بلاگ

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ جي ضرورت! اياز عمراڻي June 2021

سنڌ جيڪا امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي هئي، هيءَ ڌرتي جيڪا صوفين اوليائن جي امن پرست ڌرتي هوندي هئي، جن اوليائن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي اسان کي امن ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي، جنهن ڌرتي جا سٻاجهڙا سادا ماڻهو شاهوڪار تهذيب جا مالڪ، پنهنجي تاريخ کي سهيڙي رکندڙ، جن جي مهمان نوازي جا واڪ ڪوھ ڪوھ تي ٻڌڻ ۾ ايندا هئا اڄ قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهيل آهي. اڄ هن سوني ڌرتي سنڌ تي قبيلائي جهيڙا روز جو معمول بڻيل آھن سھپ برداشت ڄڻ هن ڌرتي مان موڪلائي وئي آهي. ھر طرف کان روڄ راڙي جو آواز پيو اچي. رشتن ۽ پنهنجي رت ۾ به اهڙيون نفرتون پيدا ٿي ويون آھن جو ماڻهو هڪٻئي جي منهن ڏسڻ کان به لنوائين ٿا. هر طرف ڄڻ نفسا نفسي آهي، سنڌ جيڪا پنهنجي وسيلن سان مالا مال امن جي ڌرتي ڄڻ ڪنهن صحرا ۽ بيابان ۾ تبديل ٿي رهي آھي. روز مائرن کي پنهنجي ڪونڌر پٽن جا لاش ملي رهيا آهن. ڪن جا ور ته ڪن جا ڀائر، ڇا حشر هوندو انهن جو جن جي هڪ گهر مان ڏهن نوجوانن جا لاش هڪ ئي وقت تي نڪتا هوندا. تڏهن آسمان به رنو هوندو ۽ سنڌ جي سوني ڌرتي به رني هوندي.

لکجي ته سنڌ جي ڪهڙي مسئلي تي لکجي جڏهن قلم کڻي سنڌ جي مسئلي تي لکڻ شروع ڪبو آھي ته ذهن ۾ سنڌ جي مسئلن جي هڪ ڊگهي فهرست تيار ٿي ويندي آهي ۽ سوچبو آهي ته ڪهڙو مسئلو وڌيڪ اهم آهي، جيڪو طئي ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي. ڇو ته هينئر سنڌ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي. جنهن مان هڪ مسئلو سنڌي قوم جو ڇڙوڇڙ ٿيڻ ۽ قبيلن ۾ ورهائجڻ آهي ۽ وري سون تي سهاڳو اهو آهي ته هڪٻئي جي اڻ سهپ جي ڪري جهيڙا ۽ خوني وارداتون به آهن. اهڙي صورتحال ۾ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن کي دانهن ڏجي ڪنهن جي اڳيان پنهنجا حال پيش ڪجن. ڇو جو روئبو ۽ رڙبو ان جي اڳيان آهي جيڪو توهان جو حال ٻڌي ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪري وري انهن مسئلن کي حل ڪري، پر بدقسمتيءَ سان چوڻو ٿو پوي ته هتي ان دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ وارو ۽ سنڌ جي واهر ڪرڻ وارو نه صوبائي سطح تي ڪو نظر اچي ٿو ۽ نه وري وفاقي سطح تي ڪو اهڙو ادارو يا رياست خود اسان کي ٻڌڻ جي قابل نظر اچي ٿي. جي سڀ ان قابل نه آھن ته پوءِ هن رياست جي وجود کي تمام وڏو خطرو آهي، لڳي ايئن ٿو ته سنڌ مان امن جو پکي اڏامي ڪٿي پرڏيهه هليو ويو آهي.

سنڌ جيڪا پاڪ مقدس ڌرتي آهي اتي ڏينهون ڏينهن ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن جو واڌارو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو غير قانوني طور سنڌ ۾ لڏي اچي آباد ٿيا آهن ۽ ڪيترا صرف جهالت جي ڪري پنهنجي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. سرداري نظام، وڏيرا شاهي، غير معياري تعليم، فخر، انا پرستي، جهالت، سھپ جي اڻ لڀ، غريب عوام جي حقن ڏيڻ لاءِ لاپرواهي، رت جي رشتن ۾ دشمنيون ۽ غربت جي سبب آپگهات روز جو معمول بڻيل آهي.

