شاعري
نئون سال
عبدالرزاق ”عبد“
حياتي جو سال ويو گهٽجي، نئون سال ملهايون ٿا،
رکي نئين اُميد، نئون سال ملهايون ٿا
ڪي دوست ويا گذري، يادون ياد رهنديون،
ڏکايل دِل سان، نئون سال ملهايون ٿا.
رات سيءَ سيارا هوندا، پاسن ۾ پنهنجا پيارا هوندا،
نئين جوش سان، نئون سال ملهايون ٿا
مهانگائي جي طوفان، زندگي جهوري آهي ڇڏي،
زندگي گهارڻ لاءِ، نئون سال ملهايون ٿا،
نه آهي پيٽ ۾ لولو، نه آهي تن تي چولو،
ڪپڙن تي هڻي ٽانڪا، نئون سال ملهايون ٿا،
هن سخت دور ۾، آهن سڀ پريشان،
پريشانين کي وِساري، نئون سال ملهايون ٿا
ملي وٺون، ڪي گهڙيون کِلي وٺون دوستو،
محبت ورهائي، نئون سال ملهايون ٿا
هر خواهش ”عبد“ تنهنجي آهي اڌوري
هر خواهش کي چنبڙي، نئون سال ملهايون ٿا
***
غزل
ساحر راهو
پلڪ پلڪ تي ٿڪ، ننڊاکا هوڪا آهن،
سرگوشين جا چپ کي مُيسر موقعا آهن.
مُهذب ڳول نه چوواٽي جي، مِٽيءَ ۾ تون،
دل جي مسلڪ جا هي، واءُ جھروڪا آهن.
سرحد ٿي وئي گھايل، آهي نيڻن جي اڄُ،
ٺوڪيا سُهڻي ڏيک ۾ ڪنهن هي ڪوڪا آهن.
چارن تي ڌُوڙ وڇايل، ويسر جي ۽،
پنگهٽ ڀرسان واعدن جا ڪُجھ ٻوڪا آهن.
هاءِ صُبح جو افسانو، ٿي ويندي دنيا،
جهُو مو ڳايو ڪيميا پل اڄوڪا آهن.
چهرن جا به ته داغ وڃن دٻجو هاڻي،
آئينن ڀي وقت سا سکيا دوکا آهن.
تازي مڌ ۾ رات وسي ٿي ڦُڙِ ڦُڙِ ٿي،
کيپ اکين ۾ تنهنجي ميت پروڪا آهن
ڳوڙهيون ۽ بيباڪ نگاهون ساقي جون ڄڻ،
تاريڪين ۾ ساحر جيءَ جھروڪا آهن.
***
سِنڌُڙِيءَ ڪَيو سَڏُ، اُٿو سُورِما سُورِمِيُون….!
ساقي ابڙو
سِنڌُو مُنھِنجِي زِندَگِي، سِنڌُو مُنھِنجو ساھُ،
آبِ زم زم اکِين تي، پَرَ هِنَ سان عِشِقُ اَٿاھُ،
وڏو اَٿَم ويساھُ، سِنڌُوءَ ۾ ”ساقِي“ چَوي!
سِنڌُڙِيءَ تي سِرَ, ڏَهَه ڏَهَه ڏِينداسِين،
سُولِيءَ چَڙهِي ”ساقِي“ چَوي سُورِهَه ٿينداسين،
صَدقي وِينداسِين، پَنھِنجي ڌَرتِيءَ ماءُ تان!
مَڪو مَدِينو مقَدّسُ هِن، پَرَ سِنڌُ سان مُنھِنجو ساءُ،
هِي ڌرتِي پَنھِنجِي ماءُ، سمجهان ٿو ”ساقِي“ چَوي!
ڌَرتِيءَ کي ڌاڙو، هُو ڏِسُ هَڻَن ٿا پَيا،
اَڃان ڪُڄاڙو، سُمهو ٿا ”ساقِي“ چَوي!
ڌَرتِيءَ ڪَئِي دانھَن، تَه ويرِي وَڍِڻُ ٿا گُهرَن،
ڏيئِي مَٿي ٻانھَن، سُمهجي ڪِينَ ”ساقِي“ چَوي!
سِنڌُڙِيءَ ڪَيو سَڏُ، اُٿو سُورِما سُورِمِيُون،
اَچِي ٿِيو گَڏُ، سُورِھَ سَڀُ ”ساقِي“ چَوي!
***
غزل
وسيم سومرو
توکي مونکي راس هڪجهڙو نه آ
پيار جو هي واس هڪجهڙو نه آ
ڪيئن سڌارت ڪيئن هو عيسيٰ ڪٽيو
درد جو بنواس هڪجهڙو نه آ
زرد ڪنهن پل آ ته ڪنهن پل سرمئي
روح جو آڪاس هڪجهڙو نه آ
هر گهڙيءَ جو گهاءُ پنهنجو پنهنجو آ
اک جو آساس هڪجهڙو نه آ
سمنڊ جيئن گهرو ته ڪو درياھ جيئن
درد جو احساس هڪجهڙو نه آ
هيءَ سڄي دنيا آ اڊڙيل انگ جيئن
ڪنهن چيو اتهاس هڪجهڙو نه آ
ڪنهن لئه آيت جيئن ته ڪنهن لئه نقش جيئن
وقت جو قرطاس هڪجهڙو نه آ
سرحدن ۾ جڳ ورهايل آ وسيم
اڀ جو اڀياس هڪجهڙو نه آ
***
نِڪور غزل
عبداالله آس هنڱورجو
غزل تِيسيتائين لکِيو ڪون ٿيندو.
جيسين يار ڀاڪُر ٻکِيو ڪون ٿيندو.
تُنهنجي سُونهن تي جو لِکِيو مون غزل آ،
اهو ٻئي جي آڏو رکيو ڪون ٿيندو.
جڏهن سنڌ توتي ڏکيو وقت ايندو،
پڪل طعام مون کان چکيو ڪون ٿيندو.
وظيفو پڙهيو مون جڏهن هِن وطن جو،
ڪارِيهر پوءِ توکان ڪکيو ڪون ٿيندو.
ٽُٽُل لِير جهڙي حياتي سَندم کي،
سواءَ تو ٻيو ڪو بکيو ڪون ٿيندو.
منهنجا هار سينگار تولئه ته آهن،
ڇڏي وئين اگر مک مکيو ڪون ٿيندو.
اٿم آس تو ساڻ گذري حياتي،
سوا تنهنجي ٻيو ڪو اکيو ڪون ٿيندو
***
غزل
آتش انقلابي
دوکــا، ٺـڳـيـون ڇـا نـه ھـتي آ
جيءُ جي قيمت ڪا نه ھتي آ.
ڏوھـاري بـي ڏوهــي ٿيــن ٿــا
مسـڪينن جـو داءُ نـه ھـتي آ.
مـظلومن کي انـصاف ڏئي جـو
قــانـون ھـجي سـو نـه ھتـي آ.
زانــي رھــبر ھــت پيـر فــاسـق
ڀيـڻ نه ڪنـهنجـو ڀـاءُ ھـتـي آ.
سَـچَ ۾ اَڄُ ڪَـلْھ مَـٺُ رھـي ٿـو
سَتُ، حَقُ جي ڪا وا نه ھتي آ
***