بلاگنئون

عورتن سان زيادتين جا سبب ۽ انهن جي خاتمي جا  حل

سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ مختلف قسم جي زيادتين جا سبب گهڻ رُخا آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ۽ عملي قدم کڻڻ ضروري آهن. ھن موضوع تي گھڻو لکبو رھيو آھي، بيشمار مھمون به ھلن پيون، پر عورتن سان زيادتين جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي.

جهالت ۽ تعليم جي کوٽ عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو اهم سبب آهن. اڃان تائين به ننڍن ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين ڪجهه اهڙا خاندان آهن جيڪي عورتن جي تعليم جي لاءِ مڃتا نٿا رکن. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هاڻي ڇوڪرين جي تعليم جو تناسب وڌيو آهي، پر ان جي باوجود به ڇوڪرين جي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو اڃان به اسڪولن کان ٻاهر آهي. عورتن ۾ تعليم جي کوٽ سبب عورتن جا حق، قانون ۽ پنهنجو تحفظ ڪرڻ جا طريقا انهن لاءِ اڻڄاتل رهن ٿا، ھو پنھنجن حقن کان بي خبر رھن ٿيون، ڏاڍاين جي مختلف شڪلين کي سمجھي نٿيون سگھن ۽ انھن خلاف آواز اٿاري اڳتي نٿيون وڌي سگھن.

سماج ۾ اڃان تائين به مرد ۽ عورت جي برابريءَ جو تصور هڪ خواب آهي. مردن کي اڃان به بالادستي حاصل آھي ۽ عورت انھن اڳيان ڪمزور رھي ٿي. عورتن بابت اڪثر فيصلا گهڻو ڪري مرد ڪندا رھن ٿا، جن ۾ عورتن جو ڪوبه دخل نٿو رھي، جنهن ڪري عورتن جي آزادي محدود رهي ٿي ۽ اھي پنهنجي زندگيءَ لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت نٿيون رکن. ان کان علاوه پاڻ بابت ناپسنديده فيصلن خلاف آواز نٿيون اٿاري سگھن، ظلم ۽ زيادتين خلاف خاموش رھن ٿيون. ڇو ته عورتن جو تمام وڏو تعداد معاشي طور تي مردن جو محتاج رھي ٿو، جنهن سبب هو، غير مستحڪم رھن ٿيون ۽ پاڻ بابت ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي سگھ نٿيون رکن، عورتن جي تعليم، نوڪري ۽ ڪمائي کي اڃان تائين برو سمجھيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري عورتن پنهنجن پيرن تي معاشي طور بيهڻ جي قابل نه ٿي سگهي آهي. جڏھن ته ڳوٺاڻي زندگي ۾ عورتون گھرن جا سمورا ڪم ڪرڻ کانپوءِ زمينن ۾ به ڪم ڪن ٿيون. لابارا، مال لاءِ گاھ ڪرڻ، ڪمند جي ڪٽائي، ڦٽيءَ جي چونڊي سميت ڪيترائي ڪم عورتون به ڪن ٿيون اھا پراڻي روايت آھي جنھن کي بُرو نٿو سمجھيو وڃي ۽ ان جو کيس نه اجورو ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي مڃتا ڏني وڃي ٿي.

هن سماج ۾ عورت اڃان تائين تمام گهڻي غير محفوظ آهي. ايتري تائين جو هوءَ پنهنجي گهر ۾ به غير محفوظ آهي. عورتن سان زيادتين جا ڪيس داخل نٿا ٿين يا انھن ۾ رنڊڪون پيش اچن ٿيون، پوليس جي لاپرواهي ۽ بي حسي رھي ٿي ۽ عدالتون مختلف سببن جي ڪري انصاف مھيا ڪرڻ ۾ دير ڪن ٿيون، گھڻو ڪري عورتن کي انصاف کان پري رکيو وڃي ٿو. اسان جي سماج جون مدي خارج ريتون ۽ رسمون به عورت جي حقن جي خلاف استعمال ٿين ٿيون. مردن جي جھيڙن جي نبيرن ۾ عورتن کي ايئن استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن پالتو جانورن جا سودا ڪيا وڃن ٿا. ڏوھ مرد ڪن ۽ ان ڏوھ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عورتن کي سڱ چٽي طور ڏنڊ ۾ ڏنو وڃي ٿو، جنھن عمل خلاف قانون به ٺھيل آھن، پر انھن قانونن جي پرواھ نٿي ڪئي وڃي. ڇو ته اهڙن ڪڌن ڪمن تي قانون حرڪت ۾ اچي ئي نٿو. ڪارنهن جي سچي ڪوڙي الزام ۾ عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. عورتن کي قرضن جي ادائگي ۾ به ڏنو وڃي ٿو، انھن کي ملڪيت جي حصي مان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن صرف ملڪيت جي حصي نه ڏيڻ ڪري سندن شاديون نٿيون ڪيون وڃن يا وري زبردستي شاديون ڪرايون وڃن ٿيون ۽ عمرين جو به خيال نٿو رکيو وڃي. عورتن کي جوا ۾ ھارائي جوارين جي حوالي ڪرڻ جو به رواج اڃان هلندو اچي.

