بلاگنئون

جادوگرا

اسان جي ننڍپڻ واري دور ۾ (70-60 واري ڏهاڪي ۾) سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ سينيما فلم، اسٽيج ٿيٽر، ناٽڪ منڊلي، کيل تماشو ۽ اسٽيج ڊرامو وغيره عروج تي هئا. اسڪولن ۾ به ڪن خاص ڏهاڙن تي يا اڪثر اونهاري جي موڪلن ۾ اسٽيج ڊرامه منعقد ٿيندا هئا. اسٽيج ڊرامه نويسن ۾ چنا شبير ناز، جمال ميراڻي، سومرو سودائي، حاجي ابن مڱڻ، نياز چنا، ملنگ حيدري، محمد خان پنهور ۽ ٻيا به گهڻا هئا جيڪي پنهنجي ذهانت سان اداڪارن جي چونڊ ڪندا هئا، جن ۾ اڪثر اسڪولي شاگرد ۽ نوجوان استاد به ڊرامن ۾ حصو وٺندا هئا. مون کي ياد آهي ته علامه آءِ.آءِ. قاضي هاءِ اسڪول، پاٽ ۾ 1971ع ڌاري غريب ۽ مسڪين شاگردن جي امداد واسطي ٽن ڏهاڙن تائين اسٽيج ڊرامه معمولي ٽڪيٽ في ادا ڪرڻ ذريعي ڪيو ويو. دادو شهر مان سائين محمد خان پنهور پاڻ سان گڏ هڪ نوجوان شاگرد گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ منظور سخيراڻي کي وٺي آيو، جيڪو راڳ جي دنيا ۾ نئون داخل ٿيو هو (منظور سخيراڻي بعد ۾ سنڌ جو انتهائي ڀلوڙ گلوڪار ثابت ٿيو ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو) مشهور راڳي استاد قمر سومرو (مرحوم) به اڪثر اسڪولن يا ڪاليجن ۾ ٿيندڙ ورائيٽي پروگرامن ۾ پنهنجو فن پيش ڪندو هو. استاد قمر سومرو بنيادي طور تعليم کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچر هو.  ميلن ۽ ملاکڙن ۾ شائقين جو لاڙو اسٽيج ٿيٽرن ڏانهن هوندو هو. اسٽيج ٿيٽرن جا به الڳ ٽولا (گروپ) هوندا هئا، جنهن ۾ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار، گلوڪار، مسخرا، ناچڻا ۽ ناچڻيون شامل هونديون هيون. ان صف ۾ مشهور گلوڪار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽي اول هوندو هو. عنايت حسين ڀٽي پنجاب کان اچي سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي ٿيندڙ عرس مبارڪ تي پنهنجو اسٽيج ٿئيٽر لڳائيندو هو. سندس ٽيم ۾ گلوڪار سائين اختر حسين ۽ گلوڪاره ريشمان به شامل هوندي هئي. سنڌ ۾ سليم عاقلي (لاڙڪاڻو) نجمه ٿئيٽر جي بينر هيٺ پنهنجي ٽيم سان گڏ ايندو هو. سندس ڀيڻ نجمه اداڪاري سان گڏ سٺو ڳائيندي به هئي. هوءَ سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. نجمه سنڌي فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي ۽ مشهور سنڌي فلم “تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ” ۾ هيروئن طور ڪم ڪيو هئائين. سندس ان مشهوري سبب “نجمه ٿيٽر” ۾ ماڻهن جو انبوهه لڳل هوندو هو. سنڌي ڳائڻي روبينا حيدري جو به ٿئيٽر لڳندو هو. جنهن جو اهتمام سندس ڀاءُ محمد علي ڪندو هو. مشهور ڳائڻو قادر بخش لنجار (ميرپورخاص وارو) ان ٿئيٽر ۾ سندس ريڊيو تي ڳايل ڪلام پيش ڪندو هو. قادر بخش لنجار جي هجڻ ڪري سندس مداحن جي ڪافي ڀيڙ ٿيندي هئي.

سيتاروڊ ۾ سائين رحماني جي عرس واري موقعي تي انهن اسٽيج ٿئيٽرن ۾ پنهنجي هم ڪلاسين ۽ دوستن، خاص طرح لطيف ٻگهيو سيتائي، محمد بخش سيال، منظور احمد سومرو، عبدالرحيم راهوجو، شاهه نواز منگي، جاويد احمد لغاري، نظير احمد اُنڙ ۽ محمد خان چانڊيو سان گڏجي، مائٽن جي اجازت سان، انهن اسٽيج ٿئيٽرن ۾ آيل فنڪارن کي روبرو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو خوب لطف حاصل ٿيندو هو. ان زماني ۾ پنجابي فلم “جادوگرا” ڏاڍي مشهور ٿي هئي، جيڪا سنڌ جي ننڍن شهرن جي سينيمائن ۾ وڏي رش کڻي رهي هئي. ان فلم ۾ خاص طرح ملڪه ترنم نورجهان جو ڳايل گانو “جادوگرا تيري بين دا هوگيا جادو، ميرا دل هويا بي قابو” ڏاڍو مقبول ٿيو هو. ان گاني ۾ مرلي، هارمونيم، بانسري ۽ ڌڪڙ وارن سازن جي امتزاج، گاني کي عوامي بنائي ڇڏيو هو. اهو گانو ٽرانسپورٽ ٽرالي، ٽريڪٽر، گهرن ۽ اوطاقن ۾ ٽيپ رڪارڊ ذريعي شوق سان ٻڌو ويندو هو. سائين رحماني جي عرس مبارڪ تي ٿيل ميلي ۾ نجمه ٿئيٽر جي پنڊال ۾ اسٽيج آڏو معززين لاءِ ڪرسيون رکيل هيون. جڏهن ته باقي ماڻهن لاءِ فرشي نشست هئي، جنهن ۾ پلال ۽ گاهه وڇايل هو، جتي ماڻهو ويهي ٿئيٽر جو مزو حاصل ڪري رهيا هئا. اداڪاره نجمه، ملڪ ترنم نورجهان جي ڳايل جادوگرا گاني جي پلي بيڪ تي پرفارمنس ڏئي رهي هئي. گاني دوران جڏهن مرلي جو ساز وڳو ته زمين تي وڇايل پلال ۾ ويٺل نانگ تي مستي ڇائنجي وئي، تنهن کي زمين تي ويٺل شائقين ڏسي ورتو ۽ هنن زمين تان اٿي پنهنجا پوتڙا ڇنڊيا. انهي مامري تي پنڊال ۾ ڌوڙ ۽ مٽي ڇائنجي وئي. نجمه اهو ڏسي پنهنجي پرفارمنس کي اڌ ۾ ڇڏي ميڪ اپ روم ۾ هلي وئي. نانگ ته الائي ڪيڏانهن هليو ويو. شڪر ٿيو جو ڪو انساني نقصان نه ٿيو، پر ٿئيٽر جي پُرڪشش ۽ مَن موهيندڙ فنڪاره نجمه جي ڊانس ڏسڻ جو مزو خراب ٿي ويو.

***