مطلب ته ھيءَ مقدس ڌرتي هر لحاظ کان ڌرتي ڌڻين لاءِ تنگ ٿيندي پئي وڃي ۽ پنهنجا ثقافتي اهڃاڻ وڃائيندي پئي وڃي. يقينن انهن سڀني شين جا اثر اسان جي ايندڙ نسلن تي پوندا ۽ اهي انهن کي ڀوڳيندا. هن وقت سنڌ ويچاري اڳي ئي 50 سال پوئتي آھي وري هنن قبيلائي جهيڙن غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ اهڙن عملن جي ڪري اسان جي معاشري تي هيٺيان اثر تيزيءَ سان رونما ٿي رهيا آهن.

  • اسان مان ادب تيزيءَ سان موڪلائيندو وڃي نئين نسل ۾ اخلاقيات جي تمام گهڻي کوٽ نظر اچي ٿي، جيڪا اڳتي هلي سنڌي سماج کي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪيندي.
  • جهالت تيزيءَ سان وڌندي وڃي، سرداري نظام جو عروج ٿيندو وڃي. ڇو ته تعليم يافته ماڻهن جو قدر گهٽجندو پيو وڃي ۽ طاقت ۽ غرور ۾ مبتلا ماڻهو معاشري مٿان پنهنجو قبضو تيزيءَ سان مضبوط ڪندا پيا وڃن. رشوت خوريءَ جي ڪري سنڌ ۾ قابليت ڪنڊ ۾ روئي پئي ۽ نااهل ماڻهن کي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميداريون سونپيون ويو آهن.
  • غربت تيزيءَ سان وڌندي وڃي امير تمام گهڻو امير ٿيندو وڃي ۽ غريب تمام تيزيءَ سان غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ ڪري رهيو آهي. مڊل ڪلاس جنهن کي وڌڻو ۽ ويجهڻو هو اهو ان تيزيءَ سان واڌ ويجهه نه ڪري رهيو آهي.

هي سنڌ جو ماضي نه بلڪه حال آهي ۽ مستقبل اڃان وڌيڪ خوفناڪ هوندو. هي ملڪ هڪ آئين تحت هلي رهيو آهي، ادارا موجود آهن انهن سڀني کي پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري اهڙن ڏوهاري عنصرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن. جي ايئن نه ڪيو ويو ته هي قبيلائي جهيڙا هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين ٻئي کان ٽئين تائين ۽ پوءِ سڄي سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ اڻي سگهن ٿا.

قبيلائي جهيڙا تمام گهڻي تباهيءَ جو سبب بڻجن ٿا، يورپ ۾ به ان قسم جا قبيلائي جهيڙا جيستائين رهيا تيستائين يورپ به ترقي نه ڪري سگهيو. جڏهن انهن پنهنجن قبيلن اندر ترقي پسند سوچ پيدا ڪئي، انهن کي تعليم يافته ڪيو، دنيا سان گڏ هلڻ سيکاريو، سائنس جي ترقي مان انهن کي فائدو وٺڻ سکاريو ويو تڏهن انهن جي اندر تبديلي آئي ۽ هاڻي يورپ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. يورپي يونين سڀني يورپي ملڪن کي هڪ جهڙي ترقيءَ مان فائدو وٺرائي رهي آهي. نه رڳو ايترو، پر عربن جهڙي جاهل قوم جتي قبيلائي نظام اڄ به تمام گهڻو طاقتور آهي، پر ان هوندي به اهي اسان کان اڳيان نڪري ويا آهن ان جو سبب صرف اهو آهي ته هنن وقت جي ضرورت کي محسوس ڪندي قومي سطح تي تعليم کي عام ڪيو آهي ۽ سائنس جي تعليم کي خاص طور تي پنهنجي عوام اندر پکيڙ ڏني آهي، جنهن سبب عرب هينئر ڪافي تبديل ٿي چڪا آهن. اسان جي حڪومت کي به سوچڻو پوندو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻو آهي. تنهن جي لاءِ ضروري هوندو ته پنهنجي نئين نسل ۽ پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگاريو ته انشاءَالله سنڌ وري سرسبز ۽ شاداب ٿي پوندي.