انهن سڀني برائين جو سبب رياست جي بي حسي قانونن کان عورت جي اڻڄاڻائي آهي. گهڻيون عورتون پاڻ سان ٿيل مختلف قسم جي زيادتين کي ظاھر ڪرڻ انھن خلاف آواز اٿارڻ يا قانوني تحفظ وٺڻ کان لھرائين ٿيون، انھن جا مرد انھن کي روڪين ٿا ۽ ايئن ٿا سمجھن ته ان سان انھن جي بيعزتي ٿيندي ۽ وڌيڪ خواري به ٿيندي، اھو تحفظ وارن قانونن کان بي خبري سبب به ٿئي ٿو. اھو به آھي ته عورتن جي تحفظ وارن قانونن جو غلط استعمال وڌيڪ ٿيندو رھيو آھي. سنڌ ۾ دشمنين ۾ پنھنجن دشمنن تي ناحق رنون بيھارڻ جو ھڪ رواج پيل آھن، سڳن پيئرن تي به نياڻين زنا جا ڪوڙا الزام ھڻي انھن کي ناحق ٻڌرائي خوار ڪرڻ جا به ڪيئي مثال ڇڏيا آھن، جيڪي بعد ۾ جاچ يا انڪوائرين ۾ ڪوڙا به ثابت ٿيا آھن. ايئن ماڻھن ذاتي دشمني پارڻ لاءِ مخالف ماڻھوءَ تي ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ عورتون بيھاري انھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي. قانون جي اهڙي غلط استعمال سان خود عورت کي نقصان ڀوڳڻو پيو آهي. اھڙي قسم جون عورتون جيڪي ڪوڙي الزام سان ڪنھن تي بيھي رھن، سستيون مليو وڃن، ان ڪري اھو پاسو وڏي حد تائين بدنام ٿيل آھي، پوءِ حقيقي شڪايت ڪندڙ عورت کي به شڪ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ان ڪري به عورتون پاڻ سان ٿيل ڏاڍائين کي دٻائين ٿيون ۽ انھن جا مرد به ان ۾ عافيت سمجھن ٿا. عام آگاھي جون مھمون به ھلن پيون، پر اُھي عورتن سان زيادتين کي روڪڻ، انھن کي انصاف ڏيارڻ ۽ زيادتيون ڪندڙن کي جھڪائڻ ۽ سزائون ڏيارڻ ۾ گھٽ حد تائين ڪامياب آھن.

ڇو ته ميڊيا به ان قسم جا واقعا تمام سنسني خيز انداز ۾ پيش ڪري انهن خاندانن جي عزتن کي سر عام بدنام ڪرڻ ۾ ڪسر نٿو ڇڏي. زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جي تصوير شايع يا نشر ڪري ان کي وڌيڪ خوار ڪيو وڃي ٿو. ڊرامن ۾ به عورت کي ڪمزور يا فقط گهريلو ڪم ڪندڙ ڏيکاريو وڃي ٿو، شوبز جي دنيا ۾ به عورت کي ھڪ رانديڪو سمجھي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري ھڪ مائينڊ سيٽ جڙيو پيو آھي ۽ سماج انھن تي ناڪاري تبصرا به ڪري ٿو، مرد ھوٽلن تي ويھي ڪچھرين ۾ عورت لاءِ منفي ڳالھيون ڪن ٿا، ان ڪري اهي عورتون جيڪي حقيقي طور زيادتين جو شڪار ٿين ٿيون شڪايتون رجسٽر نٿيون ڪرائين جنھن سبب ڏاڍايون ڪندڙن کي ڊگھيون رسيون مليو وڃن ۽ اھي عورتن سان ڏاڍايون ڪندا رھن ٿا.

ان سڄي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڇوڪرين جي تعليم کي لازمي ۽ ھر طرح سان محفوظ اسڪولن ۾ انھن کي تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو، درسي ڪتابن ۾ عورت جي حقن بابت گھڻي کان گھڻي آگاهي وارو مواد شامل ڪرڻ سان ڇوڪرين کي پنهنجن حقن ۽ ڇوڪرن کي عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جي سمجهه پيدا ٿيندي. عورتن جي حقن لاءِ ٺاهيل قانونن تي سختي سان عمل ٿيڻ گھرجي ۽ شفاف انڪوائريون ٿين ته جيئن ڪو ڪوڙي دعويٰ نه ڪري سگھي ۽ زيادتيون ڪندڙن کي سزائون ڏياريون وڃن ته جيئن ٻيا ان عمل کان پاسو ڪن. پوليس کاتي ۾ عورتن جي شڪايتن جا خاص سينٽر قائم ڪيا وڃن جتي عورتن کان شڪايتون وصول ڪندڙ عورت آفيسرياڻيون ويھارجن ته جيئن عورت عورت جي مسئلي کي سمجھي سگھي. انصاف لاءِ به خاص عدالتون قائم ڪجن، غلط بياني ڪندڙن کي به سزائون ملڻ گهرجن ته جيئن ڪو غلط بياني ڪري ڪنھن تي ناحق الزام تراشي نه ڪري سگھي. سڀ کان وڏي تبديلي جيڪا عورت کي پنهنجن پيرن تي عزت ۽ احترام سان بيهڻ جي سگهه ڏئي سگهي ٿي، اهي عورت لاءِ روزگار جا ذريعا ٿي سگهن ٿا. عورتن جي هٿ جي هنرن کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ سرڪار کي ڪو انتظام ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه عورتن کي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ۽ خانگي جاين تي وڌ کان وڌ نوڪريون ڏئي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن عورت ترقي جي راھن ۾ مرد سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي برابري وارو مقام حاصل ڪري سگھي. سمورن والدين کي گهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي برابريءَ واري سلوڪ سان تعليم ۽ ٻيا سڀئي سماجي حق ڏئي پرورش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڇوڪرين کي پنهنجي اهميت جو احساس پنهنجي گهرن کان ئي ملي. انھن جي خوراڪ جو ڀرپور خيال رکيو وڃي ۽ انھن جي جذباتي ۽ سماجي شعور جي نشو نما ۾ والدين کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اھي وڏيون ٿي جڏهن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکن ته هڪ ڪامياب زندگي گذاري سگهن ۽ جنهن به ميدان تي هجن اعتماد سان بيهي سگهن.