته سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر سنڌي قوم هن معاملي ۾ ايترو به برداشت نه ڪندي ته سنڌ جي حق جو پاڻي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ مان لپ هڪ ڦڙو به سنڌ جي ويرين کي ڏئي، سنڌو درياءَ جي تاريخ پنهنجي تلخ تجربن سان ڀري پئي آهي، ڏيڍ سئو سالا تاريخ ۾ پاڻيءَ جي معاهدن واعدن تان ڪير ڦريو آهي سڀ کي خبر آهي، پنهنجا درياءَ ڪنهن وڪرو ڪري هندستان کي ڏنا؟ سنڌ کي مال غنيمت سمجهندڙ الائي ڇو اهو وساري ويهن ٿا ته سنڌ به هن ملڪ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي ۽ ننڍو ڀاءُ آهي ته پوءِ ملڪ جي سمورن ڀائرن کي جيئن زنده رهڻ، سهولتن، مراعتن، روڊن رستن، خوشحالي، ترقي ڪرڻ جو برابري سراسري جي بنياد تي حق ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ملڪ جي هڪ صوبي ۾ ميٽرو بسون، گرين ٽرين، موٽروي، گرين لائينز ٺاهيون وڃن ٿيون ته پوءِ سنڌ صوبي کي به اهي ملڪي سهولتون ملڻ گهرجن.
جڏهن سنڌ جي ڪوئلي، گيس، بجلي، پئٽرول، بندرگاهه سميت هر شيءِ تي ٻين صوبن جو حق بڻايو ويو آهي ته پوءِ سنڌ جي به اندر به پنجاب صوبي جهڙيون سهولتون روڊ رستا موٽروي، ميٽرو بس وغيره ڏياريا وڃن ۽ اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ مسلسل محرومين مسئلن جو شڪار بڻائي وئي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر سنڌ جي اندر هن وقت به سنڌ جي اڪثر شهرن جي علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بک، بيروزگاري، تنگدستي، غربت، افلاس، گيس ۽ بجلي جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه پر ڏينهن جا ڏينهن غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جو عوام اهڙي گرمي ۾ تڙپي رهيو آهي. پڙهيل لکيل تعليم يافته بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ملڻ بجاءِ ناڪاره ماڻهن کي ميرٽ اهليت جي لتاڙ سان مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ ويتر پوري قوم کي ذهني طور تي اپاهج ۽ مفلوج ڪرڻ برابر خطرناڪ عمل آهي.
سنڌ جو ڪهڙو غيرت مند باشعور، باضمير ماءُ جو پٽ چاهيندو ته منهنجي سنڌ سرسبز شاداب زرخيز هجڻ بجاءِ ويران ريگستان ۽ سنسان هجي ته پوءِ سنڌي قوم پنهنجي لازوال تاريخ کي ورجائيندي پنهنجي پٽڪي لوئي ۽ لڄ جي حفاظت ڪندي ٻڌي، ايڪي، اتحاد جو اهڙو ته شاندار ڪردار ادا ڪري ڏيکاري جو ويرين کي معلوم ٿئي ته هي ڪهڙي بي مثال قوم آهي جو هر طبقي، هر فورم، هر مڪتب فڪر، هر مسلڪ، هر فرقي، هر مذهب، سنڌ ۾ رهندڙ وسندڙ هر قوم پنھنجي سنڌ جي جياپي وحدت وجود کي خوشحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ اهڙي ايڪي اتحاد جو مظاهرو ڪندي دنيا جي سمورين قومن کي ڏندين آڱريون وجهي ڇڏي جو مثال صدين تائين ٻين کي به ٻڌايا وڃن، انهن سمورين محبتن جو مظهر ٻٻرلوءِ جو احتجاجي ڌرڻو ئي بڻيو آهي. وري ٻٻرلوءِ جي عملي ميدان ۾ وڪيل برادري جو تاريخ ساز قربانين سان سجايل ميدان مرڪي رهيو آهي. هر طرف کان نيشنل توڙي انٽر نيشنل ميڊيا سنڌ جي ٻٻرلوءِ جي غير آباد زمينن کي ڄڻ ته هڪ سنڌ جي وڏي شهر مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر غيرت مند سنڌي ته سنڌي پر هر قوم زبان ٻولي ڳالهائيندڙ جي خواهش رهي آهي ته جيڪر ڪيئن به ڪري ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ضرور ٻٻرلوءِ جي سنڌو درياءَ جي جياپي لاءِ جاکوڙيندڙ سر زمين جي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري اچجي.