نئون

هارون بلور جي تڪ PK-78 ۾ چونڊون معطل

ڪالهوڪي پشاور واري ڌماڪي بعد جنهن ۾ هارون بلور پشاور جي تڪ PK-78 مان چونڊون وڙهي رهيو هو کيس خودڪش حملي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو. اليڪشن ڪميشن ان تڪ مان چونڊون معطل ڪري ڇڏيون آهن. چونڊن لاءِ نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪالهه پشاور اندر هڪ ريلي ۾ بم سان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ اي اين پي جي اميدوار بشير بلور سميت 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ان سان گڏ 65 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايو ويو آهي. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جي ليڊرن پاران هن حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.