بلاگنئون

هلچل ڪلچر

زندگي گذارڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لازمي آھي. ڪمن ۽ مصروفيتن جا ڪيترائي قسم آھن ڪجھه اھي ڪم آھن جن تي زندگي گذارڻ جو دارومدار آھي جنھن کي ذريعهءِ معاش چئجي ٿو. ڪجھه ڪم انسان پنھنجي دل جي خوشي ۽ ذھن جي سڪون لاءِ ڪري ٿو، جن ۾ بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي مدد ڪرڻ، ڪنھن اداس شخص سان کل ڀوڳ جون ڳالھيون ڪري سندس چھري تي مرڪ آڻڻ، مٽن مائٽن سنگتي ۽ ساٿين جي سار لھڻ سندن حال پڇڻ شامل آھن. ھي اھي مصروفيتون آھن جيڪي نفسياتي صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿيون.  دور حاضر جو انسان حد کان وڌيڪ ڪم ۾ مصروف آھي. ٽھڪن، ڪچھرين ۽ واندڪائي کان ڪوهين پري آھي، انھن سڀني مثبت مصروفيتن کي وقت جو ذيان سمجھي مشيني زندگي گذاري رھيو آھي. اڄڪلھه ڪنھن وٽ ڪنھن مٽ مائٽ جي گھر وڃڻ جي فرصت ڪونھي. روزمره جي اڻ کٽ ڪمن، ڪاميابين ۽ مقابلي جي ڊوڙ اڄڪلھه جي انسان کي ٿڪائي وڌو آھي. ھر چھري تي اداسي، پريشاني، ورلي ڪو مسڪرائيندڙ  پرسڪون انسان نظر ايندو آھي. ھي افراتفري بيچيني ۽ گھٻراھٽ ٻڌائي ٿي ته اڄ جو انسان جيئڻ لاءِ نه بلڪه ڪمائڻ لاءِ جئي ٿو. دل جي گھرڻ باوجود پنھنجي آرام  لاءِ وقت نه ڪڍي سگھڻ، پنھنجين خواھشن کي قربان ڪرڻ کي ڪاميابي جي ڪنجي تصور ڪرڻ ھي تيزي سان بدلجندڙ سماج دراصل ھسل ڪلچر يا ھلچل ڪلچر جو نتيجو آھي. اسين سڀ حد کان وڌيڪ ھٿ ٺوڪين ڪمن ۾ رڌل آھيون ھر ماڻھو وقت نه ھجڻ ۽ ڪمن جي گھڻائي جي شڪايت ڪندي نظر اچي رھيو آھي. ھن نئين تھذيب مطابق پنھنجي مرضي سان آرام ڪرڻ يا گھڻي دير سمھڻ کي سستي ۽ ڪاھلي سمجھو ٿو وڃي. پنھنجي مٿان ھروڀرو ڪمن جو انبار کڻڻ جي ڪري انسان ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا آھي. اڄ جي دور جا ٻه سماجي گروھ ملينيلز ۽ جين زي ھلچل ڪلچر جو سڀ کان وڏو حصو آھن. ھي اھي گروھ آھن جيڪي مسلسل ۽ اڻ ٿڪ محنت، آرام ۽ سڪون سان نه ويھڻ کي زندگي جي عظمت سمجھن ٿا. ھو اھو نٿا سمجھن ته ڪم زندگي نه بلڪه زندگي جو ھڪ حصو آھي. ھي گروھ ماڻھن کي فقط ڪم ڪرڻ کي فوقيت ڏيڻ جي تلقين ڪري ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ کين ڀلي پنھجن ذاتي رشتن، جسماني ۽ نفسياتي صحت کي وڃائڻ جي صورت ۾ قيمت چڪائڻي پوي. ھلچل ڪلچر ذھني، نفسياتي صحت تي تمام گھرا ۽ ناڪاري اثر قائم ڪري ٿو. جيتوڻيڪ زندگي جي مقصد لاءِ جدوجھد ڪرڻ ڪارائتا گڻ آھن، پر ھلچل ڪلچر ھڪ اھڙو زھرآلود سماجي حصو آھي جيڪو ڪم کي حد کان وڌيڪ اھميت ڏئي ٿو جو انھيءَ جي اڳيان زندگي جو مزو وٺڻ ۽ آرام ڪرڻ کي سستي ۽ ڪاھلي سمجھو وڃي ٿو. ھلچل ڪلچر سان لاڳاپيل ذھن ھر وقت ڪمن کي وقت کان اڳ پورو ڪرڻ جي جدوجھد ۾ ايترو ته مصروف رھي ٿو جو کيس پنھنجي گھريلو زندگي لاءِ وقت نٿو ملي، ھو پنھنجن پيارن رشتن، دوستن، مٽن مائٽن جي حصي جو ٽائيم به پنھنجي پيشه وراڻه ذميدارين ۾ گذاري ڇڏي ٿو. ھن سماجي گروھ مطابق پيشه وراڻي ڪاميابي لاءِ ذاتي زندگي جي قرباني درڪار آھي. ھي به ڪرڻو آھي ۽ ھو به ڪرڻو آھي ڄڻ نه ڪرڻ جي صورت ۾ پويان رھجي وينداسين، ھر وقت ناڪام ٿي وڃڻ جو خوف حضرت انسان کي ساھي پٽڻ کان روڪي رھيو آھي، جيڪر بيھجي وياسين ته پٺتي رھجي وينداسين، ذھن ھر وقت ڪنھن سوچ ۽ فڪر ۾ مبتلا رھي ٿو، ھي ڪم ڪرڻو آھي ھو ڪم مڪمل ڪرڻو آھي. ائين ٿو لڳي تہ سڪون ڪرڻ يا ساھي وٺڻ ڄڻ اسان جي ڪمزور ھجڻ جي نشاني ھجي. ڇا اسان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته اسان ھي سڀ ڇو ڪري رھيا آھيون. ڇا ھن پٺيان ڪو خوف يا ڪا بيچيني يا گھٻراھٽ آھي جنھن جي ڪري اسين بيھڻ کي ترجيح نٿا ڏيون؟ يا اسان جي ماضي سان جڙيل ڏک ۽ پريشانيون ايتريون تڪليفده آھن جو اسان کي انھن کي وسارڻ لاءِ پاڻ کي بيحد مصروف ٿو رکڻو پوي. جديد تحقيق مطابق گھٽ آرام ڪرڻ حد کان وڌيڪ جسم ۽ ذھن کان ڪم وٺڻ جي نتيجي ۾ انسان ڊپريشن، اينگزائٽي، ڊمينشيا ۽ ٻين ڪيترين نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا  ٿئي ٿو. جسماني ۽ ذھني صحت لاءِ اٺن ڪلاڪن جي ننڊ تمام ضروري آھي جيڪا ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي ڊوڙ پٺيان گھڻي قدر نامڪمل رھجي وڃي ٿي. جنھن جي نتيجي ۾ چڙ، اينگزائٽي ۽ ڊپريشن جون علامتون ظاھر ٿين ٿيون. ذھن ڪنھن به ڳالهه تي مڪمل ڌيان نه ڏئي سگھندو، فيصلي ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيندي. ننڊ پوري نه ٿيڻ ۽ ڪمن جي گھڻائي ڪري جسماني ٿڪاوٽ ڪري انسان ڪاوڙ ۽ ڊپريشن محسوس ڪري ٿو. مسلسل ڪمن ۾ مصروف رھڻ جي ڪري پنھنجي ڪٽنب جي ڀاتين، دوستن کي وقت نه ڏئي سگھڻ ڪري شرمندگي محسوس ڪرڻ، ناڪامي جو خوف محسوس ڪرڻ جھڙن ناڪاري جذبن جي سبب جسماني ۽ نفسياتي صحت تي ناڪاري اثر ڇڏين ٿا. اڄ جو انسان  ٻارنھن ڪلاڪن جي مسلسل ڪم ڪرڻ جي ڪري مليل تعريفي جملن محنت ڪش، ايڪٽو، چست چالاڪ، پروڊڪٽو جھڙا لفظ ٻڌڻ جي لالچ ۾ ھلچل ڪلچر ۾  مبتلا ٿي ويو آھي، ھو ان ڳالھه کان بيخبر آھي ته ھوگھاٽي جو سودو ڪري رھيو آھي. ھن ٿڪائيندڙ طرز زندگي کي پنھنجي  انھيءَ سوچ ته ڪاميابي مسلسل ڪم ڪرڻ ۾ نه بلڪه سٺي صحت، بھتر تعلقات، زندگي جو مزي وٺڻ ۽ ذاتي واڌ ويجھه ۾ پوشيده آھي. ڪارآمد ٿيڻ اوھان جي فلاح، خيريت، عافيت، بھبود ۽ خوشحالي لاءِ ھجڻ گھرجي نه ڪي انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھجي. ھسل ڪلچر کان بچڻ لاءِ ذاتي ۽ پيشه وراڻه زندگي جي حدبندي ضروري آھي. ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته پيشه وراڻه ذميداريون گھريلو زندگي تي ۽ گھريلو زندگي سان لاڳاپيل خوشين ۽ ذميدارين تي اثرانداز نه ٿين. اسان کي معلوم ھئڻ گھرجي ته ڪم ۽ ذاتي زندگي جي وچ ۾ ھڪ صحتمند حدبندي تمام گھڻي ضروري آھي ۽ ڪڏھن ساھي پٽڻ ضروري آھي. ڏينھن ۾ ٻه ٽي دفعا ساھي وٺڻ سان مسلسل ڪم جي ڪري ذھني دٻاءُ گھٽجي ٿو. ڪجھه وقت ڪم ڪرڻ کانپوءِ بريڪ وٺي ٿوري دير لاءِ واڪ ڪرڻ، پنھنجي پسند جي موسيقي ٻڌڻ،اکيون بند ڪري ٿوري دير لاءِ ليٽي پوڻ سان ذھني ۽ جسماني صحت تي خوشگوار اثر پوندو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ به مزو ايندو. خوشگوار زندگي جو راز مسلسل جسم کي ٿڪائيندڙ ڪم ڪرڻ ۽ انھيءَ جي نتيجي ۾ ماڻھن کان واکاڻ ٻڌڻ ۽ پئسا ڪمائڻ ۾ نه بلڪه پنھنجن پيارن رشتن سان وقت گذارڻ، وقت تي آرام ڪرڻ، پنھنجي صحت ۽ خوشين جو خيال رکڻ ۽  پنھنجو پاڻ کي وقت ڏيڻ ۾ پوشيده آھي.